مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

روينا ٽنڊن به روزو رکي مسلمان ساهيڙين سان افطاري ڪئي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڀارتي اداڪارا روينا ٽنڊن به سومر تي پنهنجي مسلمان ساهيڙين سان روزو رکي انهن سان ئي گڏ افطار به ڪيو. روينا ٽنڊن مذهبي ڀائيچاري جو مثال قائم ڪندي هڪ پوسٽ انسٽا گرام تي شيئر ڪئي جنهن ۾ کيس پنهنجين ٻن ساهيڙين سان خوش ڏسي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته سومر تي اسان گڏ روزو افطار ڪيو. گڏوگڏ هن مختلف هيش ٽيگس جو استعمال ڪيو ۽ ٻڌايو ته سندس دوستي کي 32 ورهيه مڪمل ٿي ويا آهن. ياد رهي ته هندو پيروڪار به سومر ڏهاڙي روزو رکندا آهن. هي هفتي جي سڀ کان سٺن ڏينهن مان هڪ آهي ان ڏينهن ڪيلاش جي چوٽين تي رهندڙ ديوتا ڀڳوان شِو جي احترام ۾ هندو پيروڪار روزو رکندا آهن. ٻئي پاسي سڄي دنيا جا مسلمان به رمضان جا روزا رکي رهيا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو