مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

عمر شريف جي علاج لاءِ سنڌ حڪومت طرفان وڏو پئڪيج ڏيڻ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ حڪومت نامياري اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي علاج لاءِ ايئر ايمبولينس جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ علاج لاءِ 4 ڪروڙ رپين جي رقم به جاري ڪري ڇڏي. ناڻي کاتي سنڌ جي نوٽيفڪيشن موجب عمر شريف جو آمريڪا مان علاج ڪرائڻ لاءِ 4 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن، ان کانسواءِ ايئر ايمبولينس جو بندوبست به ڪيو ويو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي عمر شريف جي پُٽ جواد عمر ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب والد جي لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، اميد ته والد جلد علاج جي لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويندو. جواد عمر چيو ته والد جي صحتيابي لاءِ دعائون ڪرڻ تي سندس مداحن جو ٿورائتو آهيان.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو