مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسرائيلي آرمي چيف ايران مٿان حملي جي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسرائيلي آرمي چيف ايويو ڪوچاوي ايران مٿان حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. اسرائيلي آرمي چيف ايويو ڪوچاوي چيو آهي ته اسرائيلي آرمي ڪنهن به وقت ايران تي حملي لاءِ تيار آهي. اسان فوج کي ايران جي خلاف امڪاني ڪارروائي جي لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. ايويو ڪوچاوي جو چوڻ هو ته آمريڪي انتظاميه ايران نيو ڪليئر ڊيل ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪري. ايٽمي ڊيل ۾ شامل ٿيڻ سان ايران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي قابل ٿي ويندو. اسرائيلي آرمي چيف چيو ته ايران وٽ ايٽم بم ٺاهڻ جي صلاحيت نه هجڻ گهرجي. ايران تي دٻاءُ برقرار رکڻ جي لاءِ هر قسم جا قدم کڻنداسين. ليفٽيننٽ جنرل ايويو ڪوچاوي اسرائيلي ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب ڪندي چيو ته اسان غزه ۽ لبنان کي به خبردار ڪريون ٿا ته هو اهڙن علائقن کي خالي ڪري ڇڏين جتي اسان جي خلاف هٿيار ذخيرو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اسان جي فوج سخت حملي جي لاءِ تيار آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو