مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ايران کي نه روڪيو ويو ته هو ڪجهه هفتن ۾ ايٽم بم ٺاهي وٺندو: آمريڪي پرڏيهي وزير

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي پرڏيهي وزير امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ايران ڪجهه هفتن يا مهينن ۾ ايٽم بم ٺاهي وٺندو.

پرڏيهي وزارت جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي پهرئين انٽرويو ۾ انٽوني بلنڪن چيو آهي ته ايران سان جوهري تڪرار شديد ٿي سگهي ٿو ڇو ته ايران معاهدي تحت مٿس مڙهيل پابندين تي عمل نه ڪري پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو ۽ هن جي لاءِ ايٽم بم ٺاهڻ هفتن جي ڳالهه هوندي، ايران تيزيءَ سان ايٽمي طاقت ٿيڻ جي ويجهو ٿي ويو آهي.

ٽرمپ صدر اوباما جي دور ۾ ايران سان ٿيل جوهري هٿيارن جي روڪٿام جي معاهدي کي هڪ طرفو ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ايران تي 2018 ۾ سخت ترين پابنديون به مڙهيون هيون پر بائيڊن جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اڳوڻي معاهدي تي پابندي جي شرط تي ايران ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو