مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: حاڪم

منهنجي ديس تي گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان ڪاري رات ڇانيل آهي. هتي رڳو حاڪم جو حڪم هلندو آهي، حاڪم پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿيندو آهي، پر سندس ڇاڙتا حڪومتي وهنوار هلائيندا آهن. جن کي ڏسي لڳندو آهي، اهي حاڪم آهن، پر اصل حاڪم منهنجي ديس تي ڪاري رات ڪريو ويٺو آهي. هن کي سوجهري کان ڊپ لڳندو آهي، اهو بتيءَ يا ڏيئي جو سوجهرو ڪونهي،

بلاگ

قبائلي دهشتگردي ۽ جرڳائي ڪورٽون

چوٿين جولاءِ تي گهوٽڪي ضلعي ۾ قبائلي سردارن ۽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي نگرانيءَ هيٺ ساوند ۽ سندراڻي برادرين وچ ۾ ٽن سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جي نبيري لاءِ هڪ جرڳو منعقد ڪيو ويو. جرڳي ۾ ٽن سالن کان هلندڙ ان قبائلي رتوڇاڻ کي سردارن فيصلو ڪري ٻنهي ڌُرين تي 24 خُونن جي عيوض 6 ڪروڙ 36 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو.

بلاگ

سنڌ ۾ زنده دفن ٿيل نياڻيءَ جو ڪيس ڪنهن تي داخل ڪجي؟

خبر آهي ته نوشهروفيروز لڳ ٺارو شاهه جي پاسي ۾ هڪ ظالم، پاڳل، جاهل پيءُ پنهنجي تازي ڄاول نياڻي جنهن جي عمر صرف 15 ڏينهن هئي ان کي ٻوريءَ ۾ بند ڪري قبرستان ۾ کڏ کوٽي جيئرو دفن ڪري ڇڏيو. سبب اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته ان ظالم شخص جيڪو پيءُ چورائڻ جي قابل نه آهي، کيس ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هن ٻارڙيءَ ۾ خون جي ڪمي واري بيماري ٿيليسيميا جي هجڻ جو انديشو آهي، ان ڪري هن ٻارڙيءَ کي علاج جي لاءِ حيدرآباد کڻي وڃو.

بلاگ

هائپرسومنيا (ناول: باب چوڏهون)

ھڪ ڀيرو ٻيھر ساڳي حالت ۾ اچڻ کانپوءِ عبدالرحيم اڪثر سوچيندو ھو ته، اھا ھڪ پکي ۽ ٽن ٻلين واري پينٽنگ سندس ذھن تي ايڏي سوار ڇو آھي، جڏھن ماريه اھا پينٽنگ خريد ڪري آئي ھئي ته، ھن لائونج ۾ لڳائي ڇڏي ھئي، ھو جڏھن به پنھنجي بيڊروم مان نڪرندو ھو ته، سندس نظر بي ساخته ان ڏانھن کڄي ويندي ھئي… ۽ پوءِ ڪو احساس کيس گهائي ويندو ھو.

خاص

سمرقند (قسط چوٽيهين)

جيڪڏهن پنهنجي ايراني مُهِمن مان ڪجهه بچائي کڻي آيو هئس ته بس اهي ڪجهه کوجنائون ۽ خواهشون هيون- مون کي تهران پهچڻ ۾ هڪ مهينو لڳو هو ۽ ٽي مهينا اتان ٻاهر نڪرڻ ۾ لڳا هئا- مون ايران جي گهٽين ۾ ڪجهه ننڍڙا ۽ ٿڪائي ڇڏيندڙ ڏينهن ئي گذاريا هئا، مون کي ايترو وقت ئي نه مليو جو اتان جون خوشبوئون پنهنجي دماغ جي ان حصي ۾ لاهي سگهان ۽ انهن کي محفوظ ڪري رکان ايترو وقت ئي نه مليو جو ڪنهن سان ملان ۽ ڪو مشاهدو ڪيان- ڪيترائي جسم هئا جيڪي مون کي ان منع ڪيل زمين طرف سڏي رهيا هئا:

بلاگ

بجليءَ جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ

وفاقي وزير توانائي بجليءَ جي اگهه جي واڌ جي سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو چيو ته بجليءَ جي قيمتن ۾ هاڻوڪو اضافو معمولي آهي. وفاقي وزير توانائي ڇاڪاڻ جو وزير آهي کيس ڪابه پرواهه ڪونهي، ان ڪري ان کي بجليءَ جو اضافو معمولي لڳي ٿو، پر سندس اهو بيان ملڪ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. بجليءَ جي بلن عام ماڻهوءَ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي.

بلاگ

سنڌيڪا سنڌي گرامر مان ”فعل لازمي“ جو تنقيدي جائزو

نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ پاران لکيل ڪتاب “سنڌيڪا سنڌي گرامر” سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ھن ڪتاب اندر محقق لکي ٿو ته: “افسوس اھو آھي جو موجوده دور اسان جي تعليمي ادارن ۾ گرامر تي گھٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. اھوئي سبب آھي جو اڄ اسان جو نوجوان پنھنجي پياري زبان جي لکڻ پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ غلطي ڪري ٿو،

وڌيڪ لوڊ ڪريو