برطانيه جي ڀونءِ ۾ … سفر نامو (قسط پندرهين حصو ٻيون)
برطانوي تھذيب جو آئينو ويسٽمنسٽر ائبي…
برطانيه ۾ تاجپوشي جي رسم ڪيترن ئي مذهبي ۽ آئيني مرحلن تي مشتمل هڪ مڪمل تقريب هوندي آهي. روايتي طور ان جا پنج بنيادي حصا سمجهيا وڃن ٿا. 1. سڃاڻپ: بادشاهه کي ماڻهن جي سامهون پيش ڪيو ويندو آهي. هُو مختلف طرفن ڏانهن منهن ڪندو آهي ۽ آرڪ بشپ آف ڪينٽربري اعلان ڪندو آهي ته اِھوئي سندن جائز بادشاهه آهي ۽ اُتي موجود ماڻهو روايتي طور کيس سلام ڪري قبوليت جو اظهار ڪندا آهن. 2. حلف: ان ۾ بادشاھ قانون ۽ چرچ جي اصولن جي حفاظت ۽ پنهنجي رعيت سان انصاف ڪرڻ جو واعدو ڪندو آهي. 3. مقدس تيل جي رسم: هن رسم ۾ بادشاهه کي هڪ خاص ڪپڙي جي ڇٽيءَ هيٺ ويھاريو ويندو آهي. آرڪ بشپ آف ڪينٽربري بادشاھ کي مٿي، ڇاتي ۽ هٿن تي مقدس تيل لڳائيندو آهي. ان رسم جو مذهبي مطلب اهو آهي ته بادشاهه کي خدا جي خدمت ۽ رعايا جي ذميوارين لاءِ مقدس طور مقرر ڪيو پيو وڃي. 4. شاھي نشان ۽ تاج: هن رسم ۾ شاھي رتبي جي نسبت سان بادشاهه کي شاھي نشان يعني تلوار، زرھ، منڊي، شاھي عصا (لٺ)، گھوڙي جو سنج ۽ دستانا ڏنا ويندا آھن ۽ آخر ۾ سينٽ ايڊورڊ تاج (St Edward’s Crown) بادشاهه جي مٿي تي رکيو ويندو آهي. ان ئي لمحي کي عام طور تاجپوشي جو مرڪزي لمحو سمجهيو ويندو آهي.
5. تخت تي ويھارڻ: تاجپوشي بعد بادشاهه کي تخت تي ويهاريو ويندو آهي ۽ پوءِ روايتي طور شاهي خاندان ۽ ٻين اهم ماڻهن طرفان بادشاھ سان وفاداري جو اظهار ڪيو ويندو آهي. ھي تاجپوشي جي شاھي رسم جو شان ۽ دٻدٻو تڏھن کان قائم آھي، جڏھن تقريبن اڌ دنيا تي برطانيه جو غلبو ھو. اڄ دنيا جي مٿان برطانيه جي اقتدار جو سج غروب ٿي چڪو آھي ۽ دنيا جو نئون مائي ٻاپ (سامراج) آمريڪا بڻجي چڪو آھي. خود برطانيه ۾ به بادشاھت جا اختيار نالي ماتر رھجي ويا آھن ۽ گھڻي ڀاڱي سڀ اختيار پارليامينٽ ڏانھن منتقل ٿي ويا آھن، پر “رسي جل گئي بل نهين گيا” جي ضرب المثل چوڻي موجب، برطانيه جي دماغ مان شايد اڃان تائين اُھا فاتح حڪمرانن واري مڳي ناهي نڪتي. ڀلي ڪير اُن کي اُتي جي شاھي ڪلچر جو روايتي تسلسل ڪوٺي، پر پاڻ کي ته اُن مان فاتحانه ذھنيت جي گندي بوءِ محسوس ٿئي ٿي.
ويسٽمنسٽر ائبي ۾ شاهي شاديون عام طور تيHigh Altar جي سامهون Sanctuary/Sacrarium واري حصي ۾ ٿينديون آهن. مختلف دورن ۾ ھِتي 16 شاهي شاديون به ٿي چڪيون آهن. مذهبي توڙي شاھي تقريبون ويسٽمنسٽر جي تقريبن سڀني حصن ۾ ٿينديون آهن. ويسٽمنسٽر ائبي ۾ ھڪ اندازي موجب 30 بادشاهن ۽ راڻين جون آخري آرامگاھون به آهن. اِھي شاهي قبرون ۽ يادگار گهڻو ڪري ائبي جي اوڀرئين حصي ۾ آهن، جڏهن ته Edward the Confessor جي قبرHigh Altar جي بلڪل پٺيان آهي. ھن جي قبر مٿان ٺھيل ڪاٺ جي ڇٽيءَ تي ڪاٺ ۽ رنگين شيشي جو خوبصورت جڙاءُ ٿيل آھي. مقبري جي ڀتين ۽ فرش تي رنگين پٿرن ۽ شيشي جي ننڍن ٽڪرن سان نفيس قسم جو آرائشي ڪمcosmetic mosaic ڪيل آھي ۽ ساڳئي وقت 2019 ۾ مقبري جي ٻاھران بلوط جي ڪاٺ جي فريم تي ايڊورڊ جي پينٽ ٿيل تصوير پڻ آويزان ڪئي وئي آھي. ھونئن ته حسبِ معمول روزاني عبادت لاءِ سڄي ويسٽمنسٽر ائبي چرچ طور استعمال ٿئي ٿي، پر خاص طورQuire جيڪو عمارت جو وچ وارو حصو آهي، اُن ۾ پادري خطبو ڏين ٿا ۽ ڳائڻ واري ٽولي(choir) ڪورس جي انداز ۾ ثنا جا گيت ڳائين ٿا، جيڪي روزاني عبادت جي خدمتن ۾ شامل آھن.
ويسٽمنسٽر ائبي جي سڃاڻپ رڳو شاھي خاندانن جي رسم تاجپوشي، شاھي تقريبن، شاھي خاندانن جي آخري آرامگاھ يا حسب معمول عبادت واري ناھي، پر ان جي سڃاڻپ علم ادب سائنس ۽ فنونِ لطيفه سان لاڳاپيل شخصيتن جي ڪري به آھي، جن جا جسد خاڪي يا يادگار ھتي رکيا ويا آھن. شاعرن ۽ اديبن جو سيڪشن “پوئٽس ڪارنر” ويسٽمنسٽر جي South Transept ۾ آهي. ان جو بنياد جيفري چوسر جي 1400ع ۾ اتي دفن ٿيڻ جي خواھش کانپوءِ پيو ۽ پوءِ آهستي آهستي هي حصو شاعرن ۽ اديبن جي قبرن ۽ يادگارن جو مرڪز بڻجي ويو. اڄ اتي لڳ ڀڳ 40 اديب دفن ٿيل آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 70 ڏات ڌڻين جا يادگار موجود آھن. دفن ٿيل شخصيتن ۾ مشھور شاعر جيفري چوسر، الفريڊ لارڊ ٽينيسن، رابرٽ برائوننگ، شاعر ۽ ليکڪ رڊيارڊ ڪپلنگ، ناول نگار چارلس ڊڪنس، ٿامس ھارڊي، ليکڪ، مفڪر ۽ لغت نويس سيموئيل جانسن ۽ ٻيا ڏات ڌڻي شامل آھن. جڏھن ته اُھي قلمڪار جيڪي دفن ته ٻين ھنڌن تي آھن، پر اُنھن جا يادگار ويسٽمنسٽر ائبي ۾ ٺاھيا ويا آھن، اُنھن ۾ مشھور شاعر ۽ ڊرامه نويس وليم شيڪسپيئر، ناول نگار جان آسٽن، شاعر رابرٽ برنس، شاعر، مصور، ڊرامه ۽ ناول نگار وليم بليڪ ۽ ٻيا لکاري شامل آھن.Scientists’ Corner ويسٽمنسٽر ائبي جي وچ واري حصي(Nave) جي اتر اوڀر واري حصي ۾ آهي. هتي خاص طور فزڪس، ڪيمسٽري، رياضي ۽ فلڪيات سان لاڳاپيل وڏن سائنسدانن جون قبرون ۽ يادگار گڏ نظر اچن ٿا. ھِن حصي ۾ جيڪي سائنسدان دفن ٿيل آھن اُنھن ۾ فزڪس، رياضي ۽ فلڪيات جو مشھور سائنسدان سر آئزڪ نيوٽن، علم حياتيات جو ماھر ۽ ارتقا جو نظريو متعارف ڪرائيندڙ سر چارلس ڊارون، بليڪ ھولس، بگ بئنگ تي ڪم ڪندڙ ۽ ھاڪنگ ريڊيئيشنس متعارف ڪرائيندڙ سائنسدان اسٽيفن ھاڪنگ ۽ ٻيا ناميارا سائنسدان شامل آھن. چارلس ڊارون، نيوٽن ۽ اسٽيفن ھاڪنگ جون قبرون ھڪ ٻئي جي ويجھو آھن. ھاڻي آئون ڊارون جي قبر وٽ اچي بيٺو آھيان. چارلس ڊارون جي قبر تي لڳل مستطيل شڪل جو ميرانجھڙو سفيد سنگِ مرمر جو پٿر فرش کان ٿورڙو مٿي اُڀريل آھي ۽ پاسي ۾ ننڍڙو ڊارون جو پتلو ٺھيل آھي. آئون گھڙي پل لاءِ ارتقا جي نظريي تي سوچيندي ڊارون سان مخاطب ٿيان ٿو، “تو اسان کي ٻڌايو آھي ته انسان اڳي باندر ھو ۽ اُھو ارتقا جي مرحلن مان گذري موجودہ انساني شڪل تي رسيو آھي، پر يار ڊارون! دنيا ۾ ھيڏي بربريت ڏسي لڳي ٿو ته انسان صرف جسماني ارتقائي عمل ۾ باندر مان انسان جي شڪل اختيار ڪئي آھي، باقي ذھني طور انسان اڄ به جانورن کان به وڌيڪ وحشي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ته مون کي لڳندو آھي ته انسان ۾ ارتقائي عمل، پويان(reverse) موٽي رھيو آھي ۽ جيئن پوءِ تيئن انسان وڌيڪ وحشي درندو ٿيندو ٿو وڃي.”
مون کي ڪنن ۾ آواز گونجندي محسوس ٿيو. اھو ڊارون جو آواز ھو، “مون ساھوارن جي وحشي جبلتن تي به ڄاڻ ڏني آھي. انسان جڏھن من اندر جي ضمير جو گلو گھٽي وحشتن جو غلام بڻجي اُنھن کي پنھنجي عادت بنائي ڇڏي ته سماج ۾ لازمي بربريت ئي ڦھلبي ۽ سماج ۾ سڌارو آخر ڇو ته ايندو؟”
“سچ ٿو چوين ڊارون” مون وراڻي ڏيندي چيو، “واقعي جي انسان اندر جي آواز کي ٻُڌي ته ڪر ترقي جا مرحلا طئي ڪري اڳيان نڪري وڃي ۽ دنيا گل و گلزار بڻجي پوي. اِھو ئي ارتقائي سچ آھي.” ڪجھه دير ڊارون سان روح ڀري ڪچھري ڪري کانئس موڪلايم ۽ سندس ويجھو ئي دفن ٿيل سر آئزڪ نيوٽن جي قبر تي ھليو آيس. نيوٽن جي قبر تي اڇي ۽ سرمائي سنگِ مرمر جو يادگار ٺهيل آهي، اُن جي بنيادي تختي تي ڊگهو لاطيني ڪتبو لکيل آهي، جنھن ۾ ڄاڻايل آهي ته، “نيوٽن پنهنجي غير معمولي ذهانت سان سيارن جي حرڪت ۽ شڪلين کي سمجهيو، دمدار تارن “ڪاميٽس” جا رستا معلوم ڪيا، روشني ۽ رنگن جي خاصيتن کي واضح ڪيو ۽ پنهنجن رياضياتي اصولن سان فطرت جي قانونن کي بيان ڪيو.” ان جي مٿئين حصي ۾ ننڍڙن ٻارن کي نيوٽن جي سائنسي ڪم سان لاڳاپيل اوزار دوربيني، پرزم وغيره استعمال ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اُن جي مٿان ليٽيل حالت ۾ نيوٽن جو مجسمو آھي ۽ وري اُن جي مٿان هڪ وڏو آسماني گلوب آهي، جنهن تي آسماني نشان ۽ تارا آهن ۽ ان تي فلڪيات جي علامتي شڪل ٺھيل آهي. ھِتي کوڙ سارا ماڻھو/سياح نظر اچي رھيا ھئا جيڪي سائنسدانن جي ڪيل پورھئي تي سوچيندي دل ئي دل ۾ کين خراج پيش ڪري رھيا ھئا. ھي عظيم انسان اڄ جيڪي ھتي ابدي آرام ۾ آھن، جڏھن جيئرا ھئا ته لاکيڻي لطيف جي لفظن:
“جان جان هئي جيئري، وِرچي نه ويٺي،
وڃِي ڀُونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.”
جي پوئيواري ڪندي انسانذات جي ڀلائي لاءِ گھڻو ڪجھه ڪري ويا. اڄ جيڪي اسان کي آسائشون ۽ سھولتون ميسر آھن، انھن سائنسدانن جي پورھئي جي ئي طفيل آھن. آئون گھڙي پل لاءِ اُستاد نيوٽن جي قبر تي خاموش بيٺو رھيس. مون کي صوف جو مٿان کان ھيٺ زمين تي ڪرڻ جو زمين جي ڇڪ جو قاعدو(Law of Gravitatin) هاڻي بخوبي سمجھه ۾ اچي ويو. “بيشڪ ھر شئي کي پس و پيش واپس ڌرتي ڏانھن ئي موٽڻو آھي، جو اسين اُن ڪُل (ڌرتي) جو جُز آھيون، پر مون کي اھو سمجھه ۾ نٿو اچي ته سڀ ڪجھه سمجھڻ جي باوجود، پوءِ به ڪي نالائق ڇو ڌرتي ماءُ کي ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ جو سوچي ڌرتي ماءُ کي آزارين ٿا ۽ پنھنجي قيام ڪاري ڪن ٿا.” اُستاد نيوٽن کي پنھنجي دل جا درد سڻائي ھاڻ آئون ھليو آيو آھيان اُن جي ويجھو ئي رکيل اسٽيفن ھاڪنگ جي قبر تي. اسٽيفن ھاڪنگ کي گذاري وڃڻ کانپوءِ جلايو ويو ھو ۽ سندس خاڪ 2018ع ۾ ھِتي دفن ڪئي وئي آھي. سندس قبر زمين کان مٿي اُڀريل ناھي، پر اُھا زمين سان يڪسرائي (برابري) ۾ ٺهيل آھي. سندس قبر تيCaithness slate جو ڪارو/گهرو سرمائي رنگ جو پٿر لڳل آهي، جنهن تي ھاڪنگ ريڊيئيشن جي مساوات نقش ٿيل آهي. ھن عظيم انسان جي قبر تي گھڙي ساعت بيھه سوچيان ٿو ته، “ھڪ طرف جسماني طور معذور ۽ نٻل انسان اسٽيفن ھاڪنگ اُوچي اُڏام ڀري بليڪ ھولس ۽ بگ بئنگ جي کوج ۾ نڪري پوي ٿو ۽ انيڪ اسرارن تان پردو کڻي ٿو ۽ ٻئي طرف اسين سڄا سارا جسماني طور صحتمند ماڻھو اڃان تائين نور ۽ بشر جي مسئلي ۾ منجھيل آھيون. پنھنجن افعالن کي ڏسي سوچيان ٿو ته جي اھي سائنس جون نعمتون نه ھجن ھا ته، پاڻ ته ڪر گھرين غفائن جي اوندھ واري دور ۾ پيل ھجون ھا.”
ويسٽمنسٽر ائبي ۾ اُھي سائنسدان جن جا جسد خاڪي ته ٻين ھنڌن تي دفن ٿيل آھن، پر اُنھن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ سندن يادگار ھتي جوڙيا ويا آھن، اُنھن ۾ فزڪس ۽ ڪيمسٽري جو مشھور سائنسدان مائيڪل فيراڊي، فزڪس ۽ رياضي جو سائنسدان جيمس ڪلارڪ مئڪسويل ۽ ٻيا سائنسدان شامل آھن. ويسٽمنسٽر ۾ موسيقارن لاءِ به خاص حصو North Choir Aisle آھي جنھن کي ميوزيشنس ڪارنر به سڏيو ويندو آھي. اتي ڪيترن ئي مشهور موسيقارن ۽ ڪمپوزرن جون قبرون/يادگار/مجسما موجود آهن، جن ۾ جان بلو، وليم بينيٽ، ايڊورڊ ايلگر ۽ ٻيا شامل آھن. عيسائي مذھب ۾ ھونئن به موسيقي عبادت جو جُز (حصو) آھي، تنھنڪري اُھي موسيقي جا دلداده آھن. ھتي جنھن ٽائيم آئون آيو آھيان اھو عبادت جو ٽائيم ناھي، پر ھِن ماحول ۾ مون کي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چرچ ۾ ٻڌل عبادتي گيت ذھن تي تري اچن ٿا، جن جي سرور اڄ به منھنجي اندر کي محظوظ ڪري رکيو آھي.
انھن قبرن/يادگارن کانسواءِ سڄي ويسٽمنسٽر ائبي ۾ لڳ ڀڳ 600 کان مٿي مصورن، مجسما سازن، مورخن، عالمن، فنڪارن ۽ فلاسافرن جون قبرون/ يادگار/مجسما ڦھليل نظر اچن ٿا. جن ۾ سر گاڊفري ڪِنلر (پورٽريٽ پينٽر)، ايڊورڊ ليئر (مصور، ليکڪ ۽ پکين جي علم جو ماهر)، ٿامس بينڪس (مجسمي ساز)، وغيره شامل آھن. ويسٽمنسٽر ائبي جي شاندار پٿر جي ٺھيل عمارت نه صرف آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ جي شاھڪار آھي، پر اُن جي ڪلاسيڪل خوبصورتي، آرٽسٽڪ ۽ ائنٽڪ انداز ۾ ڪيل حيرت انگيز ڪاريگري انگلينڊ جي تاريخ، تھذيب ۽ تمدن جو ڏيک(look) ڏئي ٿي. خوبصورت پٿرن جو جڙاءُ، ديوارن ۽ ڇتين تي منفرد اسٽائل جي مجسما سازي، ائبي جي درين، دروازن، فريمن، ڪٻٽن ۽ اسٽينڊس تي ڪيل ڪاٺ جو باريڪ ڪم، درين ۾ لڳل شيشن تي رنگ برنگي گلڪاري، پينٽنگس، فرش ۽ ديوارن ۾ لڳل ماربل ۽ اُن ۾ شيشي جي ٽڪرن جي پيوند ڪاري سياحن کي ٽڪ ٻڌي نھارڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي. ويسٽمنسٽر ائبي ۾ موجود قبرن/يادگارن/مجسمن ۾ ڪلا جا ائنٽڪ، علامتي ۽ تجريدي(abstract) رنگ ۽ جوھر پسي ھڪ واري ماڻھو حيرت ۾ پئجيو وڃي ۽ بي اختيار اُنھن جي تخليقڪارن کي داد ڏئي ٿو. ويسٽمنسٽر ائبي جي جنھن به حصي ۾ وڃو، توھان کي علم، تاريخ، فن جا دلداده نظر ايندا. ڪي سياح فوٽو گرافي ڪندي ته ڪي ڪتبن تي لکيل تحريرون پڙھندي ته ڪي ڪوئي مجسمو يا قبر ڏسي ماضي واري ماحول ۾ گھمندي نظر ايندا، ھر ھنڌ ايڏي رش ڄڻ ميلو لڳل ھجي.
ويسٽمنسٽر ائبي جو قبرستان ڪو عام قبرستان جيان ناھي جتي جي سنسان ۽ خوفناڪ ماحول کان ماڻھو پريشان ٿئي ۽ موت جو ڊپ ورائي وڃي، بلڪه ھي ڪلا جو ھڪ اھڙو عجب آستانو آھي جتي جي ھر شھپاري جي پنھنجي سونھن آھي ۽ ھر شھپارو ٻئي شھپاري کان منفرد آھي ۽ اُن جو پنھنجو الڳ جوھر، رنگ ۽ فن آھي ۽ اُھو ڪنھن جو به ورجاءُ ناھي. مثال طور: جان ووڊورڊ (طبيب، سائنسدان) جي يادگار ۾ هڪ عورت جي مجسمي کي فلسفياتي انداز ۾ ظاھر ڪيو ويو آهي. عورت کي پٿر تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي ۽ سندس هٿ ۾ ووڊورڊ جي تصوير وارو ٻِلو(medallion) آهي ۽ اُن جي چوڌاري ڪتاب، ڪوڏ، پٿرائجي ويل ٻوٽن جا نقش آهن. اوليور گولڊسمٿ (شاعر، فلاسافر ۽ تاريخدان) جي اڇي سنگِ مرمر جي يادگار ۾ سندس پورٽريٽ سان گڏ سندس ڪتاب ميڊل، سايون ٽاريون ۽ ماسڪ علامتي طور ڏيکاريل آھن. ڪتاب سندس لکڻين/علم، سايون ٽاريون سندس سدا بھار ادبي شهرت ۽ ماسڪ/پردو سندس ادبي/ڊرامائي فن ڏانهن اشارو ڪري ٿو. جان ملٽن جي سنگِ جي مٿئين ڌڙ واري مجسمي(bust) ۾ ان جي چوڌاري ڪجهه شيون علامتي معنيٰ ۾ رکيون ويون آھن، جن ۾ سرود(lyre) شاعري ۽ موسيقي، کجي جون ٽاريون فتح، عظمت ۽ روحاني ڪاميابي ۽ نانگ ۽ صوف، بائبل جي پس منظر ۾ گناھ ۽ ثواب کي علامتي طور تي ظاھر ڪن ٿا.
ويسٽمنسٽر ائبي ۾ علم ادب، فن، تاريخ ۽ سائنس سان لاڳاپيل قبرون مجسما ۽ ٻيا نادر نمونا ڏسي آئون ھڪ واري سوچڻ لڳان ٿو ته انگلينڊ کي پنھنجن ھيروز سان ڪيڏي نه محبت آھي. ھي اُھوئي يورپ آھي، جن جي ڪليسائن ۾ ڪنھن زماني ۾ پادرين مختلف مڪتبهءِ فڪرن وارن عالمن اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سائنسدانن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ھو ۽ اُنھن تي فتوائن ۽ سزائن جي ڀرمار لاھي ڏني ھئي ۽ اڄ اُنھن ئي پادرين جي ڪليسائن ۾ اُھي مان ۽ شان سان براجمان آھن. ڪليسائن ۾ وقت سان گڏ آيل مثبت تبديلي ۽ روشن خيالي اسان جي چانئٺ تي ڪڏھن پھچندي؟ يار! پاڻ کي ته في الحال اھو بس خواب ئي باسي ٿو.
انگلينڊ جي شھر لنڊن ۾ واقع شاھي شان جي علمبردار قديم ۽ تاريخي ڪليسا ويسٽمنسٽر ائبي جنھن ۾ ھرڪو ئي موت کانپوءِ دفن ٿيڻ پاڻ لاءِ اعزاز سمجھندو آھي، پر اھو اعزاز ڪنھن خوشنصيب ماڻھو جي ئي حصي ۾ ايندو آھي. انگلينڊ جي مشھور ليکڪ، نقاد ۽ مفڪر جان رسڪن (1819- 1900) کي سندس پورھئي جي مڃتا طور اعزاز بخشڻ لاءِ انگلينڊ جي تاريخي ۽ شاھي روايتن جي حوالي کان وڏي عبادت گاھه ويسٽمنسٽر ائبي ۾ دفن ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي وئي هئي، پر هُن اھو چئي اها پيشڪش قبول نه ڪئي ته، “ھُو پنھنجي موت کانپوءِ ڪونسٽن ۾ دفن ٿيڻ پسند ڪندو جتي جي ڍنڍ ۽ جبلن سان ھُن جو نينھن جو ناتو جڙيل آھي.” سندس خواهش جو احترام ڪندي نه صرف جان رسڪن کي ڪونسٽن ۾ دفن ڪيو ويو، پر سندس ويسٽمنسٽر ائبي ۾ دفن ٿيڻ کان انڪار جي باوجود به ويسٽمنسٽر ائبي ان کي اَنا جو مسئلو نه بڻايو ۽ ھِن عظيم ليکڪ ۽ مفڪر کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ ويسٽمنسٽر ائبي ۾ سندس يادگار جو اسٿاپن ڪيو ويو. جان رسڪن جي يادگار تي بيھي آئون اھو سوچيان ٿو ته، “قومون تڏھن ئي اڳتي وڌنديون آھن جڏھن اُھي پنھنجين انائن کي ڇڏي غلطيون قبول ڪن ۽ ٻئي جي عقيدي، فڪر ۽ راءِ جو احترام ڪرڻ سکن ۽ ٻئي جي عقيدي، فڪر ۽ راءِ کي به اوتري ئي عزت ڏين جيتري اُھي پنھنجي عقيدي، فڪر ۽ راءِ کي ڏين ٿا.
ويسٽمنسٽر ائبي برطانيا جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ مختلف مڪتبِ فڪر جي شخصيتن جي تاريخ جو هنڌ، سڃاڻپ ۽ ورثو بڻجي ويو آھي، جن کي پسي سياح اُنھن دورن ۾ داخل ٿي وڃن ٿا، جن ۾ اھي ادب آرٽ، سائنس ۽ فلسفي سان لاڳاپيل شخصيتون حيات ھيون. اڄ اسان جيڪي ڪجھه به آھيون ۽ سماج ۾ جيڪا به شعور جي آگھي ۽ روشن خيالي آھي يا سماج ۾ جيڪا به سونھن، اوسر، تبديلي ۽ ترقي نظر اچي ٿي، سا انھن عظيم شخصيتن جي پورھئي جي محنت جو نتيجو آھي. ويسٽمنسٽر ائبي ۾ تقريبن 3300 قبرون/يادگار آھن جن ۾ زياده تر برطانوي آھن، تاھم ڪجھه ناميارين پرڏيھي شخصيتن جون قبرون به آھن جن ۾ ميجر جان آندري (آمريڪا)، اسٽاٽس لانگ موريس (آمريڪا) شامل آھن. جڏھن ته ان ۾ ٽي ايس ايليٽ (آمريڪا)، جيمس رسل لوويل (آمريڪا)، فرينڪلن ڊي روزويلٽ (آمريڪي صدر)، مارٽن لوٿر ڪنگ (آمريڪا) ۽ نيلسن منڊيلا (ڏکڻ آفريڪا) وغيره جا يادگار/مجسما به ٺھيل آھن. تقريبن پنج ڪلاڪ آئون ويسٽمنسٽر ائبي ۾ گھميس، پر پوءِ به آئون اُن کي پورو نه ڏسي سگھيس. ويسٽمنسٽر ائبي جي تاريخ جو گھرو مشاھدو ڪرڻ لاءِ ته مون کي ڏھين صدي کان حال تائين پاپڙ ويلڻا پوندا. ايترو مون وٽ ٽائيم ڪٿي ھو؟ ۽ ھاڻي جڏھن آئون ويسٽمنسٽر ائبي کي سرسري گھمي ٻاھر کلي روڊ تي نڪري آيو آھيان ته سوچيان ٿو، “ويسٽمنسٽر ائبي کي رڳو بادشاهن ۽ راڻين جي تاجپوشي، شاھي تقريبن ۽ شاھي خاندانن جي آخري آرامگاھ طور ڏسڻ صحيح نه ٿيندو. بيشڪ ويسٽمنسٽر ائبي لاءِ چئي سگھجي ٿو ته، ويسٽمنسٽر ائبي برطانيه جي شاھي ورثي سان گڏ علم، ادب، آرٽ، سائنس، ثقافت ۽ تھذيب جو ھڪ جاءِ تي سجايل ھڪ اھڙو گلدستو آھي، جنھن ۾ ھر گل جي پنھنجي سونھن سڳنڌ ۽ سرھاڻ آھي ۽ من کي موھيندڙ آھي.”
…(پورو ٿيو)…
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟