مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون

بلاگ

2 محرم کان 9 محرم تائين جا مختصر واقعا

شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن ڪربلا جي زمين تي تشريف فرما ٿيا، اهلبيت جا خيما درياءِ فرات جي ڪناري نصب ڪرايائون، پر حضرت غازي عباس علمدار غصي ۾ اچي ويو ۽ حر سان لڙائي لئه تيار ٿي ويو، پر شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جي چوڻ تي صبر ڪيائون ۽ خيما درياءَ جي 3 يا 4 ميلن جي مفاصلي تي کوڙيا ويا، شهيدِ ڪربلا حضرت امام حسين عليه السلام جن جنهن تي خيما نصب ڪرڻ جو فرمايو اها زمين خريد ڪيائون.

بلاگ

افغان رياست جو نظريو

ڀلا افغان رياست جو نظريو ڇا آهي؟ افغان رياست جا رياستي عنصر ۽ مضبوط ٿنڀا ڪهڙا آهن جن تي اها رياست انحصار ڪري ٿي؟ مذهبي ٽولي هجڻ جي باوجود به اهڙي ڪهڙي اڻوڻت يا رڪاوٽ آهي جنهن جي ڪري رياست ترقي نٿي ڪري سگهي؟ انهن وٽ اهي الهامي برڪتون ۽ چاهتون نٿيون لهن، انهن جا ماڻهو اڃان تائين بکون ٿا ڪاٽين، اهي دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي نٿا هلي سگهن، انهن وٽ لٽريسي ريٽ گھٽ آهي، انهن وٽ خوشحالي ناهي،

بلاگ

ڌاڙيلن کي سزا ڏيو زميندار نه بڻايو

سنڌ سرڪار جو وزير داخلا جيڪو وزير قانون پڻ آهي، ان چيو آهي ته سنڌ سرڪار هڪ اهم فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن جي مطابق ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ انهن ڌاڙيلن کي في ماڻهو پنجاهه ايڪڙ سرڪاري زمين ڏني ويندي ته جيئن هو دهشتگردي ڇڏي آبادگار بڻجي وڃي. سندس اهو بيان اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي.

ڪهاڻيون

پيءُ جي ڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه (ڪهاڻي-حصو آخري)

منافقي جي حوالي سان ڪو اسان وارو سماج اڪيلو ڪونهي. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا سماج هئا جن ۾ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي ڪا ڇوڪري وڻي ويندي هئي ۽ هو ان کي منع ڪندي هئي ته اهو همراهه ان ڇوڪري سان جنسي ڏاڍائي ڪري سندس پيءُ کي چاندي جا ٽيهه ٽڪرا ڏئي پاڻ سان وٺي ويندو هو ۽ پو ان ڇوڪري جا کٽن ڀاڳ ان جو پيءُ يا ڀائرن سان ڪوبه واسطو ڪونه رهندو هو.

بلاگ

حسين (عليه السلام) ته حسين (عليه السلام) آهي

دنيا ۾ اربين کربين ماڻھو آيا ۽ ويا تن ۾ ڪئين صاحبِ ثروت ته ڪئين صاحبِ عظمت رهيا. ڪئين اهڙا به هئا جن جي سخاوت جا چرچا رهيا. ڪئين اهڙا به هئا، جن جي شجاعت جا نعرا بلند رهيا. انهن مان ڪيترائي حڪمت ۽ دانائيءَ جا اهڃاڻ هئا ته ڪيترائي ڏاهپ ۽ سياڻپ جا نشان هئا ته وري انهن جي مقابلي ۾ ڪيترائي نادان ۽ نافرمان هئا ته ڪيترائي مشرڪ ۽ ڪافر هئا ته وري ڪيترائي جاهل ۽ صفا ڏڏ هئا. انهن ئي ماڻھن ۾ الله پاڪ جي طرفان هدايت جو سرچشمو بڻجي ڌرتيءَ جي اَسُونهن ماڻھن جي هدايت لاءِ سوا لک نبي سڳورا به آيا.

بلاگ

ڇا سنڌ به ڪڏهن روشن ٿيندي؟

وسيلن جي حساب سان ملڪ جي چئني صوبن تي نظر ڦيرائجي ته سنڌ صوبو پهرين نمبر تي نظر اچي ٿو. قدرتي وسيلن سان مالا مال هي صوبو تقريبن پوري ملڪ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو بيٺو آهي. ٽيڪس ڪليڪشن هجي، بندرگاهن جي ڳالهه ڪجي، معدنيات جي ڳالهه ڪجي، گئس جي ذخيرن جي ڳالهه ڪجي، هاڻي ڪوئلي تي پيدا ٿيندڙ بجليءَ جي ڳالهه ڪجي.

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: لوڊو اسٽار

بيڊ تي اونڌي ليٽي هن سوچڻ شروع ڪيو: “جيڪر منهنجي اڪيلائپ ختم ٿي پئي، هاڻي ته هن زندگي مان بيزاري ٿيڻ لڳي آهي.” پنجٽيهه سالن جي سورٺ ڪجهه ڏينهن کان پنهنجي اڪيلائي جي ڪري پريشان رهڻ لڳي هئي. ڪاليج ۾ به ڇوڪرين جو پريڪٽيڪل وٺندي وٺندي هو خيالن ۾ گم ٿي وئي هئي. ڪيتري ئي دير هو ڪنهن شاگردياڻي جي پريڪٽيڪل جرنل کي ويران نظرن سان تڪيندي ٿي وئي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو