مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪا ۽ ايران جو جوهري معاهدي تي “ورڪنگ“گروپ” جي قيام تي اتفاق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آسٽريا جي راڄڌاني ويانا ۾ جوهري معاهدي تي ٿيل آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو. عالمي خابرو اداري موجب يورپي يونين جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ عالمي جوهري معاهدي ۾ واپسي بابت ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿيو جنهن ۾ جوهري معاهدي جي ٻين ڌرين پڻ شرڪت ڪئي. آمريڪا ايران سميت يورپي يونين ۽ جوهري معاهدي جي ٻين ڌرين ڳالهين جي پهرئين دور کي مثبت ۽ تعميري قرار ڏنو آهي. جڏهن ته ڳالهين ۾ شامل سمورين ڌرين ايران تي لڳل پابندين ۽ آمريڪا جي جوهري معاهدي ۾ واپسي لاءِ هڪ ٻئي ورڪنگ جي قيام تي اتفاق ڪيو آهي. پنهنجي الڳ الڳ بيانن ۾ آمريڪا ۽ ايران چيو آهي ته کين جلد ۾ ڪنهن ڪاميابي جي اميد ناهي، پر شروعاتي ڳالهه ٻولهه مثبت رهي ۽ مستقبل ۾ ٻئي ملڪ مثبت انداز ۾ اڳڀرائي جاري رکندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو