برطانيه جي ڀونءِ ۾ … (سفر نامو قسط ٻارهين-حصو ٻيون)
آڪسفورڊ يونيورسٽي علم جو آکيرو…
جڏھن سوچن تان پھرا ھٽن ٿا ۽ انسان جي آزادي سان سوچڻ تي ڪي به رڪاوٽون نٿيون ھجن ته آگاھي جا رستا کلن ٿا ۽ روشن خيالي ۽ ترقي سماج جو آئندو بڻجي وڃي ٿي. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي جدت، شعور ۽ سائنس سان جڙيل تعليمي نظام جي ھِتي جي سماج ۾ اھميت کان قطعي انڪار نٿو ڪري سگھجي. اھو آڪسفورڊ جي تعليمي نظام جو ڪمال آھي جو اُن دنيا جي فڪري لاڙن، ترقي ۽ سھل پسندي ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو آھي. آڪسفورڊ يونيورسٽي دنيا ۾ نه صرف تعليمي سرشتي ۾ اڳيان اڳيان آھي، پر سائنس، ادب، امن آشتي ۽ مختلف فيلڊس ۾ نوبيل انعام يافته شخصيتن جو وڏو مرڪز پڻ رھندي آئي آھي. ھِن وقت تائين 70 کان مٿي مختلف فيلڊس ۾ نوبيل انعام ۽ ٻيا مختلف ايوارڊ به ان جي حصي ۾ آيل آھن. نه صرف اھو، پر ڪافي سائنسي ايجادون جيئن پينسلين، ڪووِڊ وئڪسين، ليٿيم بيٽري ۽ ٻين کوڙ سارين ايجادن جو ڪريڊٽ به آڪسفورڊ يونيورسٽي کي وڃي ٿو، جن جي طفيل ڪروڙين حياتيون موت جي منھن ۾ وڃڻ کان بچي ويون ۽ ترقي جون نيون راھون پڻ کُليون. آڪسفورڊ جي قديم ديوارن اندر صرف پراڻي تاريخ موجود نه آھي، پر انسان جو روشن مستقبل به ان ۾ لڪل آهي، بس رڳو ڪو ڦلھورڻ وارو ھجي. هِتي ڪنهن ڪلاس روم، لائبريري يا ليبارٽري ۾ ڪو خيال جنم وٺي ٿو ۽ ڪجهه سالن بعد اهو خيال عمل جو روپ ڌاري سڄي دنيا کي بدلائي ڇڏي ٿو.
آڪسفورڊ يونيورسٽي اُھا علمي درسگاھه آھي، جتي درس و تدريس يا تحقيق ته ٿيندي ئي رھي ٿي، پر اھا انساني سماج، تاريخ ۽ تھذيب سان لاڳاپيل يونيورسٽي به آھي، جنھن ۾ انسان پنھنجي ماضي جو پَرتَو (اولڙو) به پَسي سگھي ٿو. اھو ماضي ئي آھي جنھن مان سِکي انسان مستقبل ڏي رستا ڪڍيا آھن. زندهه دل قومون ماضي مان رھنمائي حاصل ڪري اڳتي وڌنديون آھن، جڏھن ته پاڻ فقط اُن جي پوڄا (تقليد) ڪري يا اُن تي فخر ڪندي ۽ اُن کي مقدس ۽ حرف آخر سمجھندي اُتي ئي رھجي ويندا آھيون. موھن جو دڙو کوٽي نروار ڪيو انگريزن، اسان بس پنج ھزار سال پراڻي ان شاندار تھذيب جو پاڻ کي وارث قرار ڏئي، بجاءِ اڳتي وڌڻ جي پاڻ کي عظيم قوم چوائي فقط سستي شھرت جي پويان لڳي وياسين. حيرت جي ڳالھه آھي ته اسان جي وڏڙن پنج ھزار سال اڳي منصوبابندي ڪري عاليشان نقشي تحت اھو خوبصورت شھر جوڙيو، جنھن ۾ زندگي جي ھر سھوليت موجود ھئي، جڏھن ته اُنھن جي نالائق اولاد، يعني اسان ھِن جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي ۽ سڀ وسيلا ھوندي به اھڙو شھر جوڙڻ ته پري جي ڳالھه، پر انگريزن جي دور ۾ خوبصورت بڻايل/اڏيل عمارتي شھرن شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي وغيره کي سنڀالڻ ته ٺھيو، پر انھن شھرن جو اڳوڻو سوجھرو/حُليو به چَٽ ڪري ڇڏيو آھي. رڳو شاندار ماضي تي ڪيترا ۽ ڪھڙا ويھي عظمتن جا مينار کڙا ڪبا؟ پاڻ جيڪي حال ۾ ئي بي حال ۽ بي لڇڻا آھيون ته مستقبل ۾ وري ڪھڙا موڙ ٻڌنداسين ۽ گھوٽ راجا ٿينداسين!؟ بھرحال ماضي جو ذڪر نڪتو آھي ته پاڻ ڇڏيون ٿا ان بحث کي اتي ئي ۽ ھلون ٿا آڪسفورڊ جو قديم اشمولين ميوزم (Ashmolean Museum) ڏسڻ.
اشمولين ميوزيم جو باني ايلياس اشمول(Elias Ashmole) 1617 ۾ ڄائو ۽ ھُن 1692 ۾ وفات ڪئي. ھُو انگلينڊ جو ھڪ مشھور عالم ۽ قانوندانن ٿي گذريو آھي. ھُو قديم شيون جن ۾ سڪا، ڪتاب، نباتات، جانورن جا نمونا ۽ مختلف ملڪن جون ناياب شيون شامل ھيون، گڏ ڪرڻ جو شوقين ھو. اُن دور ۾ اھڙيون ناياب ۽ نادر شيون فقط اميرن يا بادشاهن وٽ هونديون هيون، پر هُن جو خيال ھو ته علم، ثقافتي ورثو ۽ تاريخ عوام لاءِ به هجڻ گهرجي، جنھن مان اُھي فيضياب ٿي سگھن. انھيءَ سوچ ۽ جذبي تحت ھُن پنھنجون سڀ گڏ ڪيل قيمتي ۽ ناياب شيون آڪسفورڊ يونيورسٽي جي حوالي ڪيون ۽ اھڙي ريت آڪسفورڊ جي براڊ اسٽريٽ(Broad Street) تي ھُن جي نالي پويان 1679 کان 1683 تائين اشمولين ميوزيم ٺاھي تيار ڪيو ويو، جنھن ۾ سندس گڏ ڪيل ثقافتي ۽ تاريخي اثاثو رکيو ويو ۽ اُن کي عام و خاص لاءِ کوليو ويو. ھي برطانيه جو پهريون عوامي ميوزيم سمجهيو وڃي ٿو ۽ اھو دنيا جي پراڻين يونيورسٽين جي عجائب گھرن(museums) مان ھڪ آھي. ھِن ميوزيم جي نئين (موجوده) عمارت بيمائونٽ اسٽريٽ(Beaumont Street) تي 1841 کان 1845 جي عرصي دوران آرڪيٽيڪٽ انجنيئرCharles Robert Cockerell جي نگراني ۾Neoclassical انداز ۾ ٺھي راس ٿي. اصل ۾ هي عمارت پهرين University Galleries لاءِ ٺاهي وئي هئي ۽ اڳتي ھلي يعني 1894ع ڌاري ان ۾ اشمول جي پوري ڪليڪشن منتقل ڪئي وئي ۽ 1908ع ۾ ان عمارت کي باقاعده اشمولين ميوزيم جو نالو ڏنو ويو. جڏھن ته اصلوڪي اشمولين ميوزيم جي عمارت ۾ ھسٽري آف سائنس ميوزيم قائم ڪيو ويو. نيو ڪلاسيڪل انداز ۾ ٺاھيل ھن خوبصورت عمارت ۾ ترتيب ڏنل ميوزيم علم جي پياسن کي پري کان ئي پاڻ ڏي ايئن ڇڪي ٿو، جيئن وڻجارن جون ونيون/محبوبائون ڏور سمنڊ ۾ ٻيڙا پَسي بي اختيار ڪنارن ڏي ڊوڙنديون اينديون ھيون. جيئن ئي ميوزيم ۾ ماڻھو ڪائونٽر کان گذري اندر داخل ٿئي ٿو ته ميوزيم ۾ گھمندي اُتي موجود پراڻيون شيون ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ تاريخ جي ڪتابن جا ورق اُٿلي رھيا آھن ۽ صديون پراڻيون تهذيبون پنھنجي اندر جو حال اوري رھيون آھن. اشمولين ميوزيم ۾ اشمول جون قيمتي، نادر ۽ ناياب شيون ته موجود آھن ئي، پر اُن سان گڏ توھان کي دنيا جي ڪيترين ئي تھذيبن ۽ ملڪن جا قيمتي اثاثا پڻ ڏسڻ لاءِ ھِتي ملي ويندا. ھِن ھڪ ماڙ قديم طرز جي خوبصورت عمارت اندر سجايل ميوزيم ۾ توھان کي پراڻي مصر جي فرعونن جون مميون (mummies)، تابوت ۽ فرعون دور جو عمارتي آرڪيٽيڪٽ، سنگتراشي ۽ ان دور سان لاڳاپيل شيون ترتيب سان سجايل نظر اينديون. ھن تاريخي ۽ تھذيبي ميوزيم ۾ يونان ۽ روم جا قديم مجسما، برتن ۽ سڪا به موجود آھن، جيڪي تاريخ، ثقافت ۽ آرٽ جي شاگرد لاءِ توجهه جو مرڪز بڻيل رھن ٿا. ھن ميوزيم ۾ اسلامي ۽ مشرقي آرٽ جا نادر نمونا ۽ اسلامي خطاطي جا فن پارا پڻ ڏسڻ لائق آھن. ھن ميوزيم ۾ يورپ ايران، ترڪي، هندستان ۽ ٻين ملڪن جا فن پارا، پراڻا قرآن پاڪ جا نسخا، يورپ جي مشھور مصورن جون پينٽنگس ۽ ٻيو گھڻو ڪجھه موجود آھي، جيڪو علم جي اڃ وسائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو. ميوزيم جي مختلف سيڪشنز ۾ قديم دور جا سڪا، ميڊل، مھرون، ساز سرود جي سامگري (شيون) ايشيا ۽ چين جا برتن، گوتم ٻڌ جا مجسما ۽ ٻڌمت جون مختلف شيون، جاپاني آرٽ، انگلينڊ جي 9 صدي جي قديم بادشاهي دور جو ناياب ھيرو Alfred Jewel، قديم يوناني تاريخي پٿر Parian Marble، يورپ جي مشھور مصور رافيل(Raphael) ۽ ٻين جا فن پارا ۽ اُن کان علاوه ٻيون ناياب ۽ قديم(antique) شيون پڻ موجود آھن، جن کي اکيون ڏسندي ئي دنگ رھجيو وڃن ۽ دل بي اختيار داد ڏيڻ لڳي ٿي. ميوزيم جي خوبصورت سٽاءُ (ترتيب)، انتظام ۽ اڪيڊمڪ ماحول ڏسي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ساري دنيا جون تهذيبون ۽ ورثا ڄڻ هڪ عمارت ۾ گڏ ساھه کڻي رھيا آھن، جيڪي توھان کي پنھنجي دورن جون ڪھاڻيون ٻڌائيندي اُن وقت جي سماجي بيھڪ، ريتن رسمن، فڪرن ۽ قدرن سان روشناس ڪرائي رھيا آھن. ھتي خاموشي واري ماحول ۾ شاگرد، اُستاد، محقق ۽ سياح ميوزم ۾ رکيل آرٽيڪلس/آئٽمس جو باريڪ بيني سان مشاھدو ڪن ٿا ۽ ماضي ۾ گم ٿي وڃن ٿا ۽ ايئن محسوس ڪن ٿا ته ڄڻ وقت جون سڀئي دريون هڪ ئي ڀيڻي (جاءِ) تي کلي ويون آهن ۽ اُھي (سياح) پنھنجن ابن، ڏاڏن ۽ تڙ ڏاڏن (انيڪ پيڙھيِن) سان ھٿ ھٿ ۾ ڏئي، ھِن ڌرتي جي ھر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گڏ گھمي ڦري رھيا آھن. ميوزيم ۾ رکيل نوادرات (شيون يا اسم) ڄڻ چئي رھيا ھُجن ته “جي توھان اسان کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ميڙي ھِتي گڏ ڪري سگھو ٿا ته توھين ڇو نٿا پنھنجي وچ ۾ عقيدن، فڪرن، سماجي بيھڪن ۽ قدرن جا فرق وساري پيار محبت سان ھِن ڌرتي تي گڏ رھي سگھو!؟” ھِن ميوزيم جي گھمڻ لاءِ ھونئن ته ڪابه ٽڪيٽ ناھي البته ان ۾ ٿيندڙ نمائشن ۽ ٻين تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ٽڪيٽ خريدڻي پوندي آھي.
اشمولين ميوزيم گھمي ھاڻي جڏھن آئون ٻاھر نڪري آسپاس ۾ رکيل بينچ تي اچي ويٺو آھيان ته مون کي محسوس ٿيڻ لڳو آھي ته “ھتي صرف پراڻيون شيون رکيل نه آهن، پر اسان جو رت ۽ سَت، يادون، ريتون رسمون ۽ ورثا پڻ محفوظ ٿيل آهن، جيڪي اسان کي آڱر کان جھلي حال جي رستن تي گھمائيندي مستقبل ڏانھن اڳتي وڌڻ لاءِ سونھي جو ڪردار ادا ڪن ٿا.”
اتان ٿي پاڻ نڪتا آھيون آڪسفورڊ جي قديم ۽ وڏي بودليئن لائبريري (Bodleian Library) ڏسڻ جيڪا ھِتان (اشمولين ميوزيم) کان تقريبن ھڪ ڪلو ميٽر پري آھي. سموري آڪسفورڊ ۾ ڦھليل انيڪ درسگاھن تي مشتمل ھِن علمي سر زمين تي قديم لائبريري ڏانھن قدم کڻندي منھنجي ذھن تي قديم ٺٽي جو علمي اوج تري آيو. ڄام نندي (ڄام نظام الدين، 1461-1509ع) جو دور سما سلطنت جو سنهري دور ليکيو وڃي ٿو. ان وقت ٺٽو برصغير جي اهم علمي شهرن مان ھڪ هو. ايران، خراسان، گجرات ۽ وچ ايشيا جا عالم به هِتي ايندا هئا. سنڌي مؤرخ مير علي شير قانع جي لکيل ڪتاب تحفة الڪرام ۽ ٻين ڪيترن ئي تذڪرن ۾ ٺٽي کي “علم جو شهر” سڏيو ويو آهي. ڪيترن فارسي ۽ سنڌي ماخذن ۾ ٺٽي ۾ سَوَن جي تعداد ۾ مدرسن، خانقاهن ۽ مڪتبن جو ذڪر ملي ٿو ۽ اُنھن ۾ ٺٽي کي هڪ وڏي دارالعلوم طور بيان ڪيو ويو آھي. اِھو ته آھي ڪالھه (ماضي) جو قصو، پر اڄ جي ٺٽي شھر ۾ ڇا آھي؟ جنھن ماڃر ۾ ماضي ۾ سوين علمي ادارا ھوندا ھئا جتان شعور جي آگھي جا درس ملندا ھئا، اڄ اُتي ھزارن جي تعداد ۾ پان، گٽڪي، مين پڙي ۽ آئس جون مانڊڻيون، اڏا ۽ ڪارخانا آھن، جيڪي نسل انساني جي صحت ۽ شعور لاءِ مقتل گاھه بنيل آھن. ڇا نشي جي علت، ڌاڙيلن جون ڪيٽيون ۽ ادارن ۾ ڪرپشن ئي اسان جو مقدر بنيا رھندا يا ڪا روشن راھه به نڪرندي جيڪا ھن ڌرتي جي اٻوجھه ۽ ڀٽڪيل انسانن کي گس لاھيندي!؟ ائين سوچيندي نه ڄاڻ ڪيڏي مھل پنڌ کٽي ويو ۽ پاڻ پھچي ويا آھيون ان جاءِ تي جتي اھا قديم لائبريري موجود آھي. ان کان اڳ به ان جاءِ تي پراڻي يونيورسٽي لائبريري موجود هئي، جيڪا بعد (1602ع) ۾ Bodley ٻيهر منظم ڪئي ۽ اُن کي وڌيڪ ڦھلايو ۽ ھاڻي اُن کي سندس نالي پويان بودليئن لائبريري سڏيو وڃي ٿو. ھن لائبريري کي ڏسڻ لاءِ 20 پائونڊ جي ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي. هي لائبريري صرف هڪ عمارت نه آھي، پر ڪيترين ئي عمارتن ۽ علمي ڪتابي ذخيرن جو وڏو لائبريري جو نظام (جھان) آهي. ھِن لائبريري ۾ لڳ ڀڳ 1 ڪروڙ 30 لک کان مٿي علمي خزانا موجود آھن جن ۾ ڪتاب، تاريخي ۽ علمي ادبي شخصيتن جا خط، نقشا، پراڻا ھٿ سان لکيل ۽ ڇپيل وچيئين دور جا نسخا (manuscripts)، تصويرون، پراڻا رڪارڊ، دستاويز، اخبارون، آرڪائيو، موسيقي جا نوٽس، تاريخي موسيقي جا دستاويز، تصويري ۽ ڊجيٽل مجموعا، فوٽو، اليڪٽرانڪ آرڪائيو ۽ ٻيو ڪيترو ئي مواد شامل آھي. ھِن لائبريري جو ھڪ مڪمل نيٽ ورڪ آھي جنھن ۾ ان جا ڪيترائي سيڪشن مختلف ايريائن ۾ پکڙيل آھن جن ۾ پراڻو مطالعي جو ھال Duke Humfrey’s Library، جديد طرز تي ٺھيل ۽ سھولتن سان آراسته Weston Library ۽ ثقافتي ڏيکاءُ ڏيندڙ گنبذ نما وڏن تاريخي خزانن تي مشتمل ريڊ ڪلفي ڪئميرا(Radcliffe Camera) شامل آھن. ريڊ ڪلفي ڪئميرا نالي مان متان سمجھو ته اھا ڪا فوٽو ڪڍڻ واري ڪئميرا آھي. لفظ Camera لاطيني ٻولي مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ڪمرو يا گنبذ وارو مطالعو گهر (reading room) تنهنڪريRadcliffe Camera اصل ۾ مطالعي لاءِ ٺهيل گول گنبذ نما لائبريري عمارت آهي. ان جي تعمير 1737 کان 1749 جي عرصي دوران ٿي ۽ ان جو باني ۽ لاڳت جو خرچو برداشت ڪندڙ John Radcliffe آڪسفورڊ جو مشهور ڊاڪٽر ٿي گذريو آھي. ريڊ ڪلفي ڪئميرا جي آرڪيٽيڪچر ڊزائننگ نيو ڪلاسيڪل انداز ۾James Gibbs تيار ڪئي جنھن ۾ ھڪ وڏو گول شڪل ۾ گنبذ ٺھيل آھي، جيڪو آڪسفورڊ جي مشهور ۽ مخصوص سڃاڻپ وارين عمارتن مان ھڪ آهي. ان ۾ اندر پڙهائي جا ڪمرا، ڪتابن جا ذخيرا ۽ محققن لاءِ الڳ ڪئبنس ٺھيل آھن. ريڊ ڪلفي ڪئميرا جي گنبذ هيٺ خاموشي واري ماحول ۾ ويهي محسوس ٿئي ٿو ته ڪتابن جي به پنهنجي هڪ الڳ دنيا هوندي آهي. لائبريري جي اڪيڊمڪ ۽ خاص طور تي تحقيقي ماحول کي گوڙ گھمسان کان بچائڻ لاءِ ھتي عام سياحن جي لائبريري اندر محدود رسائي هوندي آهي ۽ اڪثر اُن کي ٻاھران کان ئي ڏسي سگھجي ٿو. بودليئن لائبريري ۾ سَوَن جي تعداد ۾ پڙھائي جون نويڪليون جڳھيون ۽ رفرنس رومس وغيره موجود آھن، جتي مھاتما گوتم ٻڌ جيان ايڪانت ۾ ويھي گھڻو ڪجھه پراپت (حاصل) ڪري سگھجي ٿو ۽ اُن ڄاڻ کي عام عوام جي شعوري اوسر ۽ ڀلائي لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو. باقي اسان جا وڏيرا جيڪي مون آڪسفورڊ مان پڙھڻ کانپوءِ به جاھل ۽ گندي ذھنيت جا ڏٺا آھن، آئون اُن لاءِ آڪسفورڊ جي تعليمي سرشتي کي ذميوار نٿو ٺھرايان. اُتي جي تعليمي سرشتي ۾ استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ دوستاڻو ماحول ھجي ٿو. نه رئيسپائي ۽ نه ئي اسٽيٽس جو رعب، ھٺ ۽ وڏائي. اسان جا وڏيرا اول ته ان سسٽم ۾ فٽ نٿا ٿين ۽ نه ئي اُن کي ذھني طور قبول ڪن ٿا، نتيجن اُتي جي سسٽم ۾ ھُو وقتي طور ته پاڻ ۾ تبديليون آڻين ٿا، پر جيئن ئي اُھي واپس پنھنجي وطن موٽن ٿا ته اُھو آڪسفورڊ جو اخلاقيات (قدرن) جو درس آھستي آھستي وساريندي پنھنجي اصل وڏيرڪي ذھنيت ڏي موٽي اچن ٿا. جي گڏھه ڪاشي جي ياترا ڪري اچي ته به رھندو ته گڏھه ئي گڏھه. سو وڏيري کي به کڻي آڪسفورڊ موڪليو تڏھن به رھندو ته وڏيرو ئي. انھي لاءِ لازمي آھي ته ھُن (وڏيري) جي نه صرف مستقل تربيت ڪئي وڃي ۽ ھُن کي مستقل آڪسفورڊ جھڙو روشن خيال ماحول ميسر ڪري ڏنو وڃي، تڏھن ئي ھُو سڌري سگھي ٿو يا ته وري اھڙو ڪو انقلاب اچي جيڪو ھُن جي غرور، ھَٺ ۽ سگھه کي مٽي ۾ ملائي ھُن کي جڳ جھڙو بنائي.
بودليئن لائبريري جو ھڪ مڪمل نيٽ ورڪ آهي، جيڪو اُن کي دنيا جي لائبريرين ۾ منفرد حيثيت ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ حجم جي لحاظ کان ھي لائبريري دنيا ۾ سڀني کان وڏي نه آهي، پر اها دنيا جي تمام پراڻين ۽ مشهور يونيورسٽي لائبريرين مان ھڪ آھي. بودليئن لائبريري جو ديدار ڪري ھاڻ پاڻ اچي ويا آھيون ٻاھر ھاءِ اسٽريٽ تي ۽ پنھنجي اڳلي منزل آھي مئگڊلين ڪاليج(Magdalen College) جيڪو ھتان تقريبن ڏيڊ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آھي. رستي ۾ کوڙ ساريون تاريخي جڳھيون اچن ٿيون. ٻاھر رستي تي ھلندي سوچڻ لڳان ٿو، “جيئن نديون جھرن جھنگن، واھڻ وستين ۽ جبلن سميت دنيا جو سير ڪرائين ٿيون تيئن ڪتاب به انساني ذھن کي لاحد تائين وٺي وڃن ٿا، جتي جيون پورڻتا ۽ سڦلتا ماڻي ٿي.”
اڪيڊمڪ ماحول ۽ وڻندڙ موسم ۾ پاڻ سان ڳالھيون ڪندي نه ڄاڻ ڪيڏي مھل آئون مئگڊلين ڪاليج تي پھچي ويس. ھن ڪاليج کي ڏسڻ لاءِ 10 پائونڊ جي ٽڪيٽ وٺڻ لازمي آھي. ظاھر آھي آڪسفورڊ يونيورسٽي ايڏي وڏي اعليٰ معيار جي يونيورسٽي آھي جو ماڻھو اُن جي ادارن کي ڏسڻ لاءِ خوشي سان پئسا ڀري ٽڪيٽ وٺن ٿا ۽ ساڳئي وقت آڪسفورڊ جي ادارن ۾ رکيل چندي جي پيتين ۾ به خوشي سان پئسا وجھن ٿا، ڇو جو اُنھن کي خبر آھي ته اُھي پئسا آڪسفورڊ جي تزئين و ترويج ۽ رفاھه تي خرچ ٿيندا، جڏھن ته پاڻ وٽ چندي جي پيتين ۾ پاتل مال اوقاف کاتي ۽ درگاھي گادي نشينن جي کيسي ۾ وڃي ٿو.
انگلينڊ جي مذهبي عالم ۽ بادشاهه جي صلاحڪارWilliam Waynflete گوٿڪ (Gothic) آرڪيٽيڪٽ انداز تي ھي ڪاليج 1458 ۾ ٺھرايو. اوچا ٽاور، نوڪدار محراب ۽ سنھري پٿر ھِن قديم عمارت جي سونھن بڻيل آھن. مئگڊلين ڪاليج ڪافي وڏي پکيڙ تي مشتمل آھي جنھن ۾ ڪلاس رومن، عبادتگاھه (Chapel)، لائبريري، ڪشاده ۽ محرابن جي ڊزائين ۾ ڍڪيل اڱڻ (Cloisters)، ڊائننگ ھال، هرڻين جو پارڪ(Deer Park) ۽ ٻيو گھڻو ڪجھه موجود آھي. ھرڻين جو پارڪ جيڪو انتھائي خوبصورت آھي هميشه شاگردن، استادن ۽ سياحن جي توجهه ۽ وندر جو مرڪز بنيو رھي ٿو. ھن ڪاليج جي روايت ۾ بهار جي آمد جي خوشي ۾ هر سال 1 مئي تي مئگڊلين ٽاور تي صبح 6 وڳي شاگردن جي ٽولي (گروپ) سازن سرودن سان عبادتي گيت(choir) ڳائيندي آھي. مئگڊلين ٽاور تان گونجندڙ گيت جي ھن منفرد ۽ رنگا رنگ تقريب ۾ ھزارين ماڻهو شريڪ ٿيندا آھن. وسيع ايراضي ۾ ڦھليل ۽ جديد سھولتن سان آراسته ھِن ڪاليج ۾ شاگرد لڳ ڀڳ 600 کان 700 ۽ استادن ۽ فيلوز جو تعداد 70 کان 100 جي قريب ٿيندو. يعني ڇھن ستن شاگردن تي ھڪ اُستاد رکيل آھي. ان مان ئي توھان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي معيار جو اندازو لڳائي سگھو ٿا. مئگڊلين ڪاليج آڪسفورڊ جي انهن ڪاليجن مان آهي جتي علم، فطرت ۽ روايت گڏجي هڪ خاص ماحول ٺاهين ٿا. مئگڊلين ڪاليج ۾ شاگردن جي روزاني زندگي رڳو ڪتابن تائين محدود نه هوندي آھي، پر اُھا هڪ مڪمل علمي ۽ سماجي ۽ تفريحي سرگرمين سان ڀرپور هوندي آهي. صبح جو سوير اُٿي ڪجهه شاگرد چيپل(Chapel) عبادت ڪرڻ وڃن ٿا ته ڪي وري باغن يا چارويل ندي(River Cherwell) جي ڪناري تي چھل قدمي (واڪ) ڪن ٿا ۽ پوءِDining Hall ۾ اچي ناشتو ڪن ٿا ۽ اُن بعد ڪاليج وڃن ٿا. آڪسفورڊ جو پنھنجو منفرد تعليمي (Tutorials) نظام آھي جنھن ۾ 1 يا 2 شاگردن تي مشتمل ننڍا گروپ ٺاھيا وڃن ٿا، جنھن کي ھڪ استاد سپروائيز يا مانيٽر ڪري ٿو. مطلب ته ٻين يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ ھتي استاد شاگردن تي وڌيڪ ڌيان ڏين ٿا. شاگرد مختلف عمارتن ۾ واقع ڪلاس رومن ۾ مختلف مضمونن پڙھڻ کانپوءِ منجهند کان شام تائين لائبريري ۾ پڙهائي، اسائنمينٽ(Essay) جي تياري يا ليبارٽرين ۾ ڪم (تجربا) ڪن ٿا. آڪسفورڊ ۾ پوري هفتي ۾ گهڻو پڙهائي جو دٻاءُ هوندو آهي. شام جو شاگرد مختلف سرگرمين (Activities) ۾ حصو وٺن ٿا جن ۾ چارويل ندي ۾ ٻيڙي جو سير ڪرڻ يا خود ٻيڙي ھلائڻ، ڪرڪيٽ، فٽبال، ٽينس ۽ ٻيون رانديون ڪري ذھن کي تازو توانو ڪن ٿا. اُن کانسواءِ شاگرد تقريري مقابلن، موسيقي، ڊرامن، ادب، شاعري ۽ فنون لطيفه جي ٻين سرگرمين ۾ به حصو وٺندا آھن. اھڙيون سرگرميون پاڻ وارن ادارن ۾ گھڻو ڪري خيرڪيون آھن يا شجر ممنوع بڻيل آھن. ھِن ڪاليج ۾ ڪڏھن ڪڏھن رات جو رسمي لباس ۾ پراڻين روايتن ۽ ماحول جي پوئيواري ڪندي گڏيل رات جي ماني(dinner) جو اھتمام ڪيو ويندو آھي، جيئن شاگردن کي ماضي جي ثقافت ۽ ورثي سان روشناس ڪرايو وڃي. امتحانن جي ڏينھن ۾ شاگرد رات جو دير تائين پڙھائي ڪندا آھن. هِتي جي تعليم لاءِ چئي سگھجي ٿو ته اھا صرف ڪلاس رومن ۾ نه، پر ڪلاس رومن کان ٻاھر کليل ماحول ۾ به ملي ٿي. جيتوڻيڪ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پڙھائي مھانگي آھي، پر ميرٽ تي ڪافي اسڪالرشپس به ميسر آھن. اھو آڪسفورڊ جو معياري، جديد ۽ ريسرچ سان ڀرپور تعليمي نظام آھي جو ھِن يونيورسٽي 70 کان مٿي نوبيل انعام حاصل ڪيا آھن. مئگڊلين ڪاليج مان به ڪيتريون ئي مشهور شخصيتون پڙھي نڪتيون آھن جن ۾ مشھور شاعر ۽ اديب Oscar Wilde، نوبيل انعام حاصل ڪندڙ سائنسدانPeter Medawar ۽ کوڙ سارا علمي اڪابر، سائنسدان ۽ مختلف فيلڊن جا ماھر شامل آھن.
ھاڻي شام ٿيڻ تي آھي، دل ته گھڻي ئي چوي ٿي ته پوري آڪسفورڊ يونيورسٽي کي گھمي مشاھدو ماڻجي. ان جا 30 کان مٿي ڪاليج جيڪي سڀ جا سڀ آڪسفورڊ يونيورسٽي جو درجو رکن ٿا، انھن کي صحيح معنيٰ ۾ گھمڻ لاءِ به ٽيھه ڏينھن کپن، جيڪي پاڻ وٽ آھن ڪونه. سو دل ۾ اھا حسرت کڻي ھلڻ لڳو آھيان ندي ٿيمس ڏانھن جيڪا آڪسفورڊ شھر اندران وھي ٿي ۽ ھتان تقريبن 15 منٽن جي پنڌ تي آھي. آڪسفورڊ جي علمي شھر جي عمارتن ۽ ماڻھن جي چھل پھل کي پسندي ھاڻ پھچي ويو آھيان ٿيمس ندي جي ڪناري تي. ٿيمس ندي جنھن تي انگلينڊ جي ڪيترن ئي شاعرن جون ڪوتائون سرجيل آھن، پنھنجي ڌيمي رفتار سان وھي رھي آھي. ندي ۾ قديم عمارتن ۽ ڪنارن سان لڳل وڻن جا عڪس اھڙي ردم ۾ جھولي رھيا آھن جھڙو ردم اُستاد منظور علي خان جي ڪلاسيڪل راڳ ۾ اُتار چڙاھُه جو ھوندو آھي. ندي جو خوبصورت منظر ۽ آسپاس درسگاھون پسي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ فطرت ۽ علم گڏجي هڪ ڪتاب لکي رھيا آھن جنھن ۾ اسان جو ڀاڳ سڀاڳ موجود آھي. آڪسفورڊ دنيا جو منفرد ۽ خوبصورت شهر جنھن کي ھڪ ندي زنده رکي ٿي ۽ ٻيو علم، جيڪو اُن کي جاودان بڻائي ٿو.
…(هلندڙ)…
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟