مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاگ

بلاگ

سرڪار ﷺ جي آمد مرحبا

الله رب العالمين عز و جل جا ڪروڙ ها ڪروڙ بيشمار احسانات جو انهيءَ اسان کي اهڙي آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جو امتي بڻايو آهي. جنهن جي لاءِ تمام انبياءَ ڪرام، رسولن، پيغمبرن امتي ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪندي فخر محسوس ڪيو ۽ انهيءَ عظيم هستيءَ جي پوئلڳي ۾ پنهنجي دائمي عافيت سمجهندي هر وقت درود و سلام جي ڪثرت ڪري الله جو راضپو حاصل ڪيو. هونئن ته پوري دنيا ۾ هر هنڌ تي بيشمار انسان ته انسان پر پرنده چرندا، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، هر خشڪ و تر الله عز و جل جي پياري حبيب رئوف رحيم حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جي نعت خواني ڪرڻ لاءِ مختلف انداز ۾ ثنا خواني ڪندا رهن ٿا.

بلاگ

آئيني ترميمن وارو بل رولڙي جو شڪار

تجويز هيٺ آيل آئيني ترميمي بل جنهن لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس آچر تي ٿيو، پر لڳي ٿو ته سياسي پارٽين ۾ انهن آئيني ترميمن تي يڪسوئي نه آهي. سڌ سماءَ جا ذريعا اهو ٻڌائين ٿا ته آئيني ترميمن جي بل ۾ مجموعي طور 54 تجويزون شامل آهن. انهيءَ دستاويز ۾ جيڪو اڃان منظور ٿيڻو آهي ان ۾ 54 تجويزون شامل آهن، جن ۾ اهم آرٽيڪل 63 ۽ 63-A ۾ پارلياماني پارٽي جي هدايتن جي خلاف ووٽ ڪرڻ تي ان ووٽ کي شمار ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي.

بلاگ

ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ هڪ وڌيڪ موٽروي ٺاهڻ جو فيصلو

قومي اسيمبلي جي رٿابندي واري قائمه ڪميٽي ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ هڪ وڌيڪ موٽروي ٺاهڻ جو فيصلو ٿيو آهي ۽ اهو نئون موٽروي ڪراچي جي سامونڊي بندرگاهه سان ڳنڍيو ويندو. روڊ، رستا ۽ موٽرويز، زراعت، صنعت، واپار ۽ زندگيءَ جي مڙني شعبن لاءِ ضروري آهن. جيئن ته ڪراچي جو شهر پاڪستان جي مالياتي نظام جو مرڪز آهي ۽ حيدرآباد شهر صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. حيدرآباد جي واپار جي هڪ وڌيڪ خوبي اها آهي ته اهو زراعت سان لاڳاپيل آهي. زرعي جنسون، ڀاڄيون ۽ ميون جي ڪراچي تائين رسائي ۽ حيدرآباد کان ملڪ جي ٻين حصن تائين رسائي جو مکيه هنڌ آهي. انهيءَ جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جيترا به روڊ رستا ۽ موٽر ويز هوندا اوترو اچ وڃ ۽ سامان جي ترسيل ۾ سولائي ٿيندي.

بلاگ

ڊائري جا ورق

ساجن لنڊن ۾ آهي، ياد به ايندو آهي. اڪثر ڳالهائيندا رهندا آهيون، پر جڏهن کان مون کي دل جي بيماري کانپوءِ، وري ٻيا عارضا ٿيا آهن، گردن ۽ نرن جا. تن کي به اچي مهينو کن ٿيو آهي، فائدو نه آهي. ائين ٿو لڳي ته هاڻ زندگي جي پڇاڙي اچي ٿي آهي. بيمارين اچي ورتو آهي. ٻي ته ڪا تمنا نه آهي، پر ساجن ياد ايندو آهي. سارنگ، منهنجي علاج ۽ خذمت ۾ لڳل آهي، علاج به مهانگو آهي، پر سارنگ دل سان خدمت ڪري رهيو آهي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو