مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بائيڊن جو مودي سان ٽيلفون تي رابطو، علاقائي سلامتي تي اتفاق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن ۾ علاقائي سلامتي کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. خبر موجب سفارتڪارن جو چوڻ هو ته ڀارت، آمريڪا، جاپان ۽ آسٽريليا چئن ملڪن جو هڪ گروپ آهي جن کي واشنگٽن چين جي وڌندڙ سياسي، واپاري ۽ فوجي سرگرمين خلاف بچاءَ جي ديوار طور ڪم ڪرڻ جو ڏس ڏئي رهيو آهي. بائيڊن گذريل مهيني منصب سنڀالڻ بعد پهريون ڀيرو نريندر مودي کي فون ڪيو هو ۽ چيو ته ڀارت ۽ آمريڪا جا لاڳاپا جمهوري قدرن جي گڏيل عزم تحت هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. وائٽ هائوس هڪ بيان ۾ چيو ته نيوي گيشن جي آزادي، علاقائي سالميت سميت ٻين معاملن تي سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو