جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17ھين سربراھ جي ڪمان سنڀالي ورتي
جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17ھين سربراھ جي ڪمان سنڀالي ورتي آھي. پاڪ فوج ۾ ڪمان جي تبديلي جي تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي.
جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17ھين سربراھ جي ڪمان سنڀالي ورتي آھي. پاڪ فوج ۾ ڪمان جي تبديلي جي تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي.
ڪينيڊا پاڪستان لاءِ ويزا آفيس ابوظهبي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته مون پنهنجي تيز ترين سينچري ٽنڊولڪر جي بيٽ سان ڪئي هئي.
روس کان سستو خام تيل خريد ڪرڻ جي معاملي تي پاڪستاني وفد ماسڪو روانو ٿي ويو. ذريعن موجب پاڪستاني وفد پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ لاهور ايئرپورٽ روانو ٿيو،
اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ سربراھ عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ واري اعلان تي ردعمل ڏنو آھي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آھي ته ڀَلي صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيو، پر قومي اليڪشن نٿي ٿي سگهي،
ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس ۽ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جن جا نالا چيف آف آرمي اسٽاف واري لسٽ ۾ شامل هئا ٻنهي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اڄ راولپنڊي ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.
سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ بجلي ۽ گيس جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي.
سعودي ولي عهد اعلان ڪيو آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2022 ۾ سعودي عرب جي حيران ڪندڙ فتح تي شاهي خاندان طرفان ٽيم جي سمورن رانديگرن کي رولز رائس تحفي ۾ ڏني ويندي.
خميس جي صبح تائين، پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت جو اصرار هو ته راند اڃا به ڪپتان جي هٿ ۾ آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي نئين چيئرمين جي مقرري جي منظوري کانپوءِ مڪمل خاموش آهي.
چين جي شهر زينگزو ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي آئي فون فيڪٽري جي ٻاهران سوين مزدور ڪمپني پاران مبينا معاهدي ۾ تبديلي جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن.
ايم سڪس ميگا موٽر وي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث ڊي سي نوشهروفيروز سميت 4 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.