برطانيه جي ڀونءِ ۾ … سفر نامو (قسط چوڏهين)
چانهه جي چڪر ويو ۾…
پاڻ اُن زماني جي ڳالھه ٿا ڪريون جڏھن گوگل ميپ يا جديد ٽيڪنالاجي اڃان ايڏي متعارف ڪونه ٿي ھئي ۽ سمنڊ ۾ بنا انجڻ/مشين وارا، يعني سڙھن وارا غوراب (ٻيڙا) ھلندا ھئا، جن ۾ سفر ڪندڙ ماھيگيرن يا سيلانين جي واپسي جي پڪ يا ڪو اتو پتو ڪونه ھوندو ھو ۽ رشتيدارن ۽ يارن دوستن کي اھا به ڄاڻ ھئڻ جا وسيلا ميسر نه ھئا ته ڪو سندن پيارا جيئرا به آھن يا بي رحم موسمن ۽ حالتن جي نظر ٿي اڄاڻ رستن ۾ رُلي يا سامونڊي لھرن ۾ لُڙھي ويا آھن. جڏھن سمنڊ جي ياترا تي اھي غوراب (ٻيڙا) پتڻ تان ٻئي پار روانا ٿيندا ھئا يا اھي غوراب (ٻيڙا) جڏھن ياترا تان واپس اچي پتڻ تي لنگر انداز ٿيندا ھئا، ته پتڻ تي پيار محبت سان سرشار اوسيئڙي ۽ وصال جا من ۾ پيھي ويندڙ عجيب و غريب منظر پسبا ھئا. ان درد ۽ خوشي جي ڪيفيت جي لمحن جي دنيا جھان جي ٻين ليکڪن/شاعرن به لازمي ۽ خوبصورت منظرڪشي ڪئي ھوندي، پر اسان جي لطيف سائين جو وري انداز ئي پنھنجو ۽ نرالو آھي، جنھن سان سڄو سُر سامونڊي ڀريو پيو آھي. اڄ پاڻ به اھڙي غوراب جو حال احوال ڪيون ٿا جنھن ۾ سوار سيلاني به اھڙين ئي ڪيفيتن مان لازمي گذريا ھوندا جو اھي ڪيفيتون انسان جي فطرتي جبلتن ۾ شامل آھن، پر پاڻ اڄ ذڪر ڪريون ٿا اُن غوراب يعني ڪٽي سارڪ جو، جيڪو چانھ جي واپار جي حوالي کان خاص طور تي 1869 ۾ جوڙيو ويو ھو. ڪٽي سارڪ جي ڪهاڻي اصل ۾ چانهه جي عالمي تاريخ سان ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن چانهه نه هجي ها ته شايد ڪٽي سارڪ جهڙو مشهور جهاز به نه ٺهي ها. سڄي پاڪستان جي شھرن ۾ سٺي چانھ ڪھڙين ھوٽلن تي ملي ٿي اُن جي ميرپوربٺوري سان لاڳاپيل چانھ جي شوقين منھنجي دوست غلام نبي زئور کي ڀلي ڀت خبر آھي، پر اُن کي ٻڌائيندو ھلان ته چانهه جي اصل جنم ڀومي پاڻ واري سنڌ نه، پر چين آهي، جتان اُھا سفر ڪري يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ پھتي، جتي اصل شڪل (سليماني يا ڪاري چانھ) يا وري ھلڪي (ٿوري) کير جي آميزش (اسپيشل چانھ) سان ماڻھن جي ذائقي جي زينت بڻي، پر پاڻ واري برصغير جي ماڻھن وري اُن جي اصل شڪل ئي بدلائي ڇڏي. پنھنجي ماڻھن چانھ ۾ زياده کير ملائي اُن کي زوردار ٻڙڪا ڏياري اھڙي کير پتي چانھ بنائي آھي، جو دنيا جھان ۾ جتي به وڃون ٿا، ان کانسواءِ ٻي چانھ مزو ئي نٿي ڏي. ان کير پتي چانھ جو ذائقو زبان تي ائين غالب پئجي ويو آھي جيئن دماغ ۾ ڪِلي ويھي رھندي آھي ۽ پوءِ ٻي ڪابه ڳالھ کڻي ڪيتري به ڀلي ڇو نه ھجي، دماغ کي نه آئڙجندي آھي.
اھو قصو ته سورھن آنا سچ آھي ته، جڳ مشھور سائنسدان نيوٽن وڻ مان صوف ھيٺ ڪرڻ تي ڪشش ثقل (gravity) کي دريافت ڪيو ۽ پوءِ اُن جي روشني ۾ ڪشش ثقل جو قاعدو(Law of Gravity) متعارف ڪرايو. ساڳي ريت چانھ لاءِ به ھڪ قصو مشھور آھي، پوءِ اھو سچو آھي يا ڪوڙو، بھرحال ھڪ چيني روايت موجب لڳ ڀڳ 2737 ق. م ۾ شهنشاھShennong گرم پاڻي پي رهيو هو ته اُن جي ويجهو موجود چانهه جي ٻوٽي جا پن گرم پاڻي ۾ اچي ڪريا. جڏهن هُن اُهو پاڻي پيتو ته کيس اُنجو ذائقو ڏاڍو پسند آيو ۽ پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪيو ۽ اهڙي طرح چانهه جي دريافت ٿي. ڪاش! جي چانھ جي دريافت نه ٿئي ھا ته اِھا پاڻ واري واندن، ٽوٽين ۽ ٺلھ تي لٺ شوقينن جي مخلوق، جيڪا قاسم آباد جي واڌو واھ ۽ سنڌ جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ چانھ جي ھوٽلن تي مکين جي ميڙ جيان نظر اچي ٿي، اُھا ڪر ڌنڌي ڌاڙيِ سان لڳل ھجي ھا. شروع شروع ۾ چانهه دوا طور استعمال ٿيندي هئي ۽ آهستي آهستي اُھا روزاني جي استعمال جو مشروب بڻجندي وئي يا ائين کڻي چئجي ته عادت بڻجي وئي. پهرين چانهه صرف چين ۾ استعمال ٿيندي هئي جيڪا اُن جي اصل جنم ڀومي ھئي ۽ پوءِ اُھا جاپان، ڪوريا ۽ ٻين اوڀر ايشيائي ملڪن تائين وڃي پهتي. سورهين صدي ۾ پرتگالي ۽ ڊچ واپاري چانهه يورپ ۾ کڻي آيا. سترهين صدي ۾ چانهه انگلينڊ پهتي، جتي اها جلد ئي امير طبقي ۽ پوءِ عام ماڻهن جي پسنديده مشروب بڻجي وئي. انگلينڊ جو چانهه جي واپار تي غالب پوڻ ۾British East India Company جو وڏو ڪردار هو. ياد رھي ته ھي اُھائي ايسٽ انڊيا ڪمپني آھي جيڪا شروع شروع ۾ ڀارت فقط واپار ڪرڻ لاءِ آئي ھئي ۽ پوءِ اڳتي ھلي انگريزن پنھنجا پر ڏيکارڻ شروع ڪيا ۽ اسين ڪجھ پنھنجي افعالن ۽ ڪجھ انگريز بھادر جي چالاڪين سبب اُنھن جي غلامي ۾ اچي وياسين. اتان ئي سنڌي ۾ اھا چوڻي مشھور ٿي ته: “آئي ٽانڊو کڻڻ ۽ ٿي ويٺي بورچياڻي.”
برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني چين مان وڏي مقدار ۾ چانهه خريد ڪري پنهنجي طاقتور سامونڊي ٻيڙي وسيلي انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڪرو ڪندي ھئي. چين چانهه جي بدلي گهڻو ڪري چاندي(Silver) گهرندو هو، جنهن سبب انگلينڊ کي مالي نقصان ٿيڻ لڳو. انگلينڊ ان مسئلي جو حل اهو ڪڍيو ته هندستان ۾ پوکيل آفيم چين ڏانهن اسمگل ڪيو وڃي ۽ ان جي بدلي چانهه ورتي وڃي. جڏهن چين جي حڪومت آفيم تي پابندي لڳائي ته انگلينڊ ۽ چين جي وچ ۾ آفيم جون جنگيونOpium Wars (1839-1842 ۽ 1856-1860) به لڳيون. انگريز مائي ٻاپ رڳو پاڻ (ننڍي کنڊ) کي ڏنڊو ناھي ڏنو، پر اُن اڌ کان مٿي دنيا جي ملڪن ۾ پنھنجن مفادن جي پورائي لاءِ وڏا ڪيِس ڪيا. انهن آفيمي جنگين کانپوءِ انگلينڊ کي چين سان واپار ۾ وڌيڪ سهولتون مليون ۽ اھڙي ريت چانهه جي واپار تي ان جو اثر وڌيڪ ٿيڻ لڳو. اڳتي ھلي انگلينڊ ۾ چانھ جي کپت تمام گھڻي وڌي وئي ۽ کوڙ سارا جھاز چانھ جي ڪاروبار جي ان ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويا، جيڪو به جهاز چين مان نئين فصل جي چانهه سڀ کان پهرين لنڊن پهچائيندو هو، ان کي وڌيڪ منافعو ملندو هو. انهي مقابلي کيTea Race چيو ويندو هو. اهڙي ئي مقابلي جي ميدان کي مارڻ ۽ چانھ جي ڪاروبار جي سرواڻي کي ذھن ۾ رکندي 1869ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي شھرDumbarton ۾ ڪٽي سارڪ (Cutty Sark) جي نالي سان ھڪ وڏو شاھي ٻيڙو ٺاهيو ويو. ان جو اصل مالڪJohn Jock Willis هو، جيڪوJohn Willis & Son ڪمپني جو مالڪ ھو. سامونڊي خطرن، تيز رفتاري ۽ مھم جوئي کي ذھن ۾ رکندي ڪٽي سارڪ جو نالو 1790 ۾ اسڪاٽش شاعرRobert Burns جي نظمTam O’Shanter تان کنيو ويو جيڪو ھڪ ديومالائي پسمنظر رکي ٿو، جنھن جو خلاصو ڪجھ ھِن ريت آھي: اسڪاٽلينڊ جي مشهور شاعرRobert Burns جي نظم Tam o’ Shanter جو هيرو ٽيم او شينٽر نالي هڪ هاري ھوندو آهي، جيڪو پنھنجن دوستن سان ھوٽل ۾ شراب پيِ بيگاھ رات جو پنهنجي گهوڙي Maggie تي گهر موٽي رهيو هوندو آهي. آسمان ۾ کنوڻن جي ڪڙڪاٽن ۽ تيز ھوائن جي شور ۾ ھلندي رستي ۾ هُن جو هڪ پراڻي گرجا گهر اولو ڪرڪ وٽان گذرڻ ٿيندو آھي، جتي ھُو اونداھي رات ۾ روشني ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندو آھي. اها چرچ عام طور تي پراسرار ۽ خوفناڪ سمجھي ويندي آھي. ٽيم جيئن ئي اُن جي ويجهو پھچندو آھي ته ھُن کي اندر موسيقي ۽ ناچ سان گڏ پوري چرچ ۾ ٽھڪن جا آواز گونجندي محسوس ٿيندا آھن. جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو اھو منظر ڏسي ھا ته اُن ئي مھل اُتان هليو وڃي ھا، پر ٽيم ھمت ٻڌي بيھي رھندو آھي. چرچ اندر ڏائڻيون (جادوگرياڻيون) ۽ ٻي شيطاني مخلوق موجود ھوندي آھي. اُنھن جي وچ ۾ ھڪ وڏي دائري ۾ باهه جو مچ ٻري رھيو ھوندو آھي ۽ اُن دائري جي وچ ۾ هڪ ڪارو شيطان بانسري وڄائي رھيو ھوندو آھي. ھن سڄي وايو منڊل ۾ هڪ نوجوان ۽ خوبصورت ڏائڻ، “نيني زور زور سان نچي رھي ھوندي آھي، جنهن کي رڳو هڪ ننڍڙي قميص پاتل هوندي آهي. اسڪاٽش ٻولي ۾ اهڙي ننڍڙي قميص کي ڪٽي سارڪ(Cutty Sark) چيو ويندو آهي. ٽيم کي نوجوان ڏائڻNannie جو رقص وڻي ويندو آھي ۽ ھُو بي اختيار رڙ ڪري چوندو آھي:
Wel done, Cutty Sark!
(شاباس، اي ننڍڙي قميص واري!)
ٽيم جو آواز ٻڌي سڀ ڏائڻيون کيس پڪڙڻ لاءِ سندس پويان پئجي وينديون آھن. ٽيم پنهنجي گھوڙيMaggie کي تيز ڊوڙائي ويجھي دريا ڏانهن ڀڄڻ لڳندو آھي. اسڪاٽش لوڪ ڪهاڻين موجب ڏائڻيون وهندڙ پاڻي پار نٿيون ڪري سگهن. انھيءَ ڪري جڏهن ٽيم پاڻي ۾ گھڙي چڪو ھوندو آھي ته اُن کي پڪڙڻ لاءِ نوجوان ڏائڻNannie جنهن لاءِ پاڻي ۾ گھڙڻ ته ناممڪن ھوندو آھي، پر پوءِ به ھوءِ سندس گهوڙي جو پڇ پڪڙي وٺندي آھي. ڊوڙندڙ گهوڙي جي پڇ جو ٽڪرو ته ڇڄيNannie جي هٿ ۾ اچي ويندو آھي ۽ گھوڙو ميگ مري ويندو آھي، پر ٽيم صحيح سلامت درياءَ جي ٻئي ڀر پھچي چڪو ھوندو آھي.
انهيءَ مشهور ديومالائي ڪهاڻي جي پس منظر ۾ جڏهن 1869ع ۾ هي نئون تيز رفتار ٻيڙو (بحري جهاز) تيار ٿيو ته ان جو نالوCutty Sark رکيو ويو. جهاز جي اڳئين حصي تي نوجوان ۽ خوبصورت ڏائڻNannie جو ڪاٺ جو مجسمو لڳايو ويو، جنھن جي هڪ هٿ ۾ گهوڙي جي پڇ جو ٽڪرو جهلي بيٺل ڏيکاريو ويو آهي. اهو مجسمو ھُوبھُو رابرٽ برنس جي نظم “ٽيم او شينٽر” جي عڪاسي ڪندي سياحن کي اُن ديومالائي ڪھاڻي جي دنيا جي اندر وٺي ھلي ٿو ته سائين منھنجا ھاڻ پاڻ به ھلون ٿا ان ديومالائي ڪھاڻي جي اندر يعني پنھنجي وقت جي وڏي ۽ تيز رفتار بادباني جھاز ڪٽي سارڪ تي، جيڪوKing William Walk تي ڏکڻ اوڀر لنڊن جي علائقيGreenwich تي ٿيمز ندي(River Thames) جي ڪناري تي بيهاريو ويو آهي. ھن بحري جهاز کي زمين تي سڌو نه بلڪه هڪ خاص اسٽيل جي ڍانچي تي مٿي کڙو ڪيو ويو آهي، تنهنڪري هيٺان کان به ان جي ڍانچي(Hull) کي ڏسي سگهجي ٿو. هڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪٽي سارڪ جو موجوده مقام به ان جي تاريخ سان لاڳاپيل آهي. ڇاڪاڻ ته گرينوچ ڪيترين ئي صدين کان لنڊن جي بحري تاريخ جو ھڪ اهم مرڪز رهندو پي آيو آهي.
1869 ۾ ڪٽي سارڪ تي ٺھڻ جي وقت ڪل لاڳت 16,150 پائونڊ آئي، جيڪا اڄ جي وقت جي حساب سان 2 ملين پائونڊ کان مٿي ٿيندي. لاڳت جي حساب سان ڪٽي سارڪ پنهنجي زماني جو سڀني کان مهانگو جهاز ھو. ڪٽي سارڪ جي بناوت ۾ مضبوط لوهي فريم، ٽي وڏا مستول، لڳ ڀڳ 32 سڙھ (بادبان) هزارين فوٽ رسيون ۽ تيز رفتاري لاءِ خاص نوڪدار شڪل وارو ڪاٺ جو جھاز جو ڍانچو(hull) شامل آھي. ڪٽي سارڪ جي ڊيگهه تقريبن 85.4 ميٽر (280 فوٽ) ۽ ويڪر تقريبن 11 ميٽر (36 فوٽ) ۽ وزن تقريبن 963 ٽن آھي ۽ اُن جي سامان (ڪارگو) کڻڻ جي گنجائش تقريبن 600 ٽن جي هئي. ڪٽي سارڪ جي تيز رفتاري جو راز هوا، بادبان، جهاز جي ڍانچي(hull) جي خاص شڪل ۽ ماهر عملي جو گڏيل ڪم هو. ڪٽي سارڪ تي ٽي وڏا مضبوط مستول هئا ۽ انهن تي تمام گهڻا طاقتوارا بادبان لڳل هئا. هوا جڏهن بادبانن سان ٽڪرائيندي هئي ته ان جي قوت جهاز کي اڳتي ڌڪيندي هئي. ڪٽي سارڪ جو هيٺيون جسم(Hull) ڊگهو ۽ نسبتن سنهو ٺاهيو ويو هو. ان ڪري پاڻي جي مزاحمت گهٽ ٿيندي هئي، يعني جهاز پاڻي کي زور سان ڌڪڻ بدران پاڻيءَ کي چيري اڳتي وڌندو هو. ان جو اندروني ڍانچو لوهي هو ۽ ٻاهرين حصي ۾ ڪاٺ استعمال ٿيل هو. هي بناوت جهاز کي مضبوط رکندي هئي، جڏهن ته ان جي شڪل(shape) تيز رفتاري جي مناسبت سان ٺاھيل هئي. 30 جي لڳ ڀڳ ملاح مسلسل بادبانن ۽ رسيِن کي سنڀاليندا هئا. جيڪڏهن هوا جو رخ بدلجي ويندو هو ته ملاح رسيون ڇڪيندا، بادبانن جو زاويه بدلائيندا يا ڪجهه بادبان گهٽ يا وڌيڪ کوليندا ھئا ۽ ڪپتان جهاز جو رخ طئي ڪندو ھو. يعني ملاح پاڻ جهاز کي ڌڪي نه هلائيندا هئا، پر اُهي هوا جي طاقت کي صحيح رخ ۾ استعمال ڪندا ھئا. پوئين حصي ۾ سُکاڻ/چپُو(Rudder) هوندو هو. ملاحShip’s Wheel ڦيرائي سُکان کي کاٻي يا ساڄي ڪندا هئا. مناسب هوا ۾ ڪٽي سارڪ تقريبن 17 ناٽ (تقريبن 31 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ) جي رفتار سان پنھنجو سفر جاري رکندي ھئي. جڏھن اُن زماني ۾ اڃان موٽر انجڻ به ايجاد نه ٿي ھئي، اهڙي وڏي سوين ٽن وزني جهاز لاءِ 30 جي لڳ ڀڳ ماڻهن ۽ صرف هوا جي طاقت تي، اهڙو تيز رفتار ٻيڙو ٺاھڻ ڪنھن عجوبي کان گھٽ نه ھو ۽ اھڙو ڪم صرف انگريز ئي ڪري سگھيا ٿي.
ڪٽي سارڪ جي کلئي ڊيڪ تي بيهي جڏھن آئون اُن جي وشال جسامت (hull)، آسمان کي ڇھندڙ بادبانن ۽ مستولن ڏانھن نھاريان ٿو ته آئون پاڻ کي سمنڊ کي چيري تيز ھلندڙ ڪٽي سارڪ ۾ سفر ڪندي محسوس ڪريان ٿو. آئون محسوس ڪريان ٿو ته اُھي (انگريز) ڪالھ به اسان کان حڪمراني توڙي وڻج واپار، پوءِ اُھو چانھ جو ڇو نه ھجي اڳتي ھئا ۽ ھاڻي (اڄ) به اسان کان اڳتي آھن ۽ اسان ڪالھ به اُنھن جي مرھون منت ھئاسين ۽ اڄ به فقط چانھ جي چشڪي تي خوش آھيون ۽ لئي مان لٺ ڀڃي سڌي نٿا ڪريون. خير ھاڻي اچو ته ڪٽي سارڪ شپ جي مختلف منزلن (ڊيڪس يا تھن) تي ھلون. 1.Weather Deck : هي جھاز جو بلڪل کُليو حصو آھي جنھن ۾ مستول، بادبان ۽ وڏا رسا ۽ رنگس سيٽ ڪيل آھن، جن بحري ٻيڙي کي مخصوص شڪل ڏني آھي. ھتي بيھ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ کلئي آسمان ھيٺ سمنڊ جي وچ ۾ ھي بنھ انوکو جھان آھي جنھن جا رنگ روپ ئي پنھنجا آھن. 2. ھيٺيون حصو (Lower Hold): هي جهاز جو سڀ کان هيٺيون اصل ڪارگو حصو هو. هتي قيمتي سامان، خاص طور تي چين مان آندل چانهه جا دٻا ترتيب سان رکيا ويندا هئا. ھاڻي ھتي سياح چانهه جي واپار بابت نمائشون، چانهه جا دٻا ۽ جهاز جي واپار سان لاڳاپيل تاريخي شيون ڏسي سگھن ٿا. ميوزيم جي هن حصي ۾ سياحن کي چانهه جي قديم ماحول کي محسوس ڪرائڻ لاءِ ھتي چانهه جي خوشبو به استعمال ڪئي وڃي ٿي. 3. وچ وارو حصو Tween Deck: هي ٻن ڊيڪن جي وچ وارو ڊيڪ آهي، جيڪو ڪارگو رکڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو. ڪٽي سارڪ جي چانهه واري دور کانپوءِ هتي خاص طور آسٽريليا جي اُن جون وڏيون ڳٺڙيون(wool bales) رکيون وينديون هيون. 1883-1895ع جي آسٽريليائي اُن واري دور ۾ جهاز پنهنجي ڪيريئر دوران 45,000 کان وڌيڪ اُن جون ڳٺڙيون کڻي سفر تي اُسھيو ھو. اڄ هن ڊيڪ تي اُن جي واپار، جهاز جي مختلف سفرن، بندرگاهن، ڪارگوز ۽ عملي جي زندگي بابت نمائشون(display) سيٽ ڪيل آھن. هڪ دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته جڏهن جهاز بندرگاهه تي خالي بيٺل هوندو هو ته ملاح ڪڏهن ڪڏهن هن جاءِ کي تفريح، ناچ ۽ گڏجاڻين لاءِ به استعمال ڪندا هئا. 4. مکيه ڊيڪ(Main Deck) : هي ڪٽي سارڪ جو سڀ کان وڌيڪ سرگرمين (چرپر) وارو حصو هو. هتي عملو رهندو ھو ۽ جھاز جو ڪم ڪار ڪندو هو. هن ڊيڪ تي ھي اهم جڳهيون موجود آھن. (الف) ڪپتان جي ڪيبن/Saloon: ڪپتان ۽ ٻين آفيسرن جي رهائش هتي هئي. ڪپتان جي جاءِ عام عملي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آرامده هئي. (ب) ملاحن/عملي جون ڪيبن: عام ملاحن/عملي لاءِ ننڍيون ۽ نسبتن تنگ رهائشي جڳهيون ٺھيل آھن. اتي رکيلbunk beds ڏسڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته سمنڊ ۾ زندگي ڪيتري نه ننڍڙي ۽ محدود جاءِ ۾ گذارڻي پوندي هئي. (ت) بورچي خانو: جهاز جو کاڌو هتي تيار ٿيندو هو. بورچي خاني ۾ رکيل مصالحا، ڪراڪري ۽ ٻيو رڌ پچاءُ جو سامان ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُتي عملي لاءِ کاڌو ڪيئن تيار ٿيندو هو. ڪيبنس ۽ ڪچن ۾ رکيل کاڌي جي ڪراڪري سامان ۽ جوٺن برتنن کي ڏسي ماڻھو ھڪ واري اُن دور ۾ ھليو وڃي ٿو ۽ سامونڊي لھرن جي جھولي تي جھولندي، ڪٽي سارڪ جي ملاحن/عملي سان کاڌو کائيندي ۽ کاڌن جي خوشبوءِ کي محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. (ث) واڍن/ڪاريگرن جو ورڪشاپ: جهاز جي ننڍين ننڍين مرمتن ۽ ڪاٺ جي ڪم لاءِ ڪاريگرن جي جاءِ پڻ مکيه ڊيڪ تي ٺاھيل آھي. 5.Poop Deck ۽Ship’s Wheel : جهاز جي پوئين مٿئين حصي کيPoop Deck چيو ويندو آهي. هتيShip’s Wheel يعني سُکان جو ڦيٿو موجود آهي. آفيسرن جي رهائش پڻ هن پاسي رکي وئي هئي. هتي بيهي توهان اهو تصور ڪري سگهو ٿا ته ڪپتان ۽ ملاح/عملو سمنڊ ۾ جهاز جو رخ ڪيئن سنڀاليندا ۽ تبديل ڪندا هئا. 6. Fo’c’sle (اڳيون رهائشي حصو): جهاز جي ھن اڳئين حصي ۾ ملاحن/عملي جي رهائش سان لاڳاپيل جڳهه ٺھيل آھي ۽ نسبتن ڪافي سوڙھي آھي. 7.Dry Dock/Sammy Ofer Gallery : هي اصل ڪٽي سارڪ جهاز جو حصو (ڊيڪ) نه آهي. جڏهن ڪٽي سارڪ کي ميوزيم طور محفوظ ڪيو ويو ته ان کي خاص ڍانچي تي مٿي کڙو ڪيو ويو ۽ هيٺSammy Ofer Gallery ٺاهي وئي. هتان سياح جهاز جي پوري هيٺئين حصي (Hull) ۽ ٽامي سان ڍڪيل تري کي هيٺان کان ڏسي سگهن ٿا. بحري جهاز زمين کان تقريبن 3 ميٽر مٿي کڙو ڪيو ويو آهي، تنهنڪري هيٺ بيهي ان جي وڏي ڍانچي جو مڪمل ۽ بلڪل نرالو نظارو ڏسڻ لاءِ ملي ٿو. ڪٽي سارڪ ٻيڙي جي تاريخي اھميت ۽ مھم جوئي جي سامونڊي سفر جي پسمنظر ۾ پوري ٻيڙي کي ميوزم طور سيٽ ڪيو ويو آھي. ھن ڪٽي سارڪ ٻيڙي (ميوزم) ۾ مٿين سامانن ۽ تعميرات کان علاوہ سامونڊي رستن جا نقشا، ڌرتي جي گولي جو ماڊل، مختلف سامونڊي سفر سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ نظارن جون پينٽنگس ۽ مجسما، ڪراڪري، ائنٽڪ شو پيس، مختلف سڪا، شطرنج راند جي ڪِٽ، ملاحن جون ڊريسون، ٽوپلا، يونيفارم، شوڪيس، آڊيو وڊيو ڊسپلي ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ سجائي سھڻي سٽاءُ سان رکيو ويو آھي، جيڪو سياحن کي ماضي جي سامونڊي سفر جو درشن ڪرائي ٿو. جيتري قدر ڪٽي سارڪ جي ٽڪيٽ جو سوال آھي ته بالغن لاءِ ٽڪيٽ£18 کان £22، چئن کان پندرھن سالن جي ٻارن لاءِ £9 کان £11 تائين آھي. جڏھن ته چئن سالن کان ننڍن ٻارن لاءِ داخلا فري آھي. ٽڪيٽ ۾ آڊيو جي سھولت به شامل آهي. آڊيو جي ڪري توھان ڪٽي سارڪ جي جنھن به سيڪشن ۾ وڃو ٿا ته توھان کي اُن سيڪشن جي آڊيو جي ذريعي ڀرپور ڄاڻ ملندي رھي ٿي. ڪٽي سارڪ شپ ميوزم روزانو صبح 10 وڳي کان شام 5 وڳي تائين کليل رھي ٿو.
ڪٽي سارڪ جھاز تي کوڙ ساريون سرگرميون(Activities) به ٿين ٿيون جن ۾ تاريخي نمائشون، جهاز جي تاريخي سفر، تجارتي ڪيريئر، ۽ Robert Burns جي ڪهاڻي سان تعلق رکندڙ قصا به شامل آهن. اُن کان علاوہ ڪٽي سارڪ جھاز جنھن کي ميوزم جي شڪل ۾ ترتيب ڏنو ويو آھي، اُن ۾ تعليمي پروگرام، اسڪولن لاءِ گائيڊ ٽور، تعليمي ورڪشاپس، تاريخي سمينار وغيرہ به ترتيب ڏنا وڃن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن خاص رات جا ٽوئر (evening tours) يا ثقافتي پروگرام به منعقد ڪيا وڃن ٿا، مثلن Burns جي نظم يا اسڪاٽش ثقافت تي شو وغيرہ.
ڪٽي سارڪ جي ڍانچي کي ڏسڻ کانپوءِ اچو ته سندس واپاري سفر ۽ تجارتي سرگرمين جو جائزو وٺون. ڪٽي سارڪ اسڪاٽلينڊ جي ڊمبارٽن شھر ۾ ٺاهي 22 نومبر 1869ع تي پاڻيءَ ۾ لاٿو ويو. ان کي خاص طور تي چين کان انگلينڊ تائين چانهه جلدي پهچائڻ لاءِ ٺاهيو ويو ھو. 16 فيبروري 1870ع تي ڪٽي سارڪ جو پهريون سفر لنڊن کان چين ڏانهن شروع ٿيو ۽ اُھو 31 مئي (104 ڏينھن) تي شنگھائي پھتو. ڪٽي سارڪ جي شنگھائي کان واپسي 25 جون تي ٿي ۽ اُھو تقريبن 1.3 ملين پائونڊ (تقريبن 590 ٽن) چانهه کڻي 13 آڪٽوبر (110 ڏينھن) تي لنڊن پهتو ۽ پوءِ ڪيترائي ڀيرا ڪٽي سارڪ چين (خاص طور تي شنگھائي) ۽ ٻين چيني بندرگاهن کان چانهه کڻي واپس انگلينڊ آيو. چين کان چانھ انگلينڊ آڻڻ جو اھو سلسلو 1877 تائين جاري رھيو ۽ تمام تيز رفتار ڪٽي سارڪ ان عرصي دوران چين جون اٺ ياترائون ڪيون ۽ مجموعي طور لڳ ڀڳ 10 ملين پائونڊ چانهه کنئي، پر جڏھن کان انجڻ/مشين ايجاد ٿي ۽ جيئن ئي اسٽيم جھاز ھلڻ شروع ٿيا ته ڪٽي سارڪ جو اُھو اوج نه رھيو. ڇاڪاڻ جو اسٽيم جھاز ھوا جي رخ تي ھلڻ وارن جھازن کان تيز ھلي سگھيا ٿي ۽ منزل مقصود تي به جلدي پھچي سگھيا ٿي. ساڳئي وقت سئيز ڪئنال کلڻ سان چين تائين پھچڻ جو رستو به گھٽجي ويو. سئيز ڪئنال جي اُن سوڙھي لنگھ مان اسٽيم جھاز سائيز ۾ ننڍا ھئڻ سبب آساني سان گذري جلدي پھچي ويا ٿي، پر ڪٽي سارڪ وڏي سائز ھئڻ سبب اُن مان گذري نٿي سگھيو ۽ ٻئي ۽ ڊگھي روٽ کي استعمال ڪرڻ سبب چين دير سان پھتو ٿي. نتيجن ڪٽي سارڪ واپاري ڪامپيٽيشن ۾ پوئتي رھجي ويو. جيئن ئي اسٽيم شپ چانهه جي واپار تي غالب آيا، ته Cutty Sark پنهنجو رخ بدلائي آسٽريليا جي اُن(wool) جي واپار ڏانهن ڪيو. ڊسمبر 1883 ۾، ڪٽي سارڪ نيو ڪاسل، نيو ساوٿ ويلز، آسٽريليا کان اُن کڻي 83 ڏينهن ۾ لنڊن پھتو. مختلف ملڪن کان اُن جي درآمد ۾ استعمال ٿيندڙ ھن شاھي ٻيڙي کي 1895 ۾ پرتگالي ڪمپنيJ. Ferreira & Co خريد ڪيو ۽ ان جو نالو مٽائيFerreira رکيو ويو. پرتگالي ڪمپني جي عرصي دوران، اهو مختلف قسم جو ڪارگو کڻي برازيل (Rio)، آمريڪا (نيو اورلينز)، آفريڪا (موزمبيق، انگولا) وغيره جي بندرگاهن تي پھتو. لڳاتار 27 سال پرتگالي ڪمپني جي سرپرستي ۾ مختلف ملڪن مان ڪارگو ڍوئڻ کانپوءِ ڪٽي سارڪ 1922ع مرمت لاءِ ٻيهر برطانيا پھتو. اتي رٽائرڊ سامونڊي ڪئپٽن Wilfred Dowman ان کي سڃاڻي ورتو. هُو جواني کان ئي ڪٽي سارڪ کان متاثر هو، تنهنڪري هن جهاز خريد ڪري برطانيا ۾ اُن کي بچائڻ جو فيصلو ڪيو. اُن وقت جهاز جو نالو ڪجهه عرصي لاءِMaria do Amparo به رکيو ويو هو، پرDowman ان جو پراڻو نالوCutty Sark ٻيهر بحال ڪيو. ھاڻي ڪٽي سارڪ تجارتي جهاز طور نه، پر تربيت(training) واري جهاز طور استعمال ٿيڻ لڳو. 1938 کان 1954ع تائين ڪٽي سارڪ ڪٽي سارڪ ڪئڊٽن جي تربيت لاءِ استعمال ٿيندو رهيو، پر ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ ان جي تربيت واري ضرورت گهٽجي وئي ۽ جهاز به وقت سان گڏ خراب حالت ۾ وڃڻ لڳو. 1954ع ۾ ڪٽي سارڪ کي بچائڻ لاءِCutty Sark Preservation Society قائم ڪئي وئي. 10 ڊسمبر 1954ع تي جهاز کي ٿيمز ندي جي ڪناريGreenwich ۾ خاص طور تي ٺهيل Dry Dock ۾ آندو ويو. 1957ع ۾ نئين سر مرمت ۽ بحالي کانپوءِ ڪٽي سارڪ ٻيڙي کي ميوزم جو درجو ڏنو ويو ۽ عوام لاءِ کوليو ويو. اهڙي طرح ڪٽي سارڪ هڪ واپاري جهاز مان بحري تاريخ جو ميوزيم بڻجي ويو. 2007ع ۾ ڪٽي سارڪ ۾ تمام وڏي باهه لڳي. خوش قسمتيءَ سان ان وقت بحالي جو ڪم اڳ ئي شروع ٿيل هو ۽ جهاز جو وڏو حصو عارضي طور هٽايو ويو هو، تنهنڪري گھڻو نقصان هوندي به جهاز جو اصل ڍانچو وڏي حد تائين بچي ويو. موجودہ وقت به ڪٽي سارڪ جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڍانچو 1869ع ۾ ان جي ٺھڻ واري دور جو ئي (اصل) آھي. ڪٽي سارڪ جي مرمت، تزئين (renovation)، نين گئلرين جي بناوت ۽ سياحن جي سھولتن تي تقريبن 50 ملين پائونڊ خرچ آيو. اھڙي ريت ڪٽي سارڪ کي نئين سري سان تيار ڪري 25 اپريل 2012ع تي اُن کي ٻيهر عوام لاءِ کوليو ويو. انگريزن پاران پنھنجن تاريخي ورثن جي سارسنڀال ۽ پذيرائي تي ھيڏو وڏو ڪيل خرچ ڏسي وري جي پنھنجا تاريخي آثار ٿا ڏسون ته روئڻ ٿو اچي. ٿورو گھڻو پنھنجن قديم ۽ تاريخي آثارن تي خرچ ۽ سارسنڀال، سو به يونيسڪو ۽ ٻيا ادارا ڪن ٿا، باقي پاڻ وارا حڪمران ته پنھنجي پيٽ کان ئي واندا ناھن. جي پنھنجي بک مِٽين ته تاريخي ورثن ڏانھن ڌيان ڏين. لنڊن جي گرينوچ علائقي ۾ ٿيمس ندي جي ڪناري تي بيٺل ڪٽي سارڪ اڄ مستقل طور محفوظ آهي ۽ دنيا جي واحد بچيلextreme tea clipper طور مشهور آهي. جيتوڻيڪ هاڻي ڪٽي سارڪ چانهه، اُن يا ڪو ٻيو سامان کڻي سفر لاءِ نٿو اُسھي، پر ان جي اندر سياح اصل جهاز جا ڊيڪ، ڪارگو هولڊ، ڪئبنس، ڪپتان ۽ عملي جا ڪمرا، ملاحن/عملي جي رهائش ۽ ان جي سامونڊي تاريخ بابت نمائشون ڏسي ماضي ۾ پنھنجي دور جي انسانن، انھن جي ڪرت، سامونڊي سفر ۽ سماجي سيٽ اپ سان روبرو ٿين ٿا.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟