مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: يو اي اِي کي ميزباني جو اشارو ملي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

متحده عرب امارات کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميزباني لاءِ اشارو ملي ويو آهي. ٽي ٽوئنٽي 20 ورلڊ ڪپ هلندڙ سال نومبر دوران ڀارت ۾ کيڏيو ويندو جتي هن وقت ڪورونا وائرس بي قابو ٿي ويو آهي جنهن ڪري بي سي سي آءِ کي جاري آءِ پي ايل لاءِ حفاظتي قدم هڪ چئلينج آهي. موجوده صورتحال جي پسمنظر ۾ متحده عرب امارات کي ميگا ايونٽ لاءِ اسٽينڊ هاءِ قرار ڏنو ويو هو. جڏهن ته هاڻ ميزباني جي لاءِ به تيار رهڻ جو اشارو ملي ويو آهي توڙي جو ان لاءِ سريلنڪا به آڇ ڪئي، پر گهٽ آبادي ۽ نوجوانن جي اڪثريت جي ڪري يو اي اِي کي ترجيح ڏني وئي آهي. بي آءِ سي سي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايونٽ اڃان 6 مهينا پوئتي آهي تنهنڪري منتقلي جي حوالي سان ڪنهن به فيصلي جي توقع ناهي، وقت اچڻ تي ئي ڪو قدم کنيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو