مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هرڻ به ڪورونا وائرس کان نه بچي سگھيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

گذريل ٻن سالن کان سڄي دنيا ڪورونا وائرس جي وڪڙ ۾ آهي، وبا سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن جڏهن ته وبا خلاف تيار ڪيل ويڪسين جو سلسلو پڻ جاري آهي ۽ هاڻ وري انسانن ۽ ٻين مختلف جانورن کانپوءِ آمريڪا جي زراعت کاتي اوهائيو ۾ هڪ هرڻ جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. زراعت کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اڇي پُڇَ وارو جهنگلي هرڻ سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙ پهريون هرڻ آهي. بيان موجب ان کان اڳ مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هرڻ  وائرس مان متاثر ٿي سگھن ٿا جڏهن ته ڪجهه جهنگلي هرڻن ۾ وائرس جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اينٽي باڊيز به موجود آهن، پر اڃان تائين ڪنهن به هرڻ ۾ انفيڪشن جا ڪلينيڪل آثار نظر اچڻ جا ڪي به اطلاع نه آهن. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ جانورن ۾ ڪووڊ 19 جا ڪيس سامهون آيا آهن جن ۾ ڪتو، ٻليون، شينهن، برفاني چيتو، اٺ ۽ گوريلا وغيره شامل آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو