مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاگ

بلاگ

حڪومت ننڍين صنعتن جي واڌاري تي ڪم ڪري

رياست جو مثال انڌي جي هٿ ۾ لٺ برابر آهي، سمجھ ۾ نٿو اچين ته ڇا ڪن؟ يا ڪير ان کي صحيح دڳ تي لائيندو؟ مثال جيڪي به سياستدان آهن، اهي سڀ پاڻ صنعتڪار به آهن، انهن جون اوورسيز صنعتون به آهن، اهي سڀ سمجهن ٿا ڪمپنيون ڊفالٽ ڪڏهن، ڇو ۽ ڪيئن ڪنديون آهن.

بلاگ

قديمي ماڳن کي تفريح گاهن ۾ تبديل ڪريو

سنڌ جي تاريخ پڙهجي ٿي ته پتو پوي ٿو ته هيءَ ڌرتي ۽ هن ڌرتيءَ تي آباد قوم جي تاريخ ۽ تهذيب 6 هزار سالن کان به قديم آهي، جنهن جا آثار موهن جي دڙي، هڙپا، منصوره (برهمڻ آباد)، آمري وغيره جي ماڳن منجهان ملي وڃن ٿا جن تي اڄ به محقق، تاريخ نويس ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا تحقيق ڪري رهيا آهن ته گڏوگڏ انهن دڙن ۽ ماڳن جي کوٽائي ڪري نيون شيون دريافت ڪري رهيا آهن

بلاگ

ادب جو مقصد ۽ اديب جو ڪردار

سنڌي سماج جيان سنڌي ادب پڻ بُحران جو شڪار رھندو آيو آهي، خاص ڪري تخليق ۽ تنقيد جي معيار جي حوالي کان. نه رڳو ايترو پر اھو پڻ سوال اٿاريو ويو آهي ته ڇا اديب جو نظرياتي ھئڻ لازمي آهي يا ھو پنھنجي زندگي، سوچ، فڪر ۾ ڪنهن به نظريي جي حوالي کان ان جو پابند ناهي.

بلاگ

علم، ادب ۽ سگھڙائپ جو نشانبَرُ: فقير ميانداد سيلاني چانڊيو

ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ اھڙي شخص جي آمد ٿيندي آھي، جنهن جي اثر هيٺ زندگيءَ جو نقشو ئي بدلجي ويندو آهي. سوچڻ جو نظريو، ڳالهائڻ جو انداز تان جو زندگيءَ جو مقصد به مٽجي ويندو آھي. اتفاق سان منھنجي به زندگيءَ ۾ هڪ اھڙي شخص جي آمد ٿي، جنھن جي اثر ھيٺ آئون به علم ۽ ادب ڏانھن مائل ٿيس.

بلاگ

گورنر سنڌ جو حيدرآباد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام جي آغاز جو اعلان

جيئن ته موجوده دور سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس اڄ جي دور جي نوجوان جي علم جا ۽ سائنسي تحقيق جا اهم ميدان آهن. اسان جو ملڪ به انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن ۾ اڳڀرو ٿي رهيو آهي.

بلاگ

بي اولادي عورت جو نفسياتي مسئلو

ترقي ڪندڙ ملڪن ۾جتي اولاد جو ھجڻ سماجي، معاشي ۽ مذھبي حوالي سان تمام گھڻو ضروري آھي اتي بي اولاد ھجڻ کي خوشي سان قبول نٿو ڪيو وڃي. ڊبليو ايڇ او مطابق ٻارھن مھينن تائين بغير ڪنھن احتياط جي ازدواجي تعلق رکڻ کانپوءِ به جڏھن شادي شدہ جوڙي کي اولاد نه ٿي سگھي ته انھيءَ کي بي اولادي چئجي ٿو.

بلاگ

سوشل ميڊيا جو عالمي سياست تي اثر

ايلن مسڪ جو پيءُ ڪمپيوٽر کان نفرت ڪندو هو ان جي مطابق ڪمپيوٽر محض وقت جو ذيان آهي، پر ايلن کي وڊيو گيمز ۽ سائنس فڪشن سان عشق هو، سائنس فڪشن جي ڪجھ خيالي نظريات کي جيڪي حقيقي دنيا کان گهڻو پري هئا، ايلن انهن جا تجربا حقيقي دنيا ۾ ڪرڻ جي باري ۾ سوچيندو هو، پر اهو سڀ ڪجھ آسان نه هو. ڇو ته ان وقت ڪمپيوٽر صرف هڪ گيم کيڏڻ جي مشين هئي، پر وقت بدليو ۽ ڪمپيوٽر دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو.

بلاگ

لُڙڪ نه لکڻ ڏئين، ڪِريو پُون قلم تي

لطيف سائين اسان جا زندگي جي ھر موڙ تي مددگار، رھنما، رھبر ۽ صلاحڪار آھن. سنڌ جي ماروئڙن جي ڏکن جا شريڪ، سکن جا ساٿي آھن. ھڪ ڳالھ آھي ته لطيف سائين جي ڏنل درس جي مان اسان ڪھڙو سبق حاصل ڪيو آھي؟. سنڌ جي ماڻھن سان گڏ دنيا جي ماھرن عالمن لطيف سائين جي سوانح، رسالي، راڳ ۽ طريقت تي تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي. پر اڃان به لطيف سائين جي اصلي فڪر تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت پڻ موجود آھي.

بلاگ

مودي سرڪار ۽ گودي ميڊيا جا چڪنا چور خواب

دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوري ملڪ ڀارت ۾ چونڊون ستن مرحلن ۾ ٿي گذريون، جتي 97 ڪروڙ ووٽر رجسٽر ٿيل هئا، جن مان 66 سيڪڙو ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. مودي جي انتها پسند سوچ کي ناڪامي ملي. انتها پسنديءَ کي جيڪڏهن هڪ جملي ۾ سمجهڻ چاهيون ته ايئن چئي سگهجي ٿو ته هيءَ سوچ جيڪا صرف پنهنجو پاڻ کي درست سمجهي ٿي ۽ ٻين کي ڪوڙو ۽ سواءِ سندن سوچ سان سهمت ماڻهن کان ٻين کان جيئڻ جو حق کسڻ چاهي ٿي.

بلاگ

جاگيرداراڻي ناسور جي تاريخ

اڄ پاڻ تاريخ جي اهڙي حوالي جو ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن جو مقصد اصل ۾ اهو آھي ته اسان وچ اوڀر ۽ يورپ جي تاريخ جي هڪ اهڙي دور کي سمجهي سگهون، جنهن ۾ خاص ڪري يورپ اندر سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حوالي کان ڪيتريون ئي تبديليون ٿي رهيون هيون يعني ٻين لفظن ۾ هڪ قسم جو انقلاب برپا ٿي رهيو هو.

وڌيڪ لوڊ ڪريو