مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

دوحا معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي ته سخت رد عمل ڏينداسين: طالبان ترجمان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته دوحا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته سخت رد عمل ڏينداسين، برطانوي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي سهيل شاهين جو چوڻ هو ته سمورن غير ملڪي فوجين کي طئي ٿيل تاريخ تائين افغانستان کان وڃڻو پوندو نه ته سخت رد عمل ڏينداسين، هن جو چوڻ هو ته غير ملڪي فوجين جي وڃڻ بعد فوجي ڪنٽريڪٽرز سوڌو غير فوج کي افغانستان ۾ نه رهڻ گهرجي، دوحا معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي ته ڪيئن اڳتي وڌڻو آهي اهو فيصلو طالبان قيادت ڪندي، طالبان ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان سفارتخانن، اين جي اوز ۽ ان ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي خلاف نه آهيون، اسان غير ملڪي فوجي قوتن جي خلاف آهيون، اسان سفارتخانن، اين جي اوز ۽ ان ۾ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ رڪاوٽون نه وجهنداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو