مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سفر نامون: روز ويلٽ آئيلينڊ تي پهريون ڏينهن

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

23 مارچ 2026 تي رات جو 1:30 منٽن تي دبئي ايئرپورٽ تان امارات ايئرلائين جي ذريعي آمريڪا جو سفر شروع ٿيو. ايران ۽ آمريڪا جي جنگ جي ڪري هڪ اڻڄاتل خوف ورتل هو ته خبر ناهي ڇا ٿيندو، پر ڪراچيءَ کان دبئي پهچڻ تي اهو خوف ڪٿي غائب ٿي ويو. ايئرپورٽ تي هر لائونج ماڻهن سان ڀريل هو ۽ دل کي تسلي ٿي ته صرف اسان نه، پر ٻيا به هزارين مسافر اهڙي جنگ واري صورتحال ۾ سفر ڪري رهيا آهن. آمريڪا ڏانهن هي منهنجو پنجون ڀيرو سفر هو ۽ نيو يارڪ ڏانهن ٻيو ڀيرو. جيئن ته منهنجي وڏي ڌيءَ مرڪ اعجاز جنهن سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ کيس فارن سروس گروپ مليو ان جي پهرين پوسٽنگ شڪاگو ۾ هجڻ ڪري مان ٽي ڀيرا شڪاگو ويس ۽ ان کان اڳ مرڪ سان گڏ نيو يارڪ اچڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ هوءَ پاڻ به پهريون ڀيرو يونائيٽيڊ نيشن جي هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئي مان به ساڻس گڏ هلي وئي هئس.
آمريڪا ڪيترين ئي اکين ۾ خواب بڻجي رهي ٿو ۽ منهنجي لاءِ به ان سر زمين تي پهريون ڀيرو قدم رکڻ ڪنهن خواب جي تعبير کان گهٽ نه هو. جڏهن مون آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو مينهيٽن جي علائقي ۾ قدم رکيو ته ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته مان ڪنهن هالي ووڊ جي ڪنهن فلم جي ڪهاڻيءَ جو حصو بڻجي وئي هجان، پهريون پير، پهرين خوشبوءِ جو احساس ۽ بک ۾ پسنديده ڊش جو پهريون گرهه ۽ پهريون سفر انهن سڀني جو احساس تمام خوبصورت هوندو آهي. جيتوڻيڪ هي سفر پهريون نه هو، پر آمريڪا جو پهريون سفر جيڪو مون نيويارڪ ڏانهن ڪيو هو ڪڏهن به وساري نه سگهندس ۽ پوءِ مون “نو ڏينهن نيويارڪ ۾” هڪ مختصر سفر نامون لکيو جيڪو همسري مئگزين ۾ شايع ٿيو. وقت مليو ته هن سفر نامي جي قسطن کي انهن نون قسطن سان ملائي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائبو.
هاڻي اچون ٿا وري دبئي ايئرپورٽ تي جتي اسان جو ڪراچيءَ کان پهچڻ کانپوءِ “لي اوور” ٻن ڪلاڪن جو هو، پر اسان کي هڪ ڏينهن اڳ ايئر لائين طرفان اها اطلاع ملي ته اسان جو لي اوور گهٽجي ڪلاڪ ٿي ويو آهي ۽ پوءِ اسان ڪراچيءَ کان دبئي پهچندي ئي پنهنجي فلائيٽ ڏانهن ڀڳاسين ته جيئن اسان کي بورڊنگ ۾ ڪٿي دير نه ٿي وڃي، ڇو ته بورڊنگ پاس اسان کي ڪراچيءَ کان ئي ملي ويا هئا. فلائيٽ ٽائيم 2:35 am (2026-03-24). ها اهو به ٻڌائيندي هلان ته هن ڀيري منهنجي هن سفر ۾ منهنجي زندگيءَ جو همسفر ڊاڪٽر اعجاز ابڙو به مون سان گڏ هو، ان ڪري سفر ۾ جيڪي به لمحا گذريا اسان گڏجي گذاريا. اسان جڏهن جهاز ۾ ويٺاسين ته رات جو وقت هو ۽ جڏهن اسان جي بورڊنگ ٿي وئي ته جهاز جي اڏام جو انتظار هو ۽ پوءِ ڪجهه منٽن کانپوءِ ڪئپٽن پنهنجي مخصوص انداز ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي عملي جو تعارف ڪرايو، سڀني مسافرن کي ڀليڪار چئي بيسٽ وشز ڏيندي جهاز کي رن وي تي هلائڻ کانپوءِ ٽيڪ آف ڪيو.
جهاز جي اندر جي به هڪ ننڍڙي دنيا هوندي آهي، جيڪا شروعاتي سفرن ۾ ته ڏاڍي وڻندي هئي، پر هاڻي بلڪل به ناهي وڻندي. هن ڀيري ته جهاز ۾ ويٺي مون کي ايئن لڳو ڄڻ اسان سڀ مسافر فضائي قيدي هجون ۽ ان احساس منهنجي سفر کي خراب ڪري ڇڏيو ته چوڏهن ڪلاڪن تائين اسان کي پنهنجين سيٽن تي ئي ويهڻو آهي يا سمهڻو آهي. آمريڪا جي ڊگهي فلائيٽ آمريڪا پهچڻ لاءِ ڄڻ قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي.
نيٺ 24 مارچ تي اسان جو جهاز A380-800، ايئر بس جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو مسافر بردار جهاز آهي، جنهن کي اڪثر “آسمان جو بادشاهه” پڻ چيو ويندو آهي. هي جهاز پنهنجي وسعت، آرام ۽ جديد سهولتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ هن جهاز جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هي دنيا جو واحد ٻه ماڙ جهاز آهي، جيڪو 2:35 (اي ايم) تي صبح جو انڌيري ۾ آمريڪا لاءِ اڏاميو ۽ صبح جو 8:50 منٽن تي جان ايف ڪئنيڊي ايئرپورٽ تي خير سان لينڊ ڪيو. ترقي يافته ملڪن پنهنجا ايئرپورٽ ۽ ٻيو سڄو انتظامي ڍانچو اهڙو ته ٺاهي ڇڏيو آهي جو ڪنهن مسافر کي ڪابه تڪليف نٿي پهچي. اسان غريب ملڪ جا ماڻهو جڏهن پنهنجن ايئرپورٽن تي پهچون ٿا ته اتي ويچارا ڪيترائي ورڪر رڳو اهو سوچي هر مسافر کي پيا گهوريندا آهن ۽ سلام ڪندا آهن ته متان ڪا خرچي ملي وڃي، پر ٻاهرين ملڪن ۾ اڃان تائين ڪو اهڙو تجربو ناهي ٿيو جو ڪنهن خرچي گهري هجي. ايئرپورٽ تي پهچڻ کانپوءِ اميگريشن واري عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسان لگيج کڻي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ واري دروازي طرف وڌياسين جتي عبداللطيف مهر جيڪو اسان جو نياڻو آهي ۽ هن وقت پاڪستان جي سفارتخاني ۾ اتاشي مقرر آهي، اهو اسان جي انتظار ۾ بيٺل هو. جهاز جيئن ئي لينڊ ڪيو ته هن اسان سان رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ته هو آفيس کان ايئرپورٽ لاءِ نڪتو آهي ۽ اسان به جڏهن سڀني مرحلن مان اُڪري ٻاهر نڪرڻ واري گيٽ تي پهتاسين ته اسان ڏٺو ته لطيف مهر گري رنگ جي لانگ ڪوٽ ۾ ملبوس اسان جو منتظر هو. هو ڏاڍو گريس فل نظر اچي رهيو هو، اسان سان مرڪي ڀاڪر پائي مليو ۽ يڪدم پنهنجو لانگ ڪوٽ لاهي پنهنجي سُهري کي ڏنو ته انڪل هي پائي ٻاهر نڪرو، ڇو ته ٻاهر سيءُ آهي. بهرحال وٽس ٻيو ڪو ڪوٽ هجي ها ته شايد مون کي به آفر ڪري ها، پر جيئن ته مون کي اهڙا ڪپڙا پاتل هئا جو گهڻو سيءُ نه لڳو ۽ گاڏيءَ تائين پهچڻ ۾ گهڻي دير به نه لڳي، گاڏيءَ ۾ هيٽر هلي رهيو هو ۽ اسان گهر طرف روانا ٿياسين جيڪو نيويارڪ جي روز ويلٽ آئيلينڊ تي آهي. روز ويلٽ نالي آمريڪا جا ٻه صدر ٿي چڪا آهن پهريون ٿيوڊور روز ويلٽ ۽ ٻيو فرينڪلن ڊي روزويلٽ. هي ٻيٽ ٻه ميل ڊگهو 800 فوٽ ويڪرو آهي. 1973ع ۾ هن آئيلينڊ کي آمريڪا جي 32 هين صدر فرينڪلن ڊي روز ويلٽ جي نالي سان منسلڪ ڪيو ويو.
هي صدر آمريڪا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊگهو عرصو حڪومت ڪندڙ رهيو. ڇو ته هن چار ڀيرا آمريڪا جي صدر چونڊجڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. هي ٻيٽ نيويارڪ جي علائقي مينهيٽن ۽ ڪوئينز جي اوڀر واري درياءَ جي وچ ۾ آهي. روز ويلٽ آئيلينڊ جي باري ۾ سچ ته مون کي ڪابه ڄاڻ نه هئي ۽ منهنجي لاءِ گاڏيءَ ۾ ويٺي ان جو تصور ڪرڻ بلڪل ناممڪن هو. ايئرپورٽ کان گهر جو رستو لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جو هو.
نيٺ گاڏي اچي 10 رِور آئيلينڊ جي بلڊنگ اڳيان بيٺي. هڪ پاسي مختلف بلاڪ ٺهيل هئا ته انهن سڀني عمارتن جي اڳيان هڪ خوبصورت پارڪ هو جتي ڪيترائي گنجا وڻ بيٺل هئا، جن جا پن برف باريءَ جي دوران ڇڻي چڪا هئا، جيڪا اسان جي اچڻ کان پندرهن ويهه ڏينهن ختم ٿي چڪي هئي، پر غور ڪرڻ تي خبر پئي ته انهن جي ٽارين تي هلڪا هلڪا ساوا گئونچ ڦٽل نظر آيا. گاڏيءَ کان ٻاهر نڪرڻ سان هڪ انتهائي تازگيءَ واري هوا جو احساس ٿيو، روح ۾ ڄڻ ڪنهن صدا ڏني ته جنت نظير جاءِ تي ڀليڪار.
ڊرائيور اسان جو سامان گاڏيءَ مان هيٺ لاٿو ۽ لطيف ۽ ڊاڪٽر اعجاز گڏجي سامان لفٽ تائين آندو، چوٿين فلور تي اپارٽمينٽ ۾ پهتاسين. ٽن ڪمرن ۽ لِوونگ روم تي ٻڌل هي اپارٽمينٽ تمام سادگي ۽ پر وقار طريقي سان سينگاريل هڪ ئي نظر ۾ هر شيءِ دل کي متاثر ڪيو. پنهنجي ڌيءَ جي سليقي مندي کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. فريش ٿي اسان لطيف مهر جي هٿ جي چانهه پيتي جيڪا هن ڏاڍي محبت سان اسان جي مزاج مطابق ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته شايد اسان کي تازي کير مان ٺهيل چانهه وڻندي، پر چانهه ۾ بنهه مزو ڪونه هو. چانهه ۾ کير ۽ پتيءَ جو توازن هيٺ مٿي هو، هونئن به ويچارن مردن کي رڌڻ پچائڻ ننڍي هوندي کان سيکاريو نٿو وڃي، ان ڪري اهي ويچارا چانهه به نٿا ٺاهي سگهن، پر اسان به کيس پڇڻ تي سندس دل رکندي اهو چيو ته چانهه ڏاڍي سٺي ٿي آهي. ويچاري کي شاباس هجي، جو هن چانهه ٺاهڻ جي ڪوشش ته ڪئي.
ان وقت گهر ۾ نه مرڪ هئي ۽ نه ئي سندس ٻارڙا زيوا ۽ زوحان. مرڪ هن وقت ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ماسٽرز ڪري رهي آهي، سندس ڌيءَ زيوا سندن گهر جي ڀر ۾ هڪ پبلڪ اسڪول ۾ ڪي جي ڪلاس ۾ پڙهندي آهي. جڏهن ته سندس ٽن سالن جو پٽ زوحان ڊي ڪيئر ويل هو. لطيف اسان کي گهر ڊراپ ڪري چانهه پياري وري آفيس هليو ويو. اسان گهر جي ڪمرن ۾ گهمي ڦري ڏٺو، ٻارن جو ڪمرو ڏسي دل خوش ٿي وئي، جيڪو گلابي ۽ اڇي رنگ جي ٿيم سان سيٽ ٿيل هو، هڪڙي پاسي شيلف تي ٻارن جي ڪهاڻين جا ڪتاب رکيل هئا ته ٻئي پاسي اڇي رنگ جو ٻارن جو ڪپڙن جو ڪٻٽ رکيل هو ۽ سامهون شيشي جي وڏي دريءَ مان جيڪو منظر نظر اچي رهيو هو اهو ڏاڍو خوبصورت هو. ڇو ته سامهون درياءَ وهي رهيو هو، وهندڙ پاڻيءَ جي پنهنجي خوبصورتي هوندي آهي ۽ ان جي ٻئي ڪناري تي خوبصورت عمارتون ڪر کنيو بيٺيون هيون، جيڪي نيويارڪ جو شان آهن، جن جي مٿان اڪثر عمارتن مان ٻاڦ نڪري رهي هئي، اهو سياري ۾ عمارتن ۾ هيٽنگ سسٽم لاءِ اسٽيمر هلڻ سبب ٿيندو آهي جن جي وينٽ مان ٻاڦ نڪرندي رهندي آهي. هتي شديد برف باريءَ واري موسم ۾ به گهرن ۾ خاص طور اپارٽمينٽس تمام آرامده رهن ٿا، ٻاهر شديد سردي هجڻ جي باوجود گهر ۾ حرارت نارمل رهي ٿي ۽ ڪوٽ يا سوئيٽر پائڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي ۽ اهو سڄو نظام هڪ انتظاميه جي تحت هلي ٿو ۽ اهي وقت سر هر شيءِ جو بندوبست ڪن ٿا.
بهرحال دريءَ مان سامهون ڏاڍو خوبصورت منظر ڏسي دل کي سڪون ملي ويو. مرڪ ٻڌايو هو ته اڱاري ڏينهن هوءَ اڍائي، ٽين وڳي تائين گهر پهچي ويندي آهي، سو اسان سندس منتظر هئاسين، چئين وڳي تائين هوءَ گهر پهتي اسان سان ملي. سندس چهري تي هڪ معصوم مرڪ تري آئي. اسان کي به سڀني سان ملندي ڏيڍ سال جو عرصو گذري ويو هو، پنهنجي ڌيءَ سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. اسان ٿڪل هجڻ جي باوجود سمهڻ نه پئي چاهيو، ڇو ته ان سان جيٽ ليگ جا چانس وڌي ويندا آهن. ڇو ته اسان جي جسم جو گهڙيال پنهنجو پاڻ کي پنهنجي پهرين سمهڻ جي وقت سان ايڊجسٽ پيو ڪندو آهي، پر اولهه ۾ وقت اوڀر وارن ملڪن جي مقابلي ۾ بلڪل ابتڙ هوندو آهي. ٿوري دير کانپوءِ ٻار به گهر پهچي ويا. ٻارن سان ڀاڪر پائي ملي دل ڏاڍي خوش ٿي وئي. ٿوري دير کانپوءِ مرڪ چيو ته هلو ته توهان کي آئلينڊ جو هڪ چڪر هڻائي اچان. آمريڪا ۾ توهان کي ٻاهر وڃڻ جي لاءِ جاگر ضرور پائڻا پوندا آهن. هيٺ وڃڻ لاءِ اسان جيڪٽون، ڪوٽ ۽ جاگر پائي ٻاهر نڪتاسين. جڏهن لابي مان در کان ٻاهر نڪتاسين ته سخت سيءَ جو احساس ٿيو. اپريل جي مهيني ۾ اهڙو سيءُ جيڪو اسان وٽ ڊسمبر ۾ به نه هجي، اسان روڊ ڪراس ڪري ريڊ بس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ريڊ بس جيڪا آئلينڊ ۾ لوپ ۾ گهمندي آهي ۽ ماڻهن کي هڪ اسٽاپ تان کڻي پنهنجي گهربل اسٽاپ تي ڇڏيندي آهي. ان جي سروس فري آهي، ٻن منٽن ۾ پهچي وئي. ان سان گڏوگڏ هڪڙي ٻي بس به هلندي آهي جيڪا آئلينڊ کان ٻاهر وٺي ويندي آهي، اها پئسن سان سروس فراهم ڪندي آهي يعني ان جو ڪرايو ڏيڻو پوندو آهي. ريڊ بس جهڙي سروس آمريڪا جي ٻين ڪجهه رياستن ۾ به دستياب آهي. اسان ريڊ بس ۾ چڙهي ويٺاسين ۽ آئلينڊ جو پورو چڪر لڳائي وري واپس پنهنجي گهر جي سامهون اچي لٿاسين. بس اسان کي فوڊ ٽائون جي اڳيان لاٿو، ڇو ته اتي ئي ان جو اسٽاپ آهي. هي آئلينڊ جو سڀني کان وڏو کاڌي پيتي جي شين جو اسٽور آهي ۽ روڊ پار ڪري وري ٽين ريور واري بلڊنگ ۾ داخل ٿي چوٿين منزل تي پهتاسين.
…(هلندڙ)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو