مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کان غزه تي حملا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کان غزه تي حملن ۾ فوري طور تي گهٽتائي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. وائٽ هائوس موجب آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کان غزه تي حملن ۾ فوري طور تي گهٽتائي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته نيتن ياهو جوبائيڊن کي ٻڌايو ته هدفن کي حاصل ڪرڻ تائين غزه ۾ جنگي ڪارروائي جاري رهندي. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي وڊيو  بيان ۾ به حماس جي خلاف حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان علاوه اسرائيلي فوج غزه ۾ حماس جي 100 ڪلو ميٽر ڊگهي سرنگن کي تباهه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي ۽ اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 242 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 1500 کان وڌيڪ زخمي آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو