دنيا جي قومن جي تاريخن کي جيڪڏهن ڌيان سان پڙهبو ته خبر پوندي، ته زوال پذير قومن تي جيڪڏهن ڌڻيءَ سڳوري جي مهر ٿيڻي هوندي آهي ته انهيءَ قوم جو ضمير ضرور سجاڳ ٿيندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ پوئتي پيل ۽ مظلوم سماج ۾ حق ۽ باطل سامهون ٿيندا آهن. ظلم جي حد ٿيڻ تي مظلوم سر کي ڪفن سان ٻڌي حق جي ڳولها ۾ سرگرم ٿيندا آهن ۽ اهڙيءَ حالت ۾ سندن اها ڳولها، اهو پنڌ، اها بيقراري وڃي شهادت تي دنگ ڪندي آهي. شهيدن جي رت سان رنڱيل حق ۽ سچ جي تاريخ امر هجي ٿي ۽ قومن جا اڳواڻ ۽ مهندار پنهنجي عظيم فڪر سان، پنهنجيءَ قوم ۾ نئون روح ڦوڪڻ لاءِ ۽ کين سجاڳ ڪرڻ لاءِ اهڙين عظيم قربانين، خير ۽ شر جي واقعن ۽ رُڪ وهندين راندين کي پنهنجين تحريرن، تقريرن ۽ شاعرين ۾ ورجائيندا رهندا آهن.