مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪا ۾ به فلسطين جي حق ۾ آواز بلند ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن: شاهه محمود قريشي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا ۾ به فلسطين جي حق ۾ آواز بلند ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فسلسطين جي حوالي سان جاري سفارتي ڪاوشن بابت بيان ۾ چيو آهي ته ڪوشش آهي ته مظلوم فلسطينين جي حق ۾ او آءِ سي پليٽ فارم کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪريون. هن چيو ته پاڪستان جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته هن مسئلي تي سمورا مسلمان ملڪ گڏ ٿين. اڄ مان ترڪ ۽ فلسطين جي پرڏيهي وزيرن سان گڏ نيويارڪ روانو ٿي رهيو آهيان. شاهه محمود قريشي چيو ته سوڊاني پرڏيهي وزير به اسان سان گڏ نيويارڪ روانا ٿيندا ۽ 20 تاريخ خميس جي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هن معاملي کي اٿارينداسين. هن چيو ته يورپي ملڪن ۾ رهندڙ 6 ڪروڙ مسلمانن کي گذارش آهي ته هو پنهنجي پنهنجي حڪومتن تي دٻاءُ وجهن ۽ اڄ ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي گادي وارن هنڌن ۾ وڏا وڏا مظاهرا ٿي رهيا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندن به سيز فائز جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ فلسطين جي معاملي تي يڪجهتي جي ڪاوشن کي آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ آمريڪا ۾ به فلسطين جي حق ۾ آواز اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ فلسطين بابت سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان جو ڪردار به تعريف جوڳو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو