سينيٽر اعظم سواتي بلوچستان پوليس ھٿان گرفتار
سينيٽر اعظم سواتي کي بلوچستان پوليس به گرفتار ڪري ورتو آھي. اڊيالا جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ سينيٽر اعظم سواتي کي بلوچستان پوليس گرفتار ڪري ڪوئيٽا رواني ٿي وئي.
سينيٽر اعظم سواتي کي بلوچستان پوليس به گرفتار ڪري ورتو آھي. اڊيالا جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ سينيٽر اعظم سواتي کي بلوچستان پوليس گرفتار ڪري ڪوئيٽا رواني ٿي وئي.
نئين آرمي چيف ۽ پاڪ فوج تي تنقيد نه ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پارٽي اڳواڻن ۽ سوشل ميڊيا ٽيم کي هدايت ڪري ڇڏي. عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف پاڪ فوج سان لاڳاپا بهتر چاهي ٿي،
بلاول ڪالوني جي رهواسي پرائمري استاد امين ميمڻ ٻڌايو ته منهنجي پگهار 87 هزار روپيا آهي، هر مهيني پئسا ڪڍرائيندو آهيان.
حيدرآباد جي احتساب عدالت بيورو آف ڪريڪيولم ڄامشورو جي فنڊز مان 738 ملين رپين جي ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي ريفرنس ۾ نامزد سمورن 6 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آھي ته آئيني ڪردار۽ جمهوريت ئي ملڪ جو بنياد آهي، مُلڪ ٽٽڻ جو سبب آمراڻي حڪومت هئي، جيستائين آئين رهندو ته مُلڪ به رهندو.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي ڪابل جي دوري دوران پاڪستان ۽ افغانستان ٻطرفن لاڳاپن لاءِ نئون ميڪنزم متعارف ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
ڪوئيٽا جي علائقي بليلي ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ ويجهو آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، جنهن ۾ 1 ٻار ۽ 1 اهلڪار شامل آهي.
1967 ۾ قائم ٿيل پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڄ 55هون يوم تاسيس نشتر پارڪ ڪراچي ۾ ٿيندو. جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.
غلامن جي هن وڪري جي ڪاروبار ۾ هتي اها ڳالهه به لکندو هلان ته غلامن جو شڪار ڪرڻ لاءِ سئو ڏيڍ سئو کن ماڻهن جو قافلو ڪنهن سامونڊي ڪناري واري شهر، خاص ڪري باگامويو جهڙي بندرگاهه مان نڪتو ٿي ۽ آفريڪا جي اندروني حصن جو رخ ڪيو ٿي.
فيفا ورلڊ ڪپ ۾ مراڪش هٿان شڪست کانپوءِ بيلجيم جي راڄڌاني برسلز ۽ ٻين شهرن ۾ هڙتالون شروع ٿي ويون.
نواز ليگ پنجاب اسيمبلي کي بچائڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، پنجاب اسيمبلي بچائڻ لاءِ نواز ليگ اتحادي پيپلز پارٽي سان رابطو ڪيو آھي.
اڳوڻي آرمي چيف رٽائرڊ جنرل قمر جاويد باجوا جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيل الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آھي ته ايل او سي هجي يا دهشتگرديءَ خلاف جنگ، فوج هميشه منهنجي آواز کي لبيڪ چيو، مون پگهر گهُريو، پر جوانن رت ڏنو، اُن ڪري ته اڄ مُلڪ محفوظ آهي.