جڏهن اندر ۾ اوندھ ڀرجي وڃي ذھن مفلوج محسوس ٿئي، سڪون ڪوھين ڏور هجي ته ٻه شيون انسان لاءِ سڪون جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿيون سٺا دوست ۽ سٺا ڪتاب. دوستن تائين رسائي ممڪن نه ھجي ته پنهنجي لائبريري آڪسيجن جو ڪم ڏيندي آھي ڪتابن کي ڏسندي ۽ ڇھندي ئي ڪا آسيس ملي ويندي آھي. ڪتاب پڙھندي لڳندو آھي ته ليکڪ توھان سان مخاطب آھي ۽ پنهنجي اندر جي احساسن جي ڳنڍ کولي پلٿي ھڻي پنهنجو سڀ ڪجهه توھان کي ارپي ٿو پيو، خدا پنهنجي خاص بندن تي ئي الھام ڪندو آھي. ليکڪ به ته انهن خاص بندن ۾ شمار ٿين ٿا، جن جي اندر جي ڪائنات ايتري ته وسيع آھي جو ھڪ ليکڪ ئي ٻئي ليکڪ جي ان وسيع ڪائنات کي سمجھي سگھي ٿو. مون کي هميشه اھو ليکڪ ئي مھان لڳو جنهن جي لفظن ۾ سندس پيڙاءُ سندس لڙڪ سندس درد پڙھندڙن ڏانهن منتقل ٿين کين لکندڙ جا لڙڪ به پنهنجا لڳن ته ٽھڪ به ۽ کين پنهنجي پاڻ کان بي خبر ڪري ڇڏيـن. درد رڪيل نه رھي، پر رڙھندڙ ھجي، انهن ڪيفيتن ۾ ئي ڪتاب پڙهڻ جو پنهنجو نشو طاري ٿئي ٿو.