مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سعودي عرب پاڪستان سميت ويهه ملڪن مٿان سفري پابنديون لڳائي ڇڏيون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

رياض سعودي عرب پاڪستان سميت 20 ملڪن مٿان سفري پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. پابنديون اڄ رات نو وڳي کان اڻڄاڻايل مدي تائين لاڳو هونديون. سعودي جي گهر وزارت جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته سفارتي اهلڪار پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ان جي گهر ڀاتين کي عارضي پابندي کان ڇوٽ هوندي. جن ملڪن تي پابنديون لڳايون ويون آهن انهن ۾ پاڪستان، ڀارت، متحده عرب امارات، آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ جاپان به شامل آهن. ڪئناڊا، سائوٿ آفريقا، مصر، لبنان، ارجنٽينا، برازيل، انڊونيشيا، آئرلينڊ، اٽلي، پرتگال، سوئيڊن ۽ ترڪي به ان پابندي ۾ شامل آهي. پابندي ڪورونا وبا تي قابو ڪرڻ جي لاءِ لڳائي وئي آهي. مسافرن جي آساني لاءِ قومي ايئر لائين پي آءِ اي تي پابندي جي لاڳو کان اڳ سعودي عرب آپريشن جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان پي آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته پابندي ختم ٿيندي ئي سمورين بڪنگن کي پهرين اڏامن تي بحال ڪيو ويندو. مسافر وڌيڪ ڄاڻ يا بڪنگ جي تبديلي لاءِ پي آءِ اي سان رابطي ۾ رهن. ياد رهي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم سامهون اچڻ کانپوءِ سعودي عرب گذريل سال ڊسمبر ۾ به عالمي اڏامن مٿان پابندي لڳائي هئي. جيڪا 3 جنوري 2020 تي ختم ڪئي وئي هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو