مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪا جوهري معاهدي ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا عالمي طاقتن سان ايران بابت جوهري معاهدي جو حصو ٿيڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي جنهن تان آڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو هو. ڊونلڊ ٽرمپ 2018 ۾ ايران ۽ ٻين عالمي طاقتن وچ ۾ طئي ٿيل جوهري معاهدي کان الڳ ٿيو جنهن کانپوءِ ايران به پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت معاهدي تان واپسي جو اعلان ڪيو هو، پر هاڻ نئين آمريڪي صدر جوبائيڊن هڪ دفعو ٻيهر معاهدي ۾ شامل ٿيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا يورپي يونين پاران ايران بابت جوهري معاهدي تي ڳالهين جي دعوت قبول ڪئي آهي. ٻئي طرف ايران باضابطه طور تي يورپ طرفان ڳالهين جي بحالي لاءِ ڪيل آڇ جو ڪو جواب نه ڏنو آهي. 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو