مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون

بلاگ

اِي- سگريٽ يا ويپنگ جا جسماني ۽ نفسياتي نقصان

ڪيڏو نه حسين دور ھو جڏھن عزت، احترام ۽ ڊپ کان نوجوان ڪنھن وڏي جي اوچتو اچي وڃڻ تي پنھنجي ھٿ ۾ موجود دکيل سگريٽ کي پنھنجي قميص يا ڪوٽ جي کيسي ۾ لڪائي ڇڏيندا ھئا. اھو عزت ۽ احترام جو ڊپ ھو. اڄ جي نوجوان کان انھيءَ ڳالھ جي گھٽ توقع آھي. افسوس جو رھنمائي ڪندڙ استادن ۽ سجاڳ والدين جي به ھن دور ۾ اڻاٺ آھي.

بلاگ

خانگي تعليمي ادارن جي قيمت سرڪاري تعليمي ادارا ادا ڪري رهيا آهن

سرڪار جي غلط پاليسين جي نتيجن سبب سنڌ ۾ خانگي تعليم وارو ڪم ڏينھون ڏينھن، ترقي ڪري وڏي ڪاروبار واري شڪل اختيار ڪندو پيو وڃي، اھو ڪاروبار پوري طرح ھيٺئين طبقي جي ڪروڙين ٻارن جي سرڪار طرفان مفت ۽ لازمي ڪيل تعليم واري سرڪاري نظام جي سڌي طرح تباھي واري قيمت تي ھلي رھيو آھي، اڳ ۾ خانگي پرائمري اسڪول ھئا. بعد ۾ خانگي ڪاليج کليا، ھاڻ خانگي لا ڪاليج، ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج به کلي رھيا آھن، حڪومت انھن خانگي اسڪولن يا ٻين خانگي تعليمي ادارن لاءِ قانون، ضابطا ۽ اصول به طئي ڪيا آھن ۽ اسيمبلي مان بل به پاس ڪرايا آھن، پر انھن قانونن، ضابطن ۽ طئي ڪيل اصولن تي ڪرپشن عام ٿي وڃڻ ڪري مڪمل طور عمل نه ٿي رھيو آھي، ان ڪري خانگي تعليم جو نظام ڪاروبار بڻجي ويو آھي.

بلاگ

خلل ۽ ماريو جن موت کي

جڏهن اندر ۾ اوندھ ڀرجي وڃي ذھن مفلوج محسوس ٿئي، سڪون ڪوھين ڏور هجي ته ٻه شيون انسان لاءِ سڪون جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿيون سٺا دوست ۽ سٺا ڪتاب. دوستن تائين رسائي ممڪن نه ھجي ته پنهنجي لائبريري آڪسيجن جو ڪم ڏيندي آھي ڪتابن کي ڏسندي ۽ ڇھندي ئي ڪا آسيس ملي ويندي آھي.

بلاگ

مصنوعي زندگي

مصنوعي ذهانت”(Artificial Intelligence) بابت سُڌِ ته اسان مان ڪيترن ئي ماڻهن کي هوندي، جو هٿ ۾ هر وقت سمارٽ فون جهلڻ ۽ ان جي استعمال ڪرڻ دوران پاڻ کي ڪيترائي ڀيرا مصنوعي ذهانت جو واهپو ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍڻو پيو هوندو. ڪلوننگ، ڊي اين اي جهڙا اصطلاح به پاڻ ڪيترن ماڻهن وٽان ضرور ٻڌا هوندا، جو اهي سائنسي اصطلاح به اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ذڪر هيٺ آيا هوندا. “مصنوعي حياتي”(Synthetic Life) جو تصور، جيڪڏهن اسان لاءِ نئون نه به هوندو ته ان بابت نه هئڻ جوڳي هوندي.

بلاگ

انساني روايتن جي ڪهاڻي (قسط ٻين)

ڪم ڪرڻ جي روايت ڪيئن جُڙي؟ هر ڪنهن کي قانون موجب ڪم ڪرڻو آهي. ننڍڙا ٻار جڏهن ڪنهن مخصوص عمر تائين پهچن ٿا، تڏھن هو رانديڪن کي پري ڪري ڇڏين ٿا. ننڍڙيون نينگريون گهر جي ڪم ڪار ۾ پنهنجين مائرن جو هٿ ونڊائين ٿيون. ننڍڙا ڇوڪرا عام طور تي روزانو پنهنجي پيئرن جي ننڍن وڏن ڪمن ۾ مدد ڪن ٿا. اسان جڏهن اسڪول وڃون ٿا، تڏھن اسان کي شين سکڻ جي لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي.

بلاگ

ماتلي ۾ واٽر سپلاءِ اڌ صدي کان سدا بھار مسئلو

ماتلي ۾ پاڻي جي گھرجن کي مدِ نظر رکندي 2 لک گيلن واري ٽانڪي محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ 1985ع ۾ منظور ٿي، جيڪا 1988ع ۾ مڪمل ٿيڻي ھئي، سا اڄ تائين ڪنھن به ڪم جي قابل نه ٿي سگھي آھي. ماتلي ۾ پاڻي جي گھرجن جي ھيءَ 10 سالا منصوبابندي ھئي جيڪا 1998ع ۾ ختم ٿي وئي. 1998ع کانپوءِ واٽر سپلاءِ جي نئين گھرجن لاءِ نئين سر سوچڻو ھو جنھن کي به ھِن وقت تائين 30 سال ٿيڻ وارا آھن، پر ان ٽانڪي جو استعمال نه ٿي سگھيو آھي، نه ڪا نئين اسڪيم ملي سگھي آھي.

بلاگ

قومي اسيمبلي اليڪشن ايڪٽ ۾ تشريحي ترميم منظور ڪري ورتي

اڱاري ڏينهن 06 آگسٽ 2024ع تي قومي اسيمبلي اليڪشن ايڪٽ 2017ع جو تشريحي ۽ ترميمي ايڪٽ ڪثرت راءِ سان منظور ڪري ورتو. اپوزيشن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ ايوان اندر سخت قسم جو احتجاج جاري رکيو، پر بل منظور ٿي ويو. پهرين کان موجود اليڪشن جي قانون جي وڌيڪ تشريح ڪرڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي هي بل پاس ڪيو آهي جيڪو بلال اظهر ۽ زيب جعفري قومي اسيمبليءَ اندر پيش ڪيو هو.

بلاگ

پنهنجي عمر کان مٿڀرو ڳائيندڙ شڪيلان نون

ٿر جي صحرا جي سدا مَلُوڪ شھر اسلام ڪوٽ، جنهن کي هِتي جا رهاڪُو (سَلاڻُون) ڪري ڪوٺيندا آھن، وڻج واپار جي حساب سان شاهوڪار هِن شھر کان اُتر ۽ اوڀر طرف ڪُنڊ تي تقريبن 25 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي نُون برادري جا ٻه وڏا ڳوٺ نالي “سِينگارو نُون” ۽ “رانجهو نُون” موجود آھن. هِتي هنن ڳوٺن ۾ اسان جا ڪافي سارا دلبر دوست رهن ٿا. انهن محبوب يارڙن سان گڏ ھڪ اهڙو مڻيادار ماڻھو رهندو آھي، جيڪو آرٽ، ادب ۽ موسيقي بابت سرس ڄاڻ رکي ٿو،

وڌيڪ لوڊ ڪريو