مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاگ

بلاگ

شھيد نذير عباسي جي ياد ۾

ٽنڊوالھيار سميت سموري سنڌ جي سياست عجيب ٿي ڏسجي اڄ شھيد نذير عباسي جي ورسي جو ڏکوئيندڙ ڏينھن آھي، پر گھڻي ڀاڱي خاموشي درگذري ۽ بي خبري وارو ماحول ٿو ڏسجي. ڇو جو مفاد پرستي پنهنجا مضبوط چنبا کوڙي ڇڏيا آهن، جنهن سبب اڪثر سياسي ورڪرن به ھاڻ اھا پراڻي عوامي سياست ڇڏي ڏني آهي. جيڪا اڳ ۾ غريب عوام جو آواز بنجڻ جي لاءِ ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي سياسي ورڪر ۽ دانشور فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي ئي نظر اچن ٿا. ھو خاموش رھڻ پسند ڪن ٿا ۽ پنهنجن پوسٽن تي واھ واھ پسند ٿي ويا آھن. ھنن مان ڳالھائڻ جي سگھ جھڙوڪر ختم ٿيندي وڃي. ھي پنهنجي پارٽي ۾ به تنقيدي پھلو يا سچائي واري ڳالھ ڪرڻ کان قاصر ٿا ڏسجن. ھو پنهنجن اڳواڻن کي عوام جي ڀلائي واسطي بھتر راءِ ڏيڻ ۾ به جھڙوڪر گھٻرائين ٿا.

بلاگ

بلوچ نوجوانن جي بغاوت کي ختم ڪري سگهجي ٿو

بلوچستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان عليحدگي پسند تحريڪون هلي رهيون آهن، جنهن سبب رياست انهن تي ناراضگي جو اظهار ڪندي رهي ٿي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪي سرحدون غير محفوظ رهيون آهن، پر انهن سرحدي علائقن ۾ بغاوتون وڌنديون رهن ٿيون. اها به حقيقت آهي ته اهي سرحدي علائقا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن، ان ڪري بلوچ عليحدگي پسند گروهن ۽ اتان جي عام خلق کي اها شڪايت آهي ته بلوچستان صوبي جا ماڻهو غريب ترين آهن، جيڪي انهيءَ معدني ڌن دولت کان محروم رکيا ٿا وڃن.

بلاگ

دوست ملڪن جو پاڪستان جي مالياتي شعبي ۾ تعاون

پاڪستان، چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات کان رهيل قرضن جي مدي ۾ واڌ جي پڪ حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 7 ارب ڊالر قرض جي پروگرام لاءِ انهيءَ پروفائلنگ جي ضرورت هئي. ملڪ جي خزاني واري وزارت چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ قرضن ۾ حاصل ٿيل سهولتن جو اقرار ڪيو آهي ۽ انهيءَ سڄي عمل کان عالمي مالياتي اداري انٽرنيشنل مالياتي فنڊ کي آگاهه ڪيو ويو آهي.

بلاگ

جيئي لطيف

شاھ سائين جي ايم سيد “پيغام لطيف” ۾ لکي ٿو ته: شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن طبقي کي سڀ کان گهڻو ساراهيو آهي، سو سنڌي عوام جو اهو طبقو هو، جنهن جا فرد سنڌي ڳوٺاڻا، خانه بدوش، مال چاريندڙ، ڏٿ تي گذران ڪندڙ، پلا ۽ مڇيون ماريندڙ، کٿا ۽ لويون پهريندڙ، اڌ اگهاڙا، اڌ ڍڪيل، ٻيلن ۽ جهنگن ۾ رهندڙ هئا. شاهه لطيف انهيءَ عوام ۾ سنڌ جو حقيقي روح سمايل ڏٺو.

بلاگ

ڪراچيءَ کان بدين تائين (حصو پهريون)

نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو جنهن ڏينهن جو ڪيترن ئي ڏينهن کان شديد انتظار هو. ڇو ته 50 ڏينهن لڳاتار نوڪري ڪرڻ بعد جڏهن 12 ڏينهن جي موڪل ملندي آهي ته انهيءَ ويل ايئن محسوس ٿيندو آهي جيئن ڪنهن ڦاسيءَ جي انتظار ۾ ويهي ڏهاڙا ڳڻيندڙ قيديءَ کي آزاديءَ جو پروانو ملي ويو هجي، ها واقعي به آزاديءَ ۽ غلاميءَ ۾ ڏينهن ۽ رات، سج ۽ چنڊ، موت ۽ زندگيءَ جيترو فرق آهي، پر پوءِ به خبر ناهي ته ڇو ماڻهو آزاديءَ بجاءِ غلاميءَ کي ترجيح ڏين ٿا، ڪاش اسان قبيلا پرست نه پر هڪ قوم هجون ها ته اڄ آزاد هجون ها، مگر هتي ته هڪ قوم جا ڪيترائي رهبر آهن جن جا نظريا، آئين ۽ منشور به جدا جدا آهن جن جو هاڻي ڳنڍجڻ به ناممڪن آهي.

بلاگ

اِي- سگريٽ يا ويپنگ جا جسماني ۽ نفسياتي نقصان

ڪيڏو نه حسين دور ھو جڏھن عزت، احترام ۽ ڊپ کان نوجوان ڪنھن وڏي جي اوچتو اچي وڃڻ تي پنھنجي ھٿ ۾ موجود دکيل سگريٽ کي پنھنجي قميص يا ڪوٽ جي کيسي ۾ لڪائي ڇڏيندا ھئا. اھو عزت ۽ احترام جو ڊپ ھو. اڄ جي نوجوان کان انھيءَ ڳالھ جي گھٽ توقع آھي. افسوس جو رھنمائي ڪندڙ استادن ۽ سجاڳ والدين جي به ھن دور ۾ اڻاٺ آھي.

بلاگ

خانگي تعليمي ادارن جي قيمت سرڪاري تعليمي ادارا ادا ڪري رهيا آهن

سرڪار جي غلط پاليسين جي نتيجن سبب سنڌ ۾ خانگي تعليم وارو ڪم ڏينھون ڏينھن، ترقي ڪري وڏي ڪاروبار واري شڪل اختيار ڪندو پيو وڃي، اھو ڪاروبار پوري طرح ھيٺئين طبقي جي ڪروڙين ٻارن جي سرڪار طرفان مفت ۽ لازمي ڪيل تعليم واري سرڪاري نظام جي سڌي طرح تباھي واري قيمت تي ھلي رھيو آھي، اڳ ۾ خانگي پرائمري اسڪول ھئا. بعد ۾ خانگي ڪاليج کليا، ھاڻ خانگي لا ڪاليج، ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج به کلي رھيا آھن، حڪومت انھن خانگي اسڪولن يا ٻين خانگي تعليمي ادارن لاءِ قانون، ضابطا ۽ اصول به طئي ڪيا آھن ۽ اسيمبلي مان بل به پاس ڪرايا آھن، پر انھن قانونن، ضابطن ۽ طئي ڪيل اصولن تي ڪرپشن عام ٿي وڃڻ ڪري مڪمل طور عمل نه ٿي رھيو آھي، ان ڪري خانگي تعليم جو نظام ڪاروبار بڻجي ويو آھي.

بلاگ

خلل ۽ ماريو جن موت کي

جڏهن اندر ۾ اوندھ ڀرجي وڃي ذھن مفلوج محسوس ٿئي، سڪون ڪوھين ڏور هجي ته ٻه شيون انسان لاءِ سڪون جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿيون سٺا دوست ۽ سٺا ڪتاب. دوستن تائين رسائي ممڪن نه ھجي ته پنهنجي لائبريري آڪسيجن جو ڪم ڏيندي آھي ڪتابن کي ڏسندي ۽ ڇھندي ئي ڪا آسيس ملي ويندي آھي.

بلاگ

مصنوعي زندگي

مصنوعي ذهانت”(Artificial Intelligence) بابت سُڌِ ته اسان مان ڪيترن ئي ماڻهن کي هوندي، جو هٿ ۾ هر وقت سمارٽ فون جهلڻ ۽ ان جي استعمال ڪرڻ دوران پاڻ کي ڪيترائي ڀيرا مصنوعي ذهانت جو واهپو ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍڻو پيو هوندو. ڪلوننگ، ڊي اين اي جهڙا اصطلاح به پاڻ ڪيترن ماڻهن وٽان ضرور ٻڌا هوندا، جو اهي سائنسي اصطلاح به اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ذڪر هيٺ آيا هوندا. “مصنوعي حياتي”(Synthetic Life) جو تصور، جيڪڏهن اسان لاءِ نئون نه به هوندو ته ان بابت نه هئڻ جوڳي هوندي.

بلاگ

انساني روايتن جي ڪهاڻي (قسط ٻين)

ڪم ڪرڻ جي روايت ڪيئن جُڙي؟ هر ڪنهن کي قانون موجب ڪم ڪرڻو آهي. ننڍڙا ٻار جڏهن ڪنهن مخصوص عمر تائين پهچن ٿا، تڏھن هو رانديڪن کي پري ڪري ڇڏين ٿا. ننڍڙيون نينگريون گهر جي ڪم ڪار ۾ پنهنجين مائرن جو هٿ ونڊائين ٿيون. ننڍڙا ڇوڪرا عام طور تي روزانو پنهنجي پيئرن جي ننڍن وڏن ڪمن ۾ مدد ڪن ٿا. اسان جڏهن اسڪول وڃون ٿا، تڏھن اسان کي شين سکڻ جي لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو