مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

شهزادي هيري ۽ ميگهن جي انڪشافن بعد شاهي خاندان جو ردعمل اچي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

لنڊن: برطانوي شاهي خاندان تي شهزادي هيري جي زال جي الزامن تي برطانيا جي ملڪه ايلزبيٿ جو ردعمل سامهون اچي ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا جي ملڪه چيو آهي ته کيس سندس پوٽي شهزادي هيري ۽ سندس زال کي آيل ڏکين حالتن تي افسوس آهي ۽ سندس پٽ تي نسل پرستاڻي تبصرن بابت خانگي طور تي ڳالهائڻ جو واعدو ڪري ٿي.

بڪنگهم پيلس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته کيس خاص ڪري نسل پرستي جي حوالي سان اٿاريل سوالن تي ڳڻتي آهي، توڙي جو بيان ڪيل واقعن جا تفصيل مختلف ٿي سگهن ٿا پر انهن کي سنجيدگي سان ڏٺو پيو وڃي ۽ شاهي خاندان خانگي طور ان تي ڳالهائيندو.

شاهي محل کان جاري بيان ۾ برطانيا جي ملڪا وڌيڪ چيو آهي ته شهزادي هيري، ميگهن ۽ انهن جو پٽ آرچي هميشه خاندان جو هردلعزيز حصو رهيا آهن.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو