مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

برطانيا ۽ ڪئناڊا گڏجي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي دوا ايجاد ڪري ورتي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

برطانوي ۽ ڪئنڊين ٻن ڪمپنين گڏيل طور ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي دوا ايجاد ڪري ورتي آهي، جنهن کيNONS نائٽرڪ اوڪسائيڊ نيزل اسپري جو نالو ڏنو ويو آهي، SaNOtize نالي ڪمپني ڪلينيڪل ٽرائيل ٽيسٽ بعد رزلٽ نشر ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته برطانيا جي ايشفرڊ اينڊ سينٽ پيٽرس هاسپيٽل اين ايڇ ايس ٽرسٽ سَرَي پاران NONS کي محفوظ دوا جو درجو ڏنو آهي، سَرَي اين ايڇ ٽرسٽ پاران چيو ويو آهي ته نائٽرڪ اوڪسائيڊ نيزل اسپري NONS 99 سيڪڙو محفوظ آهي، نڪ ۾ اسپري ڪري ان دوا جو استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسپري بعد 24 ڪلاڪن جي اندر 95 سيڪڙو ڪورونا وائرس جا وائرس مري وڃن ٿا، جڏهن ته 72 ڪلاڪن جي اندر 99 سيڪڙو ڪورونا جا وائرس مري وڃن ٿا. جڏهن ته نائٽرڪ اوڪسائيڊ نيزل اسپري NONS ڪورونا وائرس مريض ۾ ٻيهر ڪورونا وائرس جي حملي کان بچاءُ جي صلاحيت به آهي، نئين وائرس جي حملي کي به اها دوا روڪي ٿي ۽ ماحول ۾ پيدا ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ کان به روڪي ٿي. ان حوالي سان اسرائيل ۽ نيوزيلينڊ دوا جي سرڪاري طور وڪري جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اسرائيل ۽ نيوزيلينڊ جي اسپتالن ۾ اها دوا اڄ کان سرڪاري طور ڪورونا وائرس جي بچاءُ طور استعمال ڪئي ويندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو