مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

چين بي بي سي ورلڊ مٿان پابندي هڻي ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چين برطانوي نشرياتي اداري برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (بي بي سي) تي پابندي هڻي ڇڏي. خبر موجب چيني عملدارن بي بي سي تي چين جي ميڊيا ڪوڊ جي خلاف ورزي ڪرڻ جو الزام هڻندي ان تي پابندي هنئي آهي. چين جي نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيليويزن ايڊمنسٽريشن پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين ۾ ميڊيا جي اداري لاءِ ضروري آهي ته ان جي خبر تصديق ٿيل ۽ شفاف هجي جنهن سان چين جي قومي مفادن کي نقصان نه ٿيندو هجي. خبر موجب بي بي سي پاران سنڪيانگ بابت خبرن ۽ ڪورونا بابت هينڊلگ بابت رپورٽس جي ڪري پابندي هنئي وئي. ان حوالي سان بي بي سي جو چوڻ آهي ته اسان کي مايوسي ٿي آهي ته چيني عملدارن اهڙو قدم کنيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو