مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڀارتي چيف آف ڊفينس ۽ سندس گھرواري سميت 13 ڄڻا فضائي حادثي ۾ اجل جو شڪار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ڀارتي فضائيا جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ چيف آف ڊفينس جنرل بپن راوت ۽ مسز مڌو ليڪا راوت سميت 13 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. ڀارتي فضائيا موجب ايم آءِ 17 وي فائيو هيلي ڪاپٽر ۾ جنرل بپن راوت سميت 9 ڄڻا ۽ عملي جا 4 ميمبر سوار هئا. ڀارتي فضائيا جو چوڻ آهي ته جنرل بپن راوت ڀارتي رياست تامل ناڊو جي ضلعي نيلا گيري ۾ ڊفينس سروسز اسٽاف ڪاليج ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته ڪونور ڀرسان هيلي ڪاپٽر سان حادثو پيش آيو، اڏام دوران ئي هيليڪاپٽر کي باهه لڳي وئي، جنهن کانپوءِ هيٺ ڪري تباهه ٿي ويو. ڀارتي فضائيا جنرل بپن راوت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو ۽ ان جي گهرواري مڌو ليڪا راوت سميت 13 ڄڻا حادثي ۾ فوت ٿيا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ 13 لاش مليا آهن، جن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي ويندي. ڀارتي ايئر فورس چيو آهي ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي.  

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو