مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سعودي عرب سموريون عالمي اڏامون هڪ هفتي لاءِ معطل ڪري ڇڏيون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سعودي عرب ۾ سموريون عالمي اڏامون هڪ هفتي جي لاءِ معطل ڪيون ويون آهن. رپورٽ موجب سعودي جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب برطانيه سميت مختلف يورپي ملڪن ۾ ڪورونا وبا جي نئين شڪل سامهون اچڻ کانپوءِ سعودي عرب سمورين عالمي اڏامن جي اچ وڃ مٿان هڪ هفتي جي لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. گهرو وزارت موجب پابندي عارضي آهي پر صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. صحت واري وزارت جي هدايتن تي اهو فيصلو نئين قسم جي وائرس سبب مقامي شهرين سميت پرڏيهي ماڻهن کي محفوظ رکڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي 8 ڊسمبر 2020 کانپوءِ ڪنهن به يورپي يا اهڙي ملڪ مان آيا آهن جتي اها وبا پکڙجي آهي اهي ماڻهو 14 ڏينهن جي لاءِ پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏين. جڏهن ته اهي ماڻهو جيڪي گذريل 3 مهينن جي اندر ڪنهن به يورپي يا اهڙي ملڪ مان آيا آهن جتي اها وبا پکڙجي آهي انهن کي گهرجي ته اهي فوري طور تي پنهنجي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو