تعليم جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا
هن ڳالهه تي سمورا پاڪستاني متفق ٿي سگهن ٿا ته بيشڪ ملڪ جو تعليمي نظام ڏيوالپڻي جو شڪار آھي. حالانڪه اها صورتحال ته شروع کان ئي جيئن جو تيئن رهي آھي، پر هن وقت واريون حالتون نهايت ئي خطرناڪ ڏيک ڏين ٿيون.
هن ڳالهه تي سمورا پاڪستاني متفق ٿي سگهن ٿا ته بيشڪ ملڪ جو تعليمي نظام ڏيوالپڻي جو شڪار آھي. حالانڪه اها صورتحال ته شروع کان ئي جيئن جو تيئن رهي آھي، پر هن وقت واريون حالتون نهايت ئي خطرناڪ ڏيک ڏين ٿيون.
آءِ ايم ايف ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ڪيش جي ڏيتي ليتي ۾ ٽيڪس ۾ اضافو تجويز ڪيو آهي. انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ اصل ۾ اهو چاهي ٿو ته ملڪ ۾ ٽيڪس جي وصولي وڌي ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ڏيتي ليتي تي اضافي ٽيڪس لڳائي اهڙن ماڻهن جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي. جيڪو به ڪاروبار ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ٿئي اهي فائلر ڪن.
موسيقي، سنڌي ثقافت جو هڪ اهم شعبو آهي. سنڌ جي ڌرتي پنهنجي ثقافتي رنگن جي نسبت سان پنهنجي انفراديت رکي ٿي ۽ هتان جا ماڻهو سر جا ايترا مشتاق آهن، جو سونهن ۽ سُر تي سِر ڏيئي ڄاڻن، دنيا ۾ اهڙو مثال ملڻ مشڪل آهي، جو هڪ راجا (سنڌ جو راءِ ڏياچ) ساز تي پنهنجو سِرُ قربان ڪري ڇڏي!
(انسان ذات جي اڄوڪي سماجي، اقتصادي، سياسي، فڪري ۽ روحاني اوسر جي سموري سفر ۾ جيتوڻيڪ انسان جي لڳاتار اجتماعي، جسماني ۽ ذهني پورهئي جو بنيادي عمل دخل رهيو آهي، پر ان جي باوجود تاريخ جي انيڪ عظيم فردن جي غير معمولي ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ڪجهه معاملن ۾ ته انساني تهذيب توڙي فڪر جي تاريخ شايد اهڙن غير معمولي فردن (سائنسدانن، فلسفين، شاعرن، انقلابين، فنڪارن، اديبن، جنگي سورمن، قانوندانن وغيره) جي عجب ۾ وجهندڙ ڪارنامن کانسواءِ ڇال نه ڏئي سگهي ها.
بااخلاق هجڻ ۽ بداخلاق هجڻ ۾ صرف هڪ اکر جو فرق آهي. اسان جو سماج روايتي طور بااخلاق رهيو آهي، ڳالهائڻ جو انداز، سامهون واري کي مخاطب ڪرڻ جو انداز ايستائين جو جهيڙي جهڳڙي دوران به لفظن جو توري تڪي استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ اسان جي سماج جو حصو رهيو آهي،
بدين ضلعي جو ھيڊڪوارٽر بدين شھر حيدرآباد کان 100 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آھي، جنھن فاصلي جي پوري سينٽر ۾ بدين ضلعي جو ٻيو وڏو شھر ۽ ضلعي جو سڀ کان وڏو ڪاروباري مرڪز ماتلي شھر اچي ٿو، اتفاق سان حيدرآباد کان گولاڙچي، ٽنڊوباگو، ڊگهڙي شھر به تقريبن 100، 100 ڪلو ميٽرن جي فاصلن تي آھن.
هونئن ته انگريز سرڪار کان وٺي جيتري ترقي اسان کي گورن کان ملي يا جيترا اسان ترقيءَ لائق ٿياسين اوترا اسان شايد پنهنجي پيرن تي بيهي به نه ڪري سگهون ها، ڀلي انگريزن کان آزادي وٺي اسان سرخرو به ٿياسين، پر اڃان تائين اسان وٽ انگريزن جا ٺاهيل نظام ئي آهن،
پنوعاقل ۾ ٿيل بدامني ۽ ڌاڙي جي واقعي جو پڙاڏو سڄي سنڌ ۾ ٻڌجي رهيو آهي. سڄي سنڌ انهيءَ واقعي تي غمگين آهي. صوبي ۾ ڌاڙيل ڪلچر ۽ اغوا جي صنعت ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. سماج ۾ بيوس ماڻهو ڪيڏانهن وڃي، جڏهن صوبي جو وزيراعليٰ انهيءَ واقعي جو نوٽيس وٺندي چوي: پوليس ڪٿي هئي. هن صوبي جي آءِ جي پوليس کي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ڇا صرف جاچ جو حڪم ڏيڻ ۽ رپورٽ طلب ڪرڻ ايڏي وڏي مسئلي جو حل آهي؟ جواب آهي نه.
جنھن معاملي ۾ انساني جانيون خطري ۾ ھجن، روز حادثا ٿين ان معاملي تي ٺاهه نٿو ڪري سگھجي. ماتلي ۽ آسپاس ۾ چنگچي رڪشائن جي بي ڊولي ڊرائيونگ، بيشمار ماڻھن جون جانيون ورتيون آھن، اھو سلسلو سالن کان جاري آھي ۽ تيزي سان وڌي رهيو آهي.
ملڪ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 30 ملين ٽن ڪڻڪ استعمال ٿئي ٿي، مقصد ته کاڌي وڃي ٿي، ان جاءِ تي 2023 ۾ صرف 26.2 ملين ٽن گهرو پيداوار ٿي ۽ باقي رياست کي ٻين ملڪن کان گهرائڻي هئي، جنهن ۾ گهڻي ۾ گهڻي ڪڻڪ آمريڪا کان ورتي ويندي آهي،
پوري دنيا ۾ پاناما ليڪس نالي هڪ فلمي اسٽائل اسڪينڊل هليو هو، جنهن کي گهڻي پذيرائي پاڪستان ۾ ملي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ نواز شريف کي پنهنجي وزارت عظميٰ جي ڪرسي عدالت جي حڪم تي ڇڏڻي پئجي وئي هئي.
سنڌ صوبي ۽ وفاق جي اعليٰ منصبن تي پنهنجي خداد صلاحيتن سان فرض شناسي جا رڪارڊ قائم ڪندڙ ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ سائين شاھنواز مھيسر 7 فيبروري 1946ع ۾ بکر مھيسر تعلقو ميرو خان ضلعو لاڙڪاڻو (ھاڻ قمبر ضلعو) جھڙي پوئتي پيل علائقي مان جنم وٺندڙ ڳوٺاڻي زندگي ۽ ماحول جي وچ مان علم جي روشنيءَ واري سھائي سان خاص عزم رکندي اڳتي وڌندو رھيو.