مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سفر نامون-قسط ٻين: ٽرام جو سفر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نون پڙهندڙن جي لاءِ ٻڌائيندي هلان ته هن وقت آئون روز ويلٽ آئيلينڊ تي موجود آهيان، جيڪو نيويارڪ جي ڀرسان ننڍو هڪ آئيلينڊ آهي. هتي نيويارڪ کان سب وي، روڊ ۽ ٽريم کان علاوه فيري جي ذريعي به پهچي سگهجي ٿو. اسان ٻه ڏينهن گهر ۾ گذارڻ کانپوءِ همت ڪئي ته ٻاهر نڪرجي. ڇو ته سيءُ تمام گهڻو وڌي ويو هو جيئن ته شڪاگو ۽ نيويارڪ ٻئي اهڙا شهر آهن جن کي هوائن جو شهر چيو ويندو آهي. سياري جي موسم ۾ هتي سيءَ سان گڏوگڏ ٿڌي هوا اسان گرم ملڪن جي ماڻهن کي ٿورو سست ڪري ڇڏيندي آهي. هونئن به نيويارڪ اچڻ کان اڳ اها ڳالهه طئي ٿيل هئي ته هن ڀيري نه ته اسٽيچو آف لبرٽي ڏسڻ وڃبو، نه ئي يو اين جي بلڊنگ ڏسبي، نه ئي وري ڪو اسڪائي لائين ويو ڪبو، نه بروڪلين برج ڏسبي. ڇو ته سينٽرل پارڪ سوڌو اهي سڀ جايون آئون جڏهن مرڪ سان پهريون دفعو آئي هئس ته مون ڏسي ڇڏيون هيون ۽ ڊاڪٽر اعجاز وري جڏهن مرڪ وٽ شڪاگو گهمڻ ويو هو ته ان سان گڏ نيويارڪ اچي اهي سڀ هنڌ گهمي ويو هو. منهنجو خيال هو ته هن ڀيري ٿورو سست رفتاريءَ سان گهمجي ۽ وڌيڪ وقت آئيلينڊ تي گذارجي ته وڌيڪ بهتر آهي. روز ويلٽ آئيلينڊ جنهن ڄڻ ته منهنجي دل تي ڪيوپڊ وانگر تير اڇلائي پنهنجي عشق ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو هو. بس ان کي گهمبو ان جي چپي چپي کي ڏسبو. نيٺ ٻن ڏينهن کانپوءِ هڪ ڏينهن مرڪ ۽ لطيف اهو چئي ٻاهر ويا ته ٿورو ڪم سان ٻاهر وڃي رهيا آهن ۽ واپسيءَ ۾ ٿرمل وٺي آيا جنهن کي پائي ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ سيءُ برداشت ڪرڻ جي سگهه پيدا ٿيو وڃي. اصل ۾ اسان جي اتي پهچڻ کان اڳ مرڪ اهو ئي چوندي رهي هئي ته اپريل ۾ سيءَ جي شدت گهٽجي ويندي آهي، پر اسان جيستائين اتي هئاسين شايد هڪ ٻه ڏينهن اهڙا گذريا جيڪي ڏاڍا مزي سان گذريا. باقي هر ڏينهن اسان کي سخت سرديءَ کي منهن ڏيڻو پيو. هاڻي ٿرمل ملڻ کانپوءِ دل چاهيو ته ٻاهر نڪرجي سو آئون، ڊاڪٽر اعجاز ۽ مرڪ تيار ٿي هيٺ لٿاسين، لابيءَ جي در کان ٻاهر نڪرندي ئي ٿڌي تيز هوا اسان کي ڀليڪاريو ۽ اسان اڄ بلڊنگ جي هڪ ڪنڊ ۾ بيهي ريڊ بس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين ته جيئن هوا کان ٿورو بچي سگهجي. مرڪ اسان کي اڄ ٽريم ۾ ويهارڻ لاءِ وٺي وڃي رهي هئي. مون ننڍڙي هوندي ڪراچيءَ ۾ هڪ دفعو ٽريم جو سفر ڪيو هو، مون کي ياد آهي ته ان ۾ باقائدي ويهڻ لاءِ ڪرسيون لڳل هيون ماڻهو انهن تي ويٺل هئا ۽ روڊ تي ٽن ٽن ڪندي ٽريم آئي ۽ وئي پئي ۽ پوءِ منهنجا ٽي ڀائر ڀينرون ۽ چوٿين آئون اسان سڀ امان ۽ بابا سان گڏ ٽريم ۾ ويهي خوش ٿيڻ لڳاسين، اهو ٽريم جو اهو سفر هو جنهن جون يادون اڄ به منهنجي ذهن تي نقش ٿيل آهن. منهنجي تصور ۾ ساڳي ٽريم جي تصوير هئي، پر بس جيئن ئي اسان کي اسٽاپ تي لاٿو ته نظر مٿي کڄي وئي جتي مينهيٽن جي پاسي کان ٽريم اچي رهي هئي.
ان کي ڪيبل ڪار به چئي سگهجي ٿو، پر جيئن ته ان کي ٽريم جو نالو ئي ڏنل آهي ۽ اسان ان وقت ٽريم پلازه جي سامهون بيٺل هئاسين ان ڪري اسان به ان کي ٽريم چونداسين. اسان به ٽريم پلازه تي بيٺل ماڻهن جي لائين ۾ لڳي وياسين ۽ ماڻهو اڳتي وڌندا ويا، مرڪ اڳيان هئي ۽ اسان وٽ اڃان پنهنجو “اومني ڪارڊ” ڪونه هو، جيڪو اتي بس، ٽريم يا سب وي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وقت ڪم اچي ٿو. سو مرڪ پنهنجي ڪارڊ تان اسان جو ڪرايو ادا ڪيو، في ماڻهو ٽي ڊالر ڪرايو آهي. في ماڻهو ٽي ڊالر چاهي توهان “سب وي” ۾ سفر ڪيو، بس ۾ يا ٽريم ۾.
جيڪڏهن ڪنهن کي ٽرينون بدلائڻيون آهن ۽ توهان اڃان سب وي اسٽيشن کان ٻاهر ناهيو نڪتا ته ان ساڳئي ڪرائي ۾ سفر ڪندا پنهنجي آخري ٽرين تائين پهچندا، جيڪا آمريڪي نيويارڪينز جي لاءِ وڏي سهولت آهي. نيٺ اسان هڪ ڪمري نما انتظار گاهه ۾ اچي پهتاسين، جتي ڪيترائي مسافر گڏ ٿي چڪا هئا ۽ جيڪا ٽريم هاڻي اسان جي اڳيان مينهيٽن کان ماڻهو کڻي آئي هئي، اهي ٽريم جي ٻئي پاسي کان لهي هيٺ وڃي رهيا هئا. آخري مسافر جي لهڻ کانپوءِ اسان جي پاسي وارو دروازو کليو ۽ ماڻهو آرام سان ان ۾ داخل ٿيندا رهيا ۽ ڪنهن به ماڻهو کي تڪڙ ڪندي يا هڪ ٻئي کي ڌڪو ڏيندي نه ڏٺو. مون محسوس ڪيو ته هر ماڻهوءَ جي چهري تي هڪ خاص قسم جي خوشيءَ جو احساس نظر اچي رهيو هو. پوءِ خبر پئي ته اها ٽريم روز ويلٽ آئيلينڊ جو هڪ ٽورسٽ اٽريڪشن پوائنٽ آهي. ڇو ته آئيلينڊ نيويارڪ جي اردگرد جي علائقن ۾ ايئن ئي آهي جيئن “گوڙ ۽ گهمسان جي گدلاڻ جي وچ ۾ ٽڙيل هڪ ڪنول جو گل”، جيڪو خاموشيءَ سان بيٺو آهي ۽ پنهنجي حُسن کي گوڙ ۽ گهمسان جي گدلاڻ کان بچايو پاسيرو بيٺو آهي. شهرن ۽ علائقن جا به پنهنجا مزاج هوندا آهن، اهو علائقو جيڪو ٻه ڪلو ميٽر ڊگهو ۽ 800 فوٽ ويڪرو آهي، مون کي ته تصوف جي علامت محسوس ٿي رهيو هو. هي سڀ سياح جيڪي مرڪون ميڙي هتان گهمي ڦري وري پنهنجن ماڳن ڏي موٽي رهيا هئا، سڀ هن ڪنول جي گل جي سونهن مان ڀرپور حظ وٺي موٽي رهيا هئا ۽ ڪي وري اسان وانگر آئيلينڊ تان شايد پهريون ڀيرو ٽريم ذريعي مينهيٽن وڃي رهيا هئا.
سندن چهري جي خوشي اهو ٻڌائي رهي هئي ته اهي به اسان وانگر گهٽ ۾ گهٽ هن ٽريم ۾ پهريون دفعو سوار ٿي رهيا هئا. ٽريم پلازه کان سيڪنڊ اوينيو ڀرسان 59 اسٽريٽ تي ٽريم ماڻهن کي لاهي ٿي. هيءَ ٽريم 250 فوٽن جي اوچائيءَ تي ٻن مضبوط تارن جي ذريعي سفر ڪري ٿي. اهو تجربو اتي بيٺل ڪافي مسافرن جي زندگيءَ جو پهريون تجربو لڳي رهيو هو. مون جهڙا ماڻهو قدرتي منظرن مان لطف وٺڻ سان گڏ چهرن کي پڙهڻ به پسند ڪندا آهن. ڇو ته اهي چهرا اتي ان جاءِ جي سونهن، خوشي ۽ اهميت جا گواهه هوندا آهن. ٽريم جي هلڻ کان اڳ آٽوميٽڪ دروازا بند ٿيا، ٽريم جيڪا مڪمل مضبوط شيشي سان ٺهيل آهي حرڪت ۾ اچڻ لڳي سڀ ماڻهو بيٺل هئا ۽ ٽريم جي آرامده رفتار جي ڪري ڪوبه جهٽڪو نه آيو ۽ هن چئن منٽن جي سفر ۾ نيويارڪ شهر جا خوبصورت نظارا ۽ آسمان کي ڇهندڙ عمارتون ويجهو نظر اچي رهيون هيون هيٺ ايسٽ رور وهي رهيو هو، جنهن ۾ فيريز ۽ ڪارگو بوٽس هلي رهيون هيون. اهڙين جاين تي بيهي دل ۾ خوشي ۽ خوف ٻئي ريل جي پٽڙين وانگر هلندڙ محسوس ٿيندا آهن. اندر هڪ پرجوش مسافرن جو بئچ موجود هو جن سان انهن جا ننڍڙا ٻار به اسٽرالرن ۾ گڏ هئا. هر ماڻهو پنهنجي هٿ ۾ کنيل سيل فون ڪئمرا کي مهارت سان استعمال ڪري فوٽو گرافي ۽ وڊيو ميڪنگ ڪري رهيو هو. ڪنهن جي به چهري تي نه ڪو خوف هو ۽ نه ئي ڪو شڪ ته اتي ساڻن ڪو حادثو به ٿي سگهي ٿو، اهو يقين انهن ماڻهن کي ان رياست ڏنو آهي جنهن انهن ماڻهن جي حفاظت جي لاءِ تمام گهڻا قدم کنيا آهن، پر اسان هڪ اهڙي ديس جا رهواسي آهيون جن جو پل پل خوف ۽ شڪ ۾ ٿو گذري ان ڪري شايد اهڙا خوبصورت لمحا به سيڪنڊن لاءِ شڪ جي نظر چڙهيو وڃن. شڪر آهي ته اهڙا صرف ڪجهه سيڪنڊ ئي هئا. ٽريم پنهنجو مختصر، پر شاندار ۽ پر وقار سفر پورو ڪري مسافرن لاءِ پنهنجو شيشي وارو گيٽ کوليو ۽ اسان مينهيٽن واري پاسي کلندڙ دروازي مان لهندي چاڙهين تان ٿيندي هيٺ آياسين، هيٺ اچڻ تي ڏٺوسين ته هڪ تمام ڊگهي قطار ماڻهن جي روز ويلٽ آئيلينڊ تي وڃڻ لاءِ منتظر بيٺي هئي، ڇو ته هڪ چڪر ۾ مخصوص انگ ۾ ٽڪيٽ ڏئي سلسلو بند ڪيو ويندو آهي ۽ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو هرگز سوار ناهن ڪيا ويندا. اهو ئي سبب آهي جو اتي اهڙا اڻوڻندڙ حادثا ڪڏهن ڪڏهن ٿين ٿا.
اسان مينهيٽن ۾ پهچي محسوس ڪيو ته اتي آئيلينڊ جي نسبت وڌيڪ رش هئي ۽ گاڏين جي اچ وڃ تمام گهڻي هئي. هي علائقو ڊائون ٽائون کان ڪافي پرڀرو آهي ۽ هي ڪمرشل ۽ رهائشي گڏيل طور علائقو آهي، جتي ماڻهن جي گهرن جا در بلڪل روڊ سان گڏوگڏ آهن، جنهن مان خبر پوي ٿي ته اهي ڪافي پراڻا علائقا آهن. ٿورو اڳتي هلي ٿرڊ اوينيو تي “ٽي. جي ميڪس اسٽور” تان ڪجهه ضرورت جون شيون خريد ڪري وري پنڌ ڪندا ٽريم پلازه جو رخ ڪيوسين. مان نيويگيشن ۾ تمام خراب آهيان. منهنجي ذهن ۾ قدرتي طور نين جاين جا نقشا بلڪل ابتا ٺهندا آهن ۽ ٻه ٽي دفعا اچڻ وڃڻ کانپوءِ ذهن نيويگيٽ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو آهي. اڄ ته اسان جي مرڪ اسان سان گڏ هئي، سو رستو ڀلجڻ يا ڀٽڪي وڃڻ جو ڪو خطرو ڪونه هو، پر رستو منهنجي دماغ ۾ ابتو ئي ٺهيو هو. مرڪ کي ته هونئن به ان ڳالهه جو ڊپ رهندو آهي ته مما توهان ٻاهر نڪري رستو ڀلجي ويندا. منهنجو خيال آهي ته رستي تان ڀٽڪي وري ٻيو نئون رستو ڳولهي لهڻ زندگيءَ کي ڳولهي لهڻ وانگر هوندو آهي ۽ پوءِ منزل تي پهچي سٺو لڳندو آهي. واپسيءَ ۾ اسان ٽريم تي سوار ٿيڻ کان اڳ “ٽريڊرز جو” جيڪو هڪ تمام مشهور گروسري اسٽور آهي اتي بيٺاسين، ٿورو اندران گهمي ڦري وري ٻاهر آياسين، جتي هڪ فروٽ وارو پنهنجو شايد مستقل ڍاٻو لڳائيندو آهي، ان جي اڳيان بيهي فروٽ ڏسڻ لڳس، جنهن وٽ انگور، انناس، رسبيري، اسٽرابيريز ۽ بليو بيريز پيل هيون، بليو بيريز مون کي تمام گهڻيون پسند آهن، مون اٺ ڊالر ڏئي ٻه باڪس بليو بيريز جا کنيا. هي فروٽ پاڪستان ۾ نظر ئي نٿو اچي، جيڪڏهن ڪڏهن ملي ٿو ته تمام مهانگو، جنهن کي کائڻ تي دل ئي ناهي ڪندي. بهرحال اها بليو بيريز جي منهنجي پهرين شاپنگ هئي. آئون پنهنجي شاپنگ سوڌو ٽريم ۾ سوار ٿي واپس آئيلينڊ پهتس، جيستائين اسين آئيلينڊ تي پهتاسين ڪافي شام ٿي چڪي هئي، سج لهي چڪو هو. اسان ريڊ بس جي انتظار ۾ ڪجهه دير بيٺا رهياسين، پر بس نه آئي ۽ پوءِ اسان پنڌ ڪندي سيءَ کي منهن ڏيندي گهر پهتاسين.
…(هلندڙ)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو