مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

برطانوي راڻي الزبٿ 96 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

برطانوي راڻي الزبٿ (ٻي) 96 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. برطانوي ميڊيا موجب شاهي محل بڪنگهم پيلس راڻي جي لاڏاڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي حڪومت راڻي جي لاڏاڻي تي 10 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. برطانوي ميڊيا موجب راڻي جي تدفين لنڊن برج آپريشن جي منصوبي تحت ٿيندي. تابوت کي شاهي ٽرين تي سينٽ پينڪراس ريلوي اسٽيشن لنڊن منتقل ڪيو ويندو ۽ پوءِ ريلوي اسٽيشن کان تابوت بڪنگهم پيلس آندو ويندو. رپورٽن موجب راڻي جون آخري رسمون 10 ڏينهن کانپوءِ ويسٽ منسٽرابي تي ادا ڪيون وينديون ۽ آخري رسمن وقت ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ پوءِ راڻي کي ڪنگ جارج ميموريل چيپل ونڊزر ۾ دفنايو ويندو. برطانوي ميڊيا موجب راڻي جي آخري رسمن جي ڏينهن قومي موڪل هوندي، راڻي کي دفنائڻ واري ڏينهن لنڊن اسٽاڪ، بئنڪ ۽ سمورا اهم ادارا بند رهندا

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو