مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فيس بڪ پاران ڊونلڊ ٽرمپ جي اڪائونٽ تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

فيس بڪ جي نگران بورڊ اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ جي اڪائونٽ تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نگران بورڊ ريويو ۾ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ اهڙو ماحول ٺاهيو جنهن سان تشدد کي هوا ڏيڻ جو خطرو موجود آهي. نگران بورڊ 6 مهينا اڪائونٽ تي پابندي واري فيصلي تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته فيس بڪ اڳوڻي صدر تي پابندي جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي ذميواري هڪ خود مختار نگران بورڊ جي حوالي ڪئي آهي. فيس بڪ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي ڏني وڃي ۽ ڪنهن کي پليٽ فارم تان هٽايو وڃي ان جو حتمي فيصلو نگران بورڊ ڪندو آهي. آمريڪي ڪانگريس تي حملن کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تائين پهچ حاصل نه آهي. ٽرمپ صدارت جي عهدي تي رهڻ دوران سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪيو هو. هوڏانهن ميڊيا رپورٽن موجب فيس بڪ جو فيصلو اچڻ کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن ۾ فراڊ جو الزام ٻيهر ورجايو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو