مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

خطي ۾ امن لاءِ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهيون: سعودي عرب

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سعودي عرب جي پرڏيهي نائب وزير عادلالجبير اعتراف ڪيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي. عرب نيوز موجب عادلالجبير چيو آهي ته سعودي عرب پوري خطي ۾ امن چاهي ٿو ۽ ان جي لاءِ ڪيتري ئي سطح تي ڪوشش ڪندو آهي، هن چيو ته علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مستقل ڪوشش ڪندا رهندا آهيون، چاهي اهو اسرائيل ۽ فلسطين ۾ امن هجي يا لبنان، شام، عراق، ايران ۽ افغانستان جو معاملو هجي. ايتري تائين به جو اسان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ به ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، چاهي سوڊان ۾ استحڪام پيدا ڪرڻو هجي يا لبيا ۾ جنگ جو خاتمو هجي، اسان هر جاءِ تي مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو