مشهور اسٽيج ۽ ٽي وي فنڪار اسماعيل تارا لاڏاڻو ڪري ويو
اسماعيل تارا ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. اسماعيل تارا ڪيترن ئي ڊرامن، فلمن ۽ ٿيٽرن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيا. سندس مشهور مزاحيه شوز ۾ ’ففٽي ففٽي‘ سڀ کان نمايان آهي.
اسماعيل تارا ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. اسماعيل تارا ڪيترن ئي ڊرامن، فلمن ۽ ٿيٽرن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيا. سندس مشهور مزاحيه شوز ۾ ’ففٽي ففٽي‘ سڀ کان نمايان آهي.
جي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جي حوالي سان تقريب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا خطاب ڪندي چيو ته هو آرمي چيف طور پنهنجو آخري خطاب ڪري رهيو آهي.
سپر اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ ٻي مصيبت ۾ ڦاٿل آهي، جڏهن ته مٿس مداح جو موبائيل فون اڇلائڻ جي الزام ۾ ٻن ملڪي ميچن جي پابندي لڳائي وئي آهي.
فٽ بال ورلڊ ڪپ جي پنجين ڏينهن 4 ميچون کيڏيون وينديون، مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ نيمار جونيئر به ايڪشن ۾ نظر ايندا، پرتگال جو مقابلو گهانا سان ٿيندو، برازيل جي ٽيم سربيا سان مقابلو ڪندي.
وزيراعظم شهباز شريف جنرل عاصم منير کي نئون چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
شاهزيب قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار شاهه رخ جتوئي جي اڄ آزاد ٿيڻ جو امڪان آهي، شاهه رخ جتوئي کي 10 سالن کانپوءِ آزاد ڪيو ويندو.
ٽوئيٽر مالڪ ايلن مسڪ ميٽا جي مالڪ ميسيجنگ ايپ واٽس اپ کي سخت شڪست ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ حڪومت جي سيڪشن آفيسر پاران سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ اسلام آباد کي ليٽر لکي ڄاڻ ڏني وئي، ڊي سي نوشهروفيروز محمد تاشفين عالم 4 ڏينهن کان آفيس نه پيو اچي.
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري لاءِ 6 سينيئر جنرلن جي نالن تي ٻڌل سمري موڪلي وئي آهي.
انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا ۾ گذريل ڏينهن آيل تباهي واري زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 268 ٿي ويو آهي ۽ 151 ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن.
تعليم کاتي سانگهڙ جي مبينه نااهلي سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پاران اسڪولي شاگردن لاءِ فراهم ڪيل مفت ڪتاب تعليم کاتي شاگردن کي ڏيڻ بجاءِ ڪچري ۾ اڇلائي ڇڏيا.
فرانس ۾ هڪ برطانوي شهري دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ ناياب گولڊ فش (ڪيريٽ) پڪڙي ورتي.