برطانيه جي ڀونءِ ۾ … سفر نامو (قسط تيرهين)
ذڪر سائيڪل شو ۽ جوئيل ٽاور جو…
جواني ۾ اُبتي سُبتي جاءِ، بي ترتيب ماحول يا اڻپوري بستري تي به ٺاھوڪي ننڊ اچي ويندي ھئي ۽ ھاڻ؟ عمر جي ھِن (ستر واري) ڏھاڪي ۾ ننڊ جا محبوبن جيترا انگل آرا کڻون ٿا ۽ عاجزيون ۽ منٿون به ڪريون ٿا، پر ننڊ آھي جيڪا اچڻ لاءِ پوءِ به تيار ڪونھي. بس بستري تي پاسا ورائيندي ڪو گھڙي پل لاءِ اک لڳي وڃي ته ٺيڪ، نه ته اوجاڳا، اڪيلائپ ۽ من اندر جا احوال، ڄڻ سسئي جي سورن جيان پنھنجو مقدر بڻجيو وڃن. ھاڻي جڏھن صبح جو سوير پنھنجي اک کلي ئي وئي آھي ته سوچيم، ڇو نه ھلڪو ڦلڪو ناشتو پاڻي ڪري رومفرڊ مارڪيٽ جو چڪر ھڻجي ۽ گھر جو ڪو سودو سلف به وٺي اچجي. سو سائين منھنجا! واندي ويھڻ کان وندر ڀلي، بس پاڻ فليٽ تان لھي آيا آھيون ھيٺ ۽ پھچي ويا آھيون رومفرڊ مارڪيٽ ۾ جيڪا پاڻ واري فليٽ کان سڏ پنڌ تي آھي. ھي رومفرڊ جي تاريخي مارڪيٽ جنھن جي ڪشادي اڱڻ تي ڪاروباري رونقن سان گڏ اڪثر ھِن علائقي سان وابسته رفاهي توڙي سماجي سرگرميون(Activities) به عام جام ٿين ٿيون. رومفرڊ جي ھِن قديم ۽ تاريخي مارڪيٽ جو تفصيلي ذڪر ڪنھن ٻئي ڀيري ڪبو. بس جيئن ئي پاڻ ھِتي ھِن مارڪيٽ ۾ پھتا آھيون ته اُن مھل ئي اُتي ھڪ سماجي رفاهي پروگرام، “مفت ۾ سائيڪل مرمت ڪرايو يا عطيي ۾ ڏيو،” جي سري ھيٺ شروع ٿي چڪو آھي. ھتي (لنڊن) جون ڪائونسلون(Boroughs) پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ صفائي سٿرائي جي انتظام رکڻ کانسواءِ وقت بوقت سماجي سجاڳي ۽ رفاهه عامه جا به پروگرام ڪرائينديون رھنديون آھن. مون کي ھِن کا اڳي به رومفرڊ ڪائونسل طرفان صحت عامه خاص طور تي بزرگن ۽ ٻارن جي چڱ ڀلائي ۽ ماڻھن کي جنسي شعور ڏيڻ ۽ ٽين جنس کي سماج ۾ پروقار رتبو ڏيڻ لاءِ ترتيب ڏنل پروگرامن کي ڏسڻ جو موقعو مليو آھي. اھڙا پروگرام نه صرف سماجي، ثقافتي، علمي ۽ فني ڄاڻ سان ڀرپور ھوندا آھن، پر اُنھن ۾ سُر سنگيت سان گڏ اسٽالن تي ٻارن توڙي وڏن لاءِ وندر جون رانديون ۽ گفٽ به موجود ھوندا آھن. اڄ پاڻ ڏسي رھيا آھيون رومفرڊ بزنس انويسٽمينٽ، سائيڪل ڪانفيڊينٽ، ڊاڪٽر بائيڪ، پيڊل مائي وھيل ۽ سليڪٽ اي مارڪ جي طرفان رومفرڊ مارڪيٽ جي وشال اڱڻ تي ٿيندڙ بائيڪ فيسٽ پروگرام، جنھن ۾ رومفرڊ بورو (ڪائونسل) جو سھڪار به شامل آھي. ھِن پروگرام ۾ سجايل اسٽالن تي ايندڙن کي مفت سائيڪلن جي مرمت ۽ چيڪ اپ، سائيڪل ٽرينگ، سائيڪل چوري کان بچاءُ جا اُپاءُ ۽ نئين سائيڪل خريد ڪرڻ کان اڳ ٽرائي جي سھولت ۽ مشقن/تجربن سان گڏ گھربل ڄاڻ به مھيا ڪئي پئي وئي.
جيئن ته لنڊن ڇا، پر سڄي يورپ ۾ سائيڪل مکيه سواري طور استعمال ٿئي ٿي ۽ اھا پوليوشن کان پاڪ، ماحول دوست سواري آھي، انھيءَ ڪري اُن جي مينٽيننس ۽ سارسنڀال تي ھِتي خاص توجهه ڏني وڃي ٿي. ھِتي ته روڊن تي ھلڻ کان اڳ ۾ سائيڪلون به فٽنيس جي مرحلن مان گذرن ٿيون، جڏھن ته اسان وٽ گاڏيون به بغير فٽنيس، مئنٽيننس، بنا لائسنس جي ڊرائيورن ۽ بغير ٽريفڪ رولز جي روڊن تي ھلن ٿيون ۽ پوءِ جيڪي خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ٿين ٿا ۽ بيگناھه انساني حياتيون ضايع ٿين ٿيون، اُنھن جي ته توھان کي ڀلي ڀت خبر آھي، پر ھي سجاڳ ۽ باشعور قوم آھي، جيڪا ھر ڪم قاعدي قانون سان ڪري ٿي. ھِتي انساني حياتي ته پري جي ڳالھه، پر وڻن ٽڻن جو به پاڻ واري عوام کان وڌيڪ خيال رکيو وڃي ٿو. ھِن پروگرام ۾ ماڻھن کي آگھي ڏيڻ سان گڏ ماڻھن کي محظوظ ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي سائيڪل ذريعي حيرت انگيز ڪرتب(stunts) به ڏيکاريا ويا، جيڪي عام طور تي ٽڪيٽ ڀري سرڪس ۾ ڏسڻ لاءِ ملندا آھن. سائيڪل تي ڪرتب ڏيکاريندڙ ڪرتب باز(stunt.man) جو ھلندڙ سائيڪل تي جمپ ڏيڻ يا سائيڪل کي جمپ ڏياري ٽيبل تي چاڙھڻ يا ٽيبل تان ھيٺ لاھڻ جو انداز ڪمال جو ھو. ورن وڪڙن ۾ پنھنجو ۽ سائيڪل جو بيلنس سنڀالڻ ۾ ھن جي مھارت به بيشڪ قابل داد ھئي. ھِن پروگرام جي منتظمين ۽ سھڪارن جو اِھو مقصد ۽ پيغام ھو ته بجاءِ پراڻيون سائيڪلون ڪچري ۾ اُڇلڻ جي اُنھن جي ادارن کي ڏنيون وڃن ته جيئن اُھي مرمت ڪري آفريقا جي غريب عوام تائين پھچايون وڃن. ھڪڙيون ھِن ملڪ جون ڪائونسلون ۽ ادارا آھن جيڪي پنھنجي بجيٽ ته ايمانداري سان ماڻھن جي ڀلائي تي خرچ ڪن ٿا، پر اضافي فنڊ يا وسيلا گڏ ڪري ۽ نيون اسڪيمون/منصوبه آڻي، اڃان به ماڻھن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ لاءِ سرگرم رھن ٿا ۽ ٻيون وري پاڻ واريون ڪائونسلون ۽ ادارا آھن، جن کي رفاهه عامه لاءِ فنڊ ته وٺڻ اچن ٿا، پر ڪم ڪرڻ کان ٻرو ٿو چڙھين ۽ وري فنڊ ھڙپ ڪرڻ ۾ نه ڪو حيا ۽ نه ئي ڪو شرم ٿو محسوس ٿئين. اڳي ته اڃان به ٽڪو پئسو ڪم ڪار ٿيندو ھو، ھاڻي ته ھڙئي پئسا کيسي ۾، ڄڻ سندن پيءُ جو مال ھُجي!؟ ذھانت ۽ قابليت اسان ۾ به آھي ۽ وسيلا اِنھن ملڪن کان به اسان وٽ گھڻا آھن، پر جيستائين ادارن مان ڪرپشن نٿي ختم ٿئي، تيستائين اسين سڌرڻا ناھيون ۽ نه ئي وري پنھنجي ملڪ جي قسمت بدلجڻي آھي. اھو رفاهي ۽ اُن سان گڏ وندر سان ڀرپور پروگرام ڏسي ۽ واپسي ۾ ٿورو گھڻو ٻوڙ ٻاڙي وٺي واپس اچي فليٽ تي پھتو آھيان. سوچيان ٿو، اڃان ته صبح جا ٻارنھن به مس ٿيا آھن ۽ پاڻ کي اڄوڪو باقي بچيل ڏينھن به سَڻائو ڪرڻو آھي. اسان وٽ اڪثر سَڻائي ڏينھن گذرڻ جو مفھوم ڪاروبار يا پئسي ۾ واڌارو سمجھيو ويندو آھي. جڏھن ته پنھنجي نظر ۾ سَڻائو ڏينھن گذرڻ مان مطلب آھي گھمڻ ڦرڻ ۽ جيون جو ڀرپور آنند وٺڻ. سو يار! پاڻ ته گھمڻ ڦرڻ ۽ وري ڪا نئين دنيا ڏسڻ لاءِ ٿوري دير رکي ٻاھر لازمي نڪرنداسين ئي نڪرنداسين.
اسان وٽ عام طور تي اھو خيال ڪيو ويندو آھي ته جِتي ڪارو نانگ (شيش نانگ) پنھنجو ٻِر ٺاھي ٿو ته اُن جي آسپاس ضرور ڪو نه ڪو خزانو پوريل ھوندو! تڏھن ته سنڌي ۾ چوڻي، “ناڻي تي نانگ ويھارڻ” مشھور آھي. سو سائين منھنجا! پاڻ ٻنپھرن جو لولو ٽُڪر کائي نڪري پيا آھيون اھڙو ئي خزاني جو ھنڌ ڏسڻ جيڪو جوئيل ٽاور جي نالي سان مشھور آھي. ھِتي نانگن جو ته پھرو ناھي، پر ڪنھن زماني ۾ اُتي خزاني جي حفاظت لاءِ گارڊ ضرور مقرر ٿيل ھوندا ھئا. جوئيل ٽاور ھڪ اھڙي تاريخي عمارت آھي جنھن ۾ ڪنھن زماني ۾ شاھي حڪمران پنھنجا ھيرا موتي، سون مين ۽ ٻيو قيمتي سامان رکندا ھئا. آئون گھڙي پل لاءِ سوچيان ٿو، “خدانخواسته جي پنھنجي ملڪ ۾ اھا عمارت ھجي ھا ۽ پنھنجن ھمراھن کي خبر پوي ھا ته ھِتي شاھي خزانو موجود آھي ته ڪڏھوڪا اُن جا بنياد اُکوڙي ۽ اُن جون سرون ۽ ٻيو قيمتي سامان گم ڪري سڄو ميدان سڃ ڪري ڇڏين ھا، جيئن ڀنڀور ۽ برھمڻ آباد جو ستياناس ڪيو اٿن، پر ھي انگريزن جو ملڪ انگلينڊ آھي جن کي پنھنجي تاريخي ورثي سان بي انتھا پيار آھي ۽ اُھي اُن کي سنڀالي به ڄاڻن. اسان وانگي نه ته پنھنجي ثقافتي ورثي سان محبت جي دعويٰ ته ڪريون ٿا، پر اُن جو سرون پَٽيندي به دير نٿا ڪريون.” پاڻ ان تاريخي خزاني جي عمارت يعني جوئيل ٽاور کي ڏسڻ لاءِ رومفرڊ کان ٽرين ۾ نڪتا آھيون ۽ اچي لٿا آھيون ويسٽمنسٽر ٽيوب اسٽيشن تي. ريلوي اسٽيشن کان ٻاھر نڪري جھڙالي موسم ۽ ٿڌڙي ھوا ۾ ڇڪيو اٿئون پنڌ کي. ھِتي انگلينڊ ۾ ٽيڪسي مھانگي ھئڻ سبب چڱا ڀلا ڦني خان به گوڏن تي زور رکندا آھن ته پوءِ ڀلا پنھنجي ڪھڙي حيثيت؟ سو پاڻ پنھنجي رمز ۾ آواره گردي ڪندا پنجن ستن منٽن ۾ پھچي ويا آھيون ائبنگڊن اسٽريٽ جي ويجھو ۽ ويسٽمنسٽر (ھائوس آف لارڊس/پارليامينٽ) جي ڀرسان جوئيل ٽاور(Jewel Tower) تي. سينٽرل لنڊن جي خوبصورت ۽ تاريخي علائقي ۾ واقع، اِن قداور عمارت کي ڏسندي ئي مون کي اُردو جي ھڪڙي چوڻي ذھن تي تري آئي، “آثار بتاتي هين ڪي عمارت عظيم ٿي.” جوئيل ٽاور جنھن جو ڪنھن زماني ۾ ڇا ته شان ۽ دٻدٻو ھو ۽ اڄ اُھو ويران کنڊر جيان باسي ٿو. جوئيل ٽاور ھفتي ۾ فقط ٻه ڏينھن يعني ڇنڇر ۽ آچر صبح 10 وڳي کان شام 5 وڳي تائين کليل رھي ٿو. جوئيل ٽاور جي گھمڻ لاءِ ٽڪيٽ تقريبن 8 پائونڊ (پاڪستاني تقريبن 3200 رپيا) آھي، پر جيئن ته پنھنجي لنڊن ٽوئرسٽ پاس ٺھرايل آھي جنھن ۾ گھمڻ لاءِ يو ڪي جون کوڙ ساريون تاريخي ۽ تفريحي جڳھيون شامل آھن، جيڪا نسبتن گھمڻ جي حساب سان ھر ٽوئرسٽ اسپاٽ جي ٽڪيٽ وٺڻ جي ڀيٽ ۾ سستي پوي ٿي ۽ پوري سال لاءِ ڪارائتي(valid) هجي ٿي. رسيپشن ڪائونٽر تي لنڊن پاس اسڪين ڪرائي پاڻ داخل ٿي ويا آھيون جوئيل ٽاور جي اندر.
لنڊن جو ھي قديم ۽ تاريخي يادگار جوئيل ٽاور 1365-1366ع دوران، انگلينڊ جي بادشاھه ايڊورڊ-III جي ذاتي خزاني (ھيرن موتين، سون/چاندي جي زيورن، برتنن ۽ ٻين قيمتي شين) کي محفوظ رکڻ لاءِ بادشاھه جي رھائشي محل ويسٽمنسٽر(Palace of Westminster) جي ڀرسان ٺاھيو ويو. ھِن ٽاور تي اِھو نالو (جوئيل ٽاور) به ھيرن موتين(jewel) جي پويان پيو. ھي يادگار جوئيل ٽاور پنھنجي سيني ۾ تاريخ جا انيڪ واقعا/حادثا سنڀاليو رکيو ويٺو آھي. 1512ع ۾ باھه لڳڻ سبب پئليس آف ويسٽمنسٽر جو رھائشي حصو تباهه ٿي ويو، پر خوشقسمتي سان جوئيل ٽاور سڙڻ کان بچي ويو. باھه جي ان واقعي کانپوءِ بادشاھه ھينري اٺين Henry VIII پئليس آف ويسٽمنسٽر مان پنھنجي رھائش نئين محل وائيٽ ھال(White hall) ڏانهن منتقل ڪئي، جنھن سان گڏ جوئيل ٽاور ۾ پيل بادشاھه جو شاھي خزانو به منتقل ڪيو ويو، پر پوءِ به سپاھين جا لباس، جنگي سامان ۽ لاجسٽڪ اوزار ۽ ھٿيار، شاھي خاندان جو مالي ۽ انتظامي رڪارڊ، عام اسٽور روم جو سامان ۽ محل لاءِ تعميراتي اڏاوت جو سامان ۽ اوزار وغيره جوئيل ٽاور ۾ ئي رکيا رھيا. ان حساب سان جوئيل ٽاور مان خزاني جي منتقلي جي باوجود ان جو اسٽور روم ۽ ايڊمنسٽريٽو بلاڪ طور ڪارج پوءِ به رھندو رھيو. 1621ع ۾ جوئيل ٽاور مان اھو سڀ سامان ھٽائي، برطانوي پارليامينٽ جون ڊاڪيومينٽس ۽ ٻيو رڪارڊ ويسٽمنسٽر محل مان منتقل ڪري ھِتي آڻي رکيو ويو، يعني جوئيل ٽاور ھاڻي آرڪائيو اسٽور بڻجي ويو. 1719ع ۾ ان جي مرمت ڪري ان کي فائر پروف اسٽوريج بڻايو ويو. ان جون ڪاٺ جون ڇتون تبديل ڪري ان ۾ تھه خانو به ٺاھيو ويو ۽ رڪارڊ جي حفاظت لاءِ لوھي دروازو به لڳايو ويو. 1834ع ۾ لڳل وڏي باھه ۾ سڄو پئليس آف ويسٽمنسٽر ٻيھر سڙي ويو، پر جوئيل ٽاور وري به بچي ويو. 1864ع ۾ پارليامينٽ جو رڪارڊ جوئيل ٽاور مان کڻي نئين جوڙيل عمارت وڪٽوريه ٽاور ۾ منتقل ڪيو ويو. 1869ع کان 1938ع تائين جوئيل ٽاور کي ماپ ۽ تور جي سرڪاري اداري(Board of Trade Standards Department) جي طور استعمال ڪيو ويو. 20 هين صدي ۾، ٻِي عظيم جنگ (1941ع) دوران بمباري سبب ان کي جزوي نقصان به پھتو، جنھن جي مرمت ڪري ان کي ٻيھر بحال (restoration) ڪيو ويو. ھِن وقت ھي بچيل کچيل تاريخي عمارت (Jewel Tower) ميوزيم ۾ تبديل ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ ان عمارت سان لاڳاپيل اُن دور جون ڪجھه شيون نمائش لاءِ رکيون ويو آهن. ٽن ماڙين تي مشتمل جوئيل ٽاور جي ھر منزل(floor) تي تقرين ٻه ڪمرا (rooms/chambers) آهن جن ۾ هڪڙو وڏو ڪمرو ۽ ٻيو ننڍڙو ڪمرو آھي. گرائونڊ فلور تي ڪمرن جي ڇت قرون وسطيٰ جي آرڪيٽيڪٽ انداز تي ڪاٺ جي داسن ۽ پٿر جي چئونڪن جي ٺھيل آھي. ھِن وقت ان ۾ گفٽ شاپ ۽ ننڍڙي ڪيفي موجود آھي، جي توھان چاھيو ته گفٽ شاپ تان پراڻي دور جي انداز تي نقل ڪري ٺاھيل ڪابه گفٽ ۽ لٽريچر خريد ڪري ڪيفي تان چانھ يا ڪافي وٺي ڪرسي تي ويھي ٽيبل تي رکيل ڪپ مان مزي مزي سان سِپ ڀريندي ۽ لٽريچر پڙھندي ماضي جي تاريخ ۾ جھاتي پائي سگھو ٿا. جوئيل ٽاور جي پھرين منزل تي ٻن ڪمرن تي 18 صدي ۾ ھڪ ڇڄو (مھاڙي) به تعمير ڪيو ويو ھو. اِن حصي ۾ 1621 ۾ انگلينڊ جي بادشاھ جيمس-1 جي دور جو لوھي دروازو لڳل آھي ۽ ھِتي پراڻي دور جو غسل خانو به ٺھيل آھي. هِن حصي ۾ ھاڻي پارليامينٽ جي تاريخ ۽ رڪارڊ تي مشتمل نمائش لڳائي وئي آھي ۽ اُن سان گڏ مختلف دورن ۾ ماپ ۽ تور جي آفيسن جو رڪارڊ به موجود آھي. ٻِين منزل تي ٺھيل ٻه ڪمرا ڪنھن وقت ۾ شاھي خزاني کي رکڻ لاءِ استعمال ٿيندا ھئا، جو مٿي ھئڻ سبب اُھي سڀني کان وڌيڪ محفوظ سمجھيا ٿي ويا. ھِن وقت اُتي شاھي خزانو ته موجود ناھي، پر جوئيل ٽاور جي تاريخ جو display موجود آھي، جنھن ۾ 14 صدي جو ڪاٺ جو دروازو، دريون ۽ ڪجھه داسا رکيل آھن. اھڙن ئي داسن، دروازن ۽ درين جو استعمال آر سي سي تعميراتي ٽرينڊ اچڻ کان اڳ ۾ پاڻ وٽ به عام جام ھوندو ھو. ھاڻي آئون جوئيل ٽاور ڏسي ٻاھر اُن جي پڌر ۾ پھچي ويو آھيان. منھنجي نظر اُتي موجود آسپاس ڦھليل کنڊرن تي پئي. ڪنھن وقت ۾ اُتي ويسٽمنسٽر پئليس ھو جيڪو 1834 ۾ لڳل باھه ۾ مڪمل سڙي ويو ھو. نظر ايندڙ اِھي اڻ لکا آثار اُن محل جا آھن. ان کانسواءِ جوئيل ٽاور جي پاسي کان ھڪ وڏي کاھي ۽ خشڪ ٿيل پاڻي جي نالي جا آثار (کنڊر) به موجود آھن. اھڙا حفاظتي اُپاءُ شايد جوئيل ٽاور ۾ پيل خزاني تي لٽيرن جي امڪاني حملن کان بچاءُ لاءِ ورتا ويا ھئا. ھاڻي آئون جوئيل ٽاور ۽ اُن جا اوسا پاسا گھمي ٻاھر رستي تي نڪري آيو آھيان. ھلندي ھلندي سوچيان ٿو، “جيتوڻيڪ اڄ به انگلينڊ ۾ رسمي طور بادشاھت قائم آھي، پر ھاڻي اُتي بادشاھه جا اُھي ماضي وارا شاھي ٺٺ ڪٿي؟ ڪنھن زماني ۾ شاھي ڇَٽ (تاج) جيڪي بادشاھن ۽ راڻين جي سَرن تي رکيل ھوندا ھئا، سي مون ماضي جي نشاني طور لنڊن ٽاور جي ميوزيم ۾ رکيل ڏٺا. دور بدلجندي دير ئي نٿو ڪري. ڪالھ جيڪي اختيار شاھن شھنشاھن جي طاقت بڻيل ھئا، اڄ اُنھن اختيارن تي عوام کي دسترس حاصل آھي. پاڻ وٽ الائجي ڪڏھن ائين ٿيندو؟ اڃان ته گڏھن کي گج پاتا پيا آھن، پر آخر ڪيستائين؟ ڪڏھن ڇَٽ پَٽن تي ڪرندا؟ ڪڏھن عوام سوڀارو ٿيندو ۽ سک جو ساھه کڻندو!؟ ڀلي اڄ کڻي ٻاٽ اوندھي آھي، پر ھڪ نه ھڪ ڏينھن، “اپنا وقت ڀي آئي گا” جي مصداق، “روشن صبوح ٿيندو ضرور،” جو سنڌ جو رھبر لطيف به چئي ويو آھي، “آسرو مَ لاھيج سڄڻ ٻاجھيندڙ گھڻو.”
…(هلندڙ)…
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟