مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاگ

بلاگ

14 آگسٽ، آئين پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو

اڄ اسين ملڪ جي تاريخ جو 77 هون آزاديءَ جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. پوري پاڪستان جي عوام کي آزاديءَ جون واڌايون. يقينن آزادي نعمت آهي، پر ڇا ان نعمت مان پوري پاڪستان جي عوام کي فائدو ٿيو آهي؟ اهو سوال اسان ملڪ ۾ حڪومت اندر ويٺل ماڻهن ۽ رياستي ادارن جي اهم عهديدارن لاءِ رکون ٿا.

بلاگ

ڪتاب تي تبصرو: احساسن ۽ دردن جي ڪٿا

هن وقت منهنجي سامهون جيڪو ڪتاب آهي، اُهو اُنهيءَ شخص جو آهي. جنهن وٽ احساسن جو خزانو آهي. بي حس سماج ۾ حساس هجڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. سو، هي شخص به اِهي عذاب ڀوڳيندو رهي ٿو. اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون سائين آصف جمالي صاحب جو ۽ سندس تازو شايع ٿيل ڪتاب “شهر ڪٿا” جو، جنهن ۾ تلهار شهر جي تاريخ غير روايتي انداز ۾ لکيل آهي.

بلاگ

ماتلي ۾ روزانو 18 ڪلاڪ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ

ماتلي ۾ جبري لوڊشيڊنگ ۽ رات جو دير تائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رکي ماڻھن جون گرمي ۾ ننڊون خراب ڪرڻ ۽ کاٽڙين چورن کي چورين جا موقعا مھيا ڪرڻ جا مسئلا وڌي ويا آھن، ھونئن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جا ڪي به جواز نه آھن. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار انگن اکرن مطابق 24 ڪلاڪ سپلاءِ جاري رکڻ باوجود 13 ھزار ميگا واٽ اضافي پيداوار آھي. 24 ڪلاڪ بجلي جاري رھي تڏھن به ملڪ کي 31 ھزار ميگا واٽ گھرجن جڏھن ته ملڪ وٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش 44 ھزار ميگا واٽ آھي، جنھن جي سرڪاري خزاني مان پاور پلانٽس کي ادائگي به جاري آھي، ان باوجود لوڊ شيڊنگ کي لاڳو ڪيو ويو آھي، ماتلي ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ لاڳو ڪيل آھي، جنھن جو ڪو شيڊيول به پڌرو ڪيل نه آھي،

بلاگ

جيڪڏهن حسينه واجد ملڪ واپس وري ته…

بنگلاديش ۾ هاڻوڪين شاگرد تحريڪن باھ ٻاري ڏني ۽ شيخ حسينه واجد کي ان ڳالھ تي مجبور ڪيائون ته يا حڪومت ڇڏي يا ملڪ ڇڏي، پر ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته هوءَ ملڪ ۾ رهي سختين کي منهن ڏئي ها، ان ڪري ته هوءَ ڪرپٽ ناهي، جنهن ڳالھ جو يقين سڀني کي آهي ته پوءِ شيخ حسينه واجد ڪنهن کان ڊڄي ملڪ ڇڏي هلي وئي؟ هن پنهنجي دور ۾ معنيٰ 2009 کان وٺي پنهنجن مخالفن کي چيڀاٽيو، روڊن تي گهليو، جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي ڦاهيون ڏياريون ۽ شيخ مجيب جي قاتلن کي به ڳولهي لڌو ۽ اهي به ڦاهي چاڙهيا ويا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هوءَ انهن سڀني ڳالهين ۾ صحيح هئي ته هن کي ڪهڙي خوف ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو؟ ان ڳالھ ۾ ڪجھ پاڪستاني اڳواڻن کي شاباس ڏئي سگهجي ٿي جيڪي نه جهڪيا نه وڪيا ۽ انهن جيلن ۾ سختيون سٺيون پوءِ غلط يا صحيح. ان ۾ پهرين ڀٽي صاحب جو نالو کڻي سگهجي ٿو،

بلاگ

ڪهاڻي: چڪ نمبر اوڻونجاهه

ڪوٽ راڌا ڪرشن جي ڳوٺ چڪ نمبر اوڻونجاهه جون هوائون هميشه جيان دونهاٽيل، دونهاٽيل هيون، هو کٽ تي ليٽيل هو ڳڻتي ۾ ورتل، هيسيل، بت بخار ۾ ورتل ان ڏينهن جيان جنهن ڏينهن تي شمي ۽ شهزاد کان سڀ جدا ڪيا ويا، اهو منظر سندس اکين ۾ پيل ڪک هو، ان ڏينهن به ڳڻتي ڳارو ۽ مٿان واري جي بخار کيس نيستو ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري بٺي تي ڪين ويو هو، بٺو گهر کان سڏ پنڌ تي هو، ان ڪرت ۾ سڀ گهر ڀاتي ڀاڱيوار هئا، گهر جو هر هڪ ڀاتي قرضي هو، هن پاسو ورايو بدن مان سور جا ٽڙڪاٽ نڪري ويس، اکيون بند هئس، اکين ۾ ڪک چڀڻ لڳس، اوچتو رڙين تي اک کلي پيس، شمي جي ماءُ فقيري ڏي وڌندي ٿي آئي منهن ۽ مٿي کي ڌڪ هڻندي دانهن ڪئي، اُٿ فقيرا ٺيڪيدار ۽ ان جا ساٿي شمي ۽ شهزاد کي باهه ۾ جيئرو ساڙڻ لاءِ کوري ڏانهن وٺي پيا وڃن،

بلاگ

ٻارن لاءِ سائنس فڪشن ڪھاڻي: سارنگ

رات اٺين وڳي جو وقت ھو. شھر جي ھڪ مشھور علائقي جي پنج ماڙ عمارت جي ڇت تي ڪا چُرپُر ٿي رھي ھئي. اُھو زبير ھو، جيڪو پاڻيءَ واري ٽانڪيءَ تي اونڌو ليٽيو پيو ھو. زبير، سامهون ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کاتي واري ستَ ماڙ عمارت ڏانھن، رات جو به چٽو ڏيکارڻ واري (Night Vision) دوربين وسيلي نھاري رھيو ھو.کاتي جي ان عمارت ۾ انسانَ جيان لڳندڙ مشيني ماڻهن ( Humanoid Robots) بابت تحقيق جو شعبو قائم ھو.

بلاگ

اسان جي مٿان گهرو ويڙھ جا لامارا!!

طالبان جي سرڪار کي ڪير مڃي نه مڃي اهو سوال پوءِ جو آهي. ڇو ته آرمي جي ذريعي يا ائين ئي جمهوري حڪومتون کي ڪيرائڻ ۽ چونڊن بنا ائين ئي (سويلين) آرمي جي زور تي ويڙھ ڪري ويهڻ بين الاقوامي اصولن جي منافي آهي، جنهن کي ڪير به نه مڃيندو ۽ مڃڻ به نه گهرجي، پوءِ دنيا جا سڀ ملڪ هنن طالبان جي حڪومت کي مڃڻ لاءِ تيار ڇو ويٺا هئا (يا آتا آهن) ۽ انتظار ۾ هئا ته طالبان اچن ۽ هي خوش آمديد چون، يا اهي سڀ مغربي ۽ ايشيائي ملڪ هنن طالبان کان سڀ خوفزده آهن، پر حيرت اها به آهي ته اهي رڳو 70 هزار سويلين آرمي وارا طالبان 3 لک افغاني فوج کا زور ٿي ويا، اهي سڀ آرام سان سڄو افغانستان فتح ڪري ويا،

بلاگ

عالمي مالياتي ماحول جا اسان جي ملڪ تي پوندڙ اثر

دنيا ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ڪاروباري ۽ مالياتي معاملن ۾ هيٺانهيون مٿانهيون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن، انهن جا واضح سبب آهن، پر تازو آمريڪي اسٽاڪ ايڪسچينج وال اسٽريٽ ۾ ٿيل ڪاروبار ۾ ڪساد بازاري جا نشان نظر اچي رهيا آهن. وال اسٽريٽ ۾ جيڪڏهن ڪجهه به ٿيندو ته پوءِ عالمي مالياتي مارڪيٽ به هيٺانهين مٿانهين جو شڪار ٿي وينديون آهن.

بلاگ

ملڪ ۾ مهانگائي، عام ماڻهو جي زندگي عذاب ۾

اسان جي معاشري جنهن ۾ گهڻائي مسئلا آهن، پر سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي جيڪو ڪجهه سالن کان ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي انهيءَ مسئلي جيڪو اضطراب ماڻهن جي ذهنن ۾ پيدا ڪيو آهي انهيءَ جو حل صرف سرڪار وٽ آهي جنهن کي اهو حل ڪڍڻ گهرجي. هن وقت اسان جي معاشري ۾ سفيد پوش ماڻهن جو ڀرم ٽٽي رهيو آهي. تازو هڪ سروي انهيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال کي بيان ڪيو آهي.

بلاگ

عشق جا خطرناڪ قسم ۽ صورتون

عشق کان ڪوبه واندو ناھي ۽ عشق جو اڀياس به ھر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي، ان جي روين ۽ اثرن تي بحث به ٿيندا رهن ٿا. عشق ۾ جدائي واري حالت ۽ احساس کي ناقابل برداشت عمل ۽ سوچ کي سمجهندڙ ماهرن/فيلسوفن “ميسوڪ ازم” چيو آهي. ميسوڪ ازم هڪ سوچ ۽ نظريي جو نالو آهي، جنھن سوچ وارو ماڻهو محتاجي، بيوسي، لاچاري، بي ڪسي ۽ بي سمجهي وارين حالتن جو شڪار رهي احساس محرومي جو اظهار ڪندي هميشه ٻين ۾ پناھ وٺندو آهي. اهڙي عاشق کي ميسوڪسٽ چيو ويو آهي.

بلاگ

ارشد نديم جو گولڊ ميڊل ۽ بلاول ڀٽو جون پارليامينٽ ۾ تجويزون

راندين جي صنعت هڪ تمام وڏي شاندار صنعت آهي، جنهن ۾ تمام گهڻو پئسو موجود آهي. دنيا جا ڪيترائي ملڪ صرف راندين جا مقابلا ڪرائي راندين جا ميدان ٺهرائي ۽ رانديگر پيدا ڪري پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪري رهيا آهن، پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي نوجوان آباديءَ جو انگ 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي، پر حڪومت انهن لاءِ اهڙا ڪي به ادارا نه جوڙيا آهن جتي اهي مختلف رانديون کيڏي ميرٽ تي اڳيان اچي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ۽ ملڪ لاءِ وڏا وڏا ٽائيٽل کٽي سگهن.

وڌيڪ لوڊ ڪريو