مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

گوگل انٽرنيٽ ڪيبل ذريعي زلزلن جي پيمائش شروع ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪيليفورنيا گوگل عالمي سمنڊن جي فرش تي وڇايل هزارين ڪلو ميٽر ڊگهي انٽرنيٽ ڪيبل کي ڪاميابي سان زلزلي جي پيمائش جي طور تي استعمال ڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح هزارين ڪلو ميٽر ڊگهي رقبي تي پکڙيل تار کي زلزلي جي پيمائش لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. عربي سمنڊ جي تهه ۾ گوگل جديد ترين انٽرنيٽ ڪيبل ڪجهه وقت اڳ ئي وڇائي هئي. سامونڊي لهرن جي هلچل ۽ ٻين تبديلين سبب هي صحيح طريقي سان زلزلن جي پيمائش ڪري سگهي ٿي. ان حوالي سان ڪيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي جي پروفيسر زونگ وين زان ۽ گوگل جي ماهرن ٽريفڪ ڊيٽا، ڪيبل جي حرڪت ۽ دٻاءُ کي استعمال ڪندي سامونڊي طوفان ۽ زلزلن جي سڃاڻپ ڪئي آهي. ياد رهي ته صرف 9 مهينن جي دوران ڪيبل 30 سامونڊي طوفانن ۽ 20 جي ويجهو زلزلن جي ڪاميابي سان سڃاڻپ ڪئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو