برطانيه جي ڀونءِ ۾ … (سفر نامو قسط ٻارهين-حصو پهريون)
آڪسفورڊ يونيورسٽي علم جو آکيرو…
حضرت محمد ﷺ جو قول آھي ته: “علم حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن چين به وڃڻو پوي ته وڃو.” جيڪڏھن اِن قول کي علمي ۽ تاريخي پسمنظر ۾ ڏسجي ته قديم دور ۾ چين، ريشم، سائنس، دوائن، علم، ھنر ۽ ٻين وڻج واپار جي شين جي ڪاروبار جي حوالي کان سڄي دنيا ۾ تمام گھڻو مشهور هو. جيتوڻيڪ چين ڪافي پري ھو ۽ اُن جو سفر دشوار به ھو، پر پوءِ به عرب ۽ اسلامي دنيا جا واپاري ۽ عالم چين تائين اُنھن جي حاصلات لاءِ ڊگھا سفر ڪندا ھئا. اھڙي ريت اھو قول علم، ڄاڻ ۽ ھنر جي حاصلات لاءِ مثال/علامت (symbol) بڻجي ويو. بھرحال في الوقت پاڻ چين ڪون ٿا ھلون، جو پاڻ ويٺا آھيون انگريز مائي ٻاپ جي بادشاھي واري ديس برطانيه جي شھر لنڊن ۾، پر پوءِ به چين جھڙي ئي علمي ۽ ھنري ڄاڻ مان ھڙ حاصل ڪرڻ لاءِ، اڄ پاڻ ھلون ٿا آڪسفورڊ يونيورسٽي(University of Oxford) ۾ جنھن کي انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙ دنيا جي سڀني کان قديم يونيورسٽي ھئڻ جو اعزاز حاصل آھي. لنڊن کان آڪسفورڊ جو مفاصلو لڳ ڀڳ 90 ڪلو ميٽر آھي ۽ اُتي پھچڻ لاءِ اندازن ھڪ ڪلاڪ کان ڏيڊ ڪلاڪ لڳي ٿو. لنڊن کان آڪسفورڊ لاءِ بس سروس آڪسفورڊ ٽيوب(Oxford Tube) وڪٽوريه ڪوچ اسٽيشن (Victoria Coach Station) کان هلي ٿي، جڏھن ته پيڊنگٽن اسٽيشن (Paddington Station) کان آڪسفورڊ لاءِ ڊائريڪٽ ٽرين گريٽ ويسٽرن ريلوي (Great Western Railway) هلي ٿي، پر پاڻ صبح جو ناشتو پاڻي ڪري نڪتا آھيون ڪار جي ذريعي، جيئن جڳ جھان گھمندا ڦرندا ۽ جتي وڻي اُتي ڊاٻو (اسٽاپ) ڪندا ھلون.
لنڊن جي رستن تي ھينئر ڪافي ٽريفڪ نظر اچي رھي آھي. مختلف رستن ۽ زير زمين(under passes) رستن مان گذرندي ھاڻ پنھنجي گاڏيM25 موٽروي تي جيئن ئي چڙھي آھي ته شھر جو گوڙ گھمسان به گھٽ محسوس ٿيڻ لڳو آھي. هي لنڊن جي چوگرد ڦرندڙ موٽروي آهي ۽ ان تي گاڏيون تيز رفتاري سان هلڻ لڳن ٿيون. اڳتي ھلي پنھنجي گاڏيM40 موٽروي تي ھلڻ لڳي ٿي ۽ ھاڻي شهر آهستي آهستي پوئتي رهجندو وڃي ٿو. ھاڻي روڊ جي ٻنهي پاسن کان کليل ميدان ته وري ڪٿي ڪٿي جھنگل نما وڻن جو ڊگھيون قطارون گذرندي نظر اچن ٿيون. ھاڻي پاڻ کي پريان ھڪ خوبصورت ۽ قديمي شھرHigh Wycombe نظر اچي رھيو آھي. ھِن شھر مان ٻين صدي جي پراڻي رومن ڳوٺ جا آثار مليا آھن. ٻاھر جھڙالي موسم آھي. ھِتي ھاءِ وي تي گاڏيون قاعدي قانون سان ھلن ٿيون، نه اوورٽيڪ، نه اجايون ڪَٽون ۽ نه ئي اُبتا سبتا ھارن. پنھنجو سفر پُرسڪون ماحول ۾ روان دوان آھي. گاڏي پنھنجي رفتار سان تيز ڊوڙي رھي آھي. جتي گاڏي کان ٻاھر جا منظر اکين کي آسائش پھچائي رھيا آھن ته اُتي گاڏي جي پُرسڪون ماحول ۾ وڄندڙ ڌيمي ڌيمي موسيقي وري روح کي راحت پھچائي رھي آھي. جيئن جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي فاصلو به گھٽبو ٿو وڃي. ھاڻي پاڻ کي سامھون ڏسڻ ۾ اچي پيو، صنعتي ۽ رھائشي شھر بيڪنسفيلڊ (Beaconsfield)، جيڪو عام طور تي 15 صدي جي تاريخي چرچ ۽ نيشنل فلم ۽ ٽيليويزن اسڪول جي ڪري مشھور آھي. وسيلن ۽ خوشحالي سان مالامال ھن شھر ۾ اڪثر مشھور ٽيليويزن سيريز مڊ سمر مرڊرس جي شوٽنگ ٿيندي رھي آھي. جيئن ئي گاڏي پنھنجو سفر جاري رکندي اچي، شھري جديد زندگي آهستي آهستي ڳوٺاڻن منظرن ۽ ماحول ۾ تبديل ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. ھاڻي کليل ميدان ۽ زرعي علائقو شروع ٿي ويو آھي، وڏا ڪڻڪ جا سونهري کيت، کليا ميدان، جَوَن ۽ سرنھن جا فصل پنھنجي جوڀن ۾ نظر اچي رھيا آھن. انھن فصلن کي ڏسي ايئن محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ ڪا نخريلي نازنين ڪيڏي مھل سونھري ته ڪيڏي مھل پيلو لباس پھري موجي من کي موھي رھي آھي. شايد فطرت جي اھڙن ئي خوبصورت منظرن مان اثر وٺندي خاص طور تي اسان جي انڊوپاڪ فلم انڊسٽري ۾ خوبصورت اداڪارائن کي کيتن ۾ رقص ڪندي ڏيکاريو ويندو آھي. رقص فطرت جي سونھن ڀرئي ماحول ۾ ھوا جي جھونڪن تي جھومندڙ سونھري سنگن جو ھجي يا جواڻ جماڻ سندري جو، پنھنجي لاءِ ته ڀاڳ سڀاڳ جيان آھي، جنھن لاءِ محاورتن چيو ويندو آھي ته، “تنھنجيون ته پنج ئي آڱريون گيھ ۾.” بلڪل آھي به ايئن ئي. سونھن ڀلي پوءِ اُھا فطرت جي ھجي يا سندري جي، بس اھا ئي جيون جياپو آھي، نت مھاتما گوتم ٻڌ جي بقول، “سروم دکم دکم.” پنھنجو سفر جيئن جو تيئن جاري آھي. وڻ ٽڻ، عمارتون ۽ سرسبز ميدان اڳيان تيزي سان وڌندا اچن ٿا ۽ پوءِ اکين کان اوجھل ٿي وڃن ٿا. ھاڻي پاڻ گذري رھيا آھيون جديد ۽ پراڻي طرز تعمير جي رهائشي شهرBicester مان، جنھن ۾ ھڪ عاليشان ۽ وڏو شاپنگ مال به ٺھيل آھي. يوڪي ۾ جنھن به شھر توڙي ھاءِ وي تي ويو آھيان، ھر طرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي آھي. قسمين قسمين وڻ، ٻوٽا، گل ۽ ميدان به ساوڪ يا بمپر فصلن سان سٿيل نظر ايندا آھن. ھي سڌريل قوم زمين جو ٻارو ٻارو آباد ڪري ٿي ۽ ڪٿي به توھان کي مٽي نظر نه ايندي. زمين جو انچ انچ وڻڪار گلن ڦلن يا ولين يا ڇٻرن سان ڍڪيل ۽ سجيل نظر ايندو. جڏھن ته پاڻ وٽ اڃان ته ڪالاباغ نه ٺھيو آھي ۽ صفا ايڏي پاڻي جي اڻاٺ به ناھي ٿي ۽ ٿورو گھڻو پاڻي موجود به آھي، پر پوءِ به گھرن جي اڳيان گلڪاري ته پري جي ڳالھ، پر اڌ کان مٿي زمينون بنجر بڻيل ۽ ڪلر سان ڪاراٽيل نظر اينديون. پاڻ وٽ رستي ھلندي جي گاڏي جي دري کوليو ته ڌوڙ اُڏامي چھري جي رونق ۽ رنگت ئي ختم ڪري ڇڏيندي، بلڪل ايئن جيئن بي رحم ۽ ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ جا مالي وسيلا لٽي عوام جي انتھائي بڇڙي حالت ڪئي آھي ۽ پنڻ پريِ ڪري ڇڏيو آھي، پر ھِتي ڌوڙ اُڏامڻ جو تصور ئي ڪونھي. رستي جي ٻنھي پاسي ننڍا وڏا ڳوٺ، عمارتون ۽ ساوڪ پسندي ھاڻ پاڻ پھچي ويا آھيون ٿارن ھل پارڪ اينڊ رائيڊ(Thornhill Park and Ride) بس اسٽاپ تي، جيڪو آڪسفورڊ جي اولھ طرف ۾ واقع آھي. ھِتي وڏي پارڪنگ ايريا موجود آھي جتي پاڻ گاڏي پارڪ ڪئي آھي. ڪار پارڪنگ في ھتان آڪسفورڊ ويندڙ بس جي ٽڪيٽ ۾ اڳيئي شامل ڪيل آھي. اڪثر ماڻھو پنھنجون ڪارون ھِتي بيھاريندا آھن، ڇو جو آڪسفورڊ ۾ گاڏين جي پارڪنگ في تمام گھڻي ورتي وڃي ٿي، جيئن آڪسفورڊ کي غير ضروري رش ۽ ماحولياتي آلودگي کان بچائي سگھجي ۽ ساڳئي وقت اڪيڊمڪ ماحول ۾ به رخنو نه پوي. پاڻ به ھِتان آڪسفورڊ بس جي ذريعي ئي وينداسين. آڪسفورڊ وڃڻ لاءِ ٻين مختلف شھرن يا رستن (طرفن) کان اچڻ وارن ماڻھن لاءِ ٻيا ٻه پارڪس اينڊ رائيڊ (بس اسٽاپ) آھن، جن ۾ ڪڊنگٽن جي ويجھو آڪسفورڊ پارڪ وي پارڪ اينڊ رائيڊ، شھر جي ڏکڻ طرف ريڊ برج پارڪ اينڊ رائيڊ ۽ شھر جي اولھ طرف سِيڪورٽ پارڪ اينڊ رائيڊ شامل آھن، جتان به بسون ھر ڏھن پندرھن منٽن تي ھلن ٿيون ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ويجھو لاھين ٿيون. بس تقريبن 15 کان 20 منٽن ۾ آڪسفورڊ پھچي وڃي ٿي ۽ اُن جو ھڪ طرفو ٽڪيٽ ٻه پائونڊ کان ٽي پائونڊ آهي. پنھنجي بس ھاڻي ھلڻ شروع ڪيو آھي ۽ آهستي آهستي رستي جي ٻنھي پاسي جا منظر چٽا نظر اچڻ لڳا آھن. جيئن جيئن بس اڳتي ھلڻ لڳي ٿي ته ايئن محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته ڄڻ ھاڻي توھان جديد دنيا کي پوئتي ڇڏي رهيا آهيو ۽ بلڪل ھڪ قديم ۽ انوکي علمي دنيا ۾ داخل ٿي رھيا آھيو. روڊ ڪافي کليل ۽ ڪشادو آھي. ھاڻي اسان واري بس ھيڊنگٽن(Headington) واري رهائشي علائقي ۾ داخل ٿي چڪي آھي. منھنجي سامھون گذري رھيا آھن، ننڍڙا گهر، شاگرد، يونيورسٽي سان لاڳاپيل عملو ۽ مقامي ماڻهو. ھِتي جي روان دوان زندگي مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ آهستي آهستي هڪ پراڻي، علمي شهر جي تاريخ جا باب اوهان جي آڏو کُلي رھيا آھن. جيئن ئي بس اڳيان ھلي ٿي ته آڪسفورڊ جي وڏي اسپتالJohn Radcliffe Hospital نظر اچي ٿي. بس جيئن ئي ھتان وري ٿورڙو اڳتي وڌي ٿي ته توھان آڪسفورڊ جي دل سٽي سينٽر ۾ داخل ٿي وڃو ٿا ۽ بس توھان کي ان جي آخري اسٽاپHigh Street Oxford ۽St Giles Oxford جي ويجھو لاھي ٿي. متان ايئن سمجھو ته توهان جو سفر اتي ختم ٿي چڪو، بلڪه ھِن علمي شھر جي اصل ڪهاڻي ته هاڻي شروع ٿيڻي آھي. ھِتي جا قديم رستا ڪيفي، ڪتابن جا دڪان، شاگردن، اُستادن ۽ علم جي پانڌيئڙن جي گھما گھمي، پراڻيون تاريخي عمارتون ۽ کڙا ٿيل مجسما ۽ يادگار توھان کي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڀليڪار چون ٿا. بس مان لھي بڪ شاپ تان آڪسفورڊ يونيورسٽي جو گائيڊ بڪ ۽ نقشو وٺي پاڻ ڪيفي ۾ ڪافي پيتيسين ۽ بلڪل شاگردي جي گذريل دور جيان جڏھن ڪتابن ۽ ڪاپين جو ٿيلھو کڻي، ھشاش بشاش ٿي ۽ جوش و خروش سان اسڪول ڏي پيرين پنڌ نڪري پئبو ھو، پاڻ به آڪسفورڊ يونيورسٽي جي علمي دنيا جي سفر تي نڪري پياسين، جيڪا گھگھ اونداھي ۾ ھڪ لاٽ مثل آھي ۽ جنھن جي ڏاھپ ۽ ڏيا جي ساري جڳ ۾ جئه جئه ڪار متل آھي. پوري آڪسفورڊ سٽي ۾ ڦھليل آڪسفورڊ يونيورسٽي جي علمي جھان کي تفصيلي ڏسڻ ۽ مشاھدو ماڻڻ کان اڳ اچو ته ٿورو گھڻو ان قديم ۽ جديد علمي گھر بابت ڄاڻي وٺون.
آڪسفورڊ يونيورسٽي دنيا جي سڀني کان پراڻين يونيورسٽين مان هڪ آهي. هِتي درس و تدريس لڳ ڀڳ 1096ع کان شروع ٿي وئي هئي ۽ 12 هين صديءَ ۾ هي باقاعده يونيورسٽي بڻجي چڪي ھئي. ڪيترين ئي صدين کان هي يونيورسٽي علم، فلسفي، سائنس ۽ ادب جو وڏو مرڪز رهندي پئي آئي آهي. اسان وٽ عام طور تي يونيورسٽي جو تصور ھڪ مڪمل(full fledged) اداري جو ھوندو آھي، جنھن ۾ مختلف شعبا ھوندا آھن، پر ڪئمبرج يونيورسٽي جيان آڪسفورڊ يونيورسٽي به ڪنهن هڪ عمارت نه، پر مختلف ڪاليجن جي نظام(Collegiate system) تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 30 کان وڌيڪ ڪاليج ۽ ڪيترائي ادارا شامل آهن. اھي اهم ڪاليج ۽ ادارا پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکن ٿا، جيڪي پنھنجي طور تي ڊگري ڏيڻ جو اختيار رکن ٿا ۽ اُھي ڊگريون آڪسفورڊ يونيورسٽي جون ڊگريون چوائجن ٿيون. ٻين لفظن ۾ چئي سگھجي ٿو ته آڪسفورڊ يونيورسٽي بذات خود ھڪ يونيورسٽي جو وجود نٿي رکي، جنھن جي ڪا الڳ عمارت يا انتظاميه ھجي، پر ھي مختلف ڪاليجن ۽ ادارن جو ھڪ اھڙو پليٽفارم آھي، جنھن ۾ ھر ڪنھن اداري يا ڪاليج کي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڊگري ڏيڻ جو اختيار حاصل آھي يا ايئن کڻي چئجي ته آڪسفورڊ يونيورسٽي مختلف گلن جو ھڪ اھڙو باغ آھي جنھن ۾ موجود ھر گل (ڪاليج يا اداري) جي مھڪار (ڊگري) باغ (آڪسفورڊ يونيورسٽي) جي پنھنجي خوشبوءِ سمجھي وڃي ٿي. آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ لڳ ڀڳ هر علمي مضمون(Subject) ۾ ڊگري ڏني وڃي ٿي، جن ۾ تاريخ، فلسفو، ادب، معاشيات، سياست، قانون، فزڪس، ڪيمسٽري، حياتيات، ميڊيسن، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي(Engineering and Technology) سميت ٻيا مضمون شامل آھن. جيتري قدر آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ايراضي جو تعلق آھي ته آئون توھان کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي آيو آھيان ته، هي هڪ ھنڌ تي موجود ڪيمپس جيان نه آهي، بلڪه ان جا ڪاليج ۽ لاڳاپيل ادارا سڄي آڪسفورڊ شهر ۾ پکڙيل آهن، تنھنڪري ان جي وسعت کي ايراضي ۾ ماپڻ معنيٰ ئي ڪونه ٿي رکي يا ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته پورو آڪسفورڊ شھر ئي آڪسفورڊ يونيورسٽي آھي. آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ اسٽاف لڳ ڀڳ 13,000 کان 15,000 جي قريب ٿيندو، جنھن ۾ اُستاد، محقق(researchers) ۽ انتظامي عملو وغيرہ شامل آھي ۽ ان ۾ شاگردن جو تعداد 25 ھزارن کان مٿي آھي. آڪسفورڊ شهر جي آبادي تقريبن 150,000 کان 170,000 جي وچ ۾ ٿيندي. شھر ۾ قديم، تاريخي ۽ علمي درسگاھ جي تقدس، روايت ۽ عالمي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ نه ته ھن شھر جي غير ضروري آبادي وڌڻ ڏني ٿي وڃي ۽ نه ئي وري ٽرانسپورٽ کي حد کان زيادہ شھر ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ٿو وڃي، جيئن ھِن عالمي سڃاڻپ رکندڙ درسگاھ جو شھر ماحولياتي آلودگي کان پاڪ ۽ صاف رھي. اسان وٽ جيڪڏھن پوري شھر تي مشتمل اھڙي ڪا قديم ۽ تاريخي يونيورسٽي ھجي ھا ته ڪڏھوڪي اھا پنھنجي ڀوتارن ھٿان ماحولياتي توڙي علمي آلودگي جو شڪار ٿي تباھ ٿي چڪي ھجي ھا. آڪسفورڊ يونيورسٽي کي باضابطا ۽ منظم طريقي سان ھلائڻ لاءِ مالي معاونت جا به کوڙ سارا ذريعا پيدا ڪيا ويا آھن، جن ۾ برطانيا جي سرڪار جي سالياني گرانٽ، يونيورسٽي جي ٽيوشن فين ۽ ريسرچ پروجيڪٽس وغيرہ مان اُن جي پنهنجي آمدني، امير ماڻھن ۽ ادارن کان ملندڙ عطيا ۽ اينڊومينٽ فنڊ وغيرہ شامل آھن. آڪسفورڊ يونيورسٽي ھڪ خودمختيار(Autonomous) درسگاھ آھي ۽ اُن جو پنھنجو ھڪ الڳ تعليمي سرشتو ۽ انتظامي ڍانچو آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽي رڳو هڪ تعليمي ادارو نه آھي، پر هڪ جيئرو جاڳندو شهر آهي، جتي سماج، علم، تحقيق ۽ شعور سان تعلق رکندڙ ڏاھن ماڻھو آزاد ماحول ۾ ويھي هڪ اهڙو اڪيڊمڪ نظام جوڙيو آھي، جيڪو صدين کان ترقي جي راھن تي هلي رهيو آهي ۽ دنيا کي نوان فڪر، نوان لاڙا ۽ نيون ايجادون ڏنيون آھن جن دنيا کي سھل ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي. هِتي عمارتون ته بيشڪ پراڻيون آهن، پر سوچ هميشه نئين (تخليقي) هوندي آهي، جيڪا انساني شعور جي اوسر ۽ سماج جي ذھني تربيت ۽ ترقي ۾ ان جي برپا (قائم) ٿيڻ جي پھرئين ڏينھن کان وٺي منزل جي طرف گامزن (روان دوان) آھي. آڪسفورڊ يونيورسٽي کي اھو اعزاز حاصل آھي ته، ان سان لاڳاپيل اڪابر ۽ ڏاھن ماڻهن مختلف ميدانن ۾ 70 کان وڌيڪ نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن، جن ۾ اسٽيفن ھاڪنگ (Stephen Hawking)، آسڪر وائلڊ (Oscar Wilde)، مارگريٽ ٿيچر (Margaret Thatcher)، ٽي ايس ايليٽ (T. S. Eliot)، ملالا يوسف زئي (Malala Yousafzai)، ھاورڊ فلوري (Howard Florey) ۽ آنگ سان سوچي(Aung San Suu Kyi) سميت ٻيون نامور شخصيتون شامل آھن.
ھاڻي اچو ته اُنھن علم ۽ ڏاھپ جي ڀنڊار آستانن کي اکين سان ڏسون جتان علم جا چراغ روشن ٿيا، جن اوندھ انڌڪار کي مٽائڻ ۽ جڳ کي روشن ڪرڻ ۾ نه صرف پنھنجو حصو ملايو، پر ڀرپور ڪردار به ادا ڪيو. آڪسفورڊ شھر ۾ هلندي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ توهان ڪنهن ڪتاب جي صفحن ۾ داخل ٿي ويا آهيو، جنھن ۾ هر عمارت (درسگاھ) هڪ باب جيان آهي، جنھن جي ھڪ حيرت انگيز ڄاڻ ۽ آدرش سان جڙيل ھڪ انوکي ڪھاڻي آھي. صبح جي ھلڪي روشني ۽ سياري جي خنڪي واري تر و تازہ ھوا ۾ مزي مزي سان ھلندي پاڻ اچي پھتا آھيون ڪوئينس ڪاليج(Queen’s College) وٽ.
انگلينڊ جي راڻي“Queen Philippa” جي نالي پويان سڏجندڙ ھي ڪاليج 1341ع ۾ قائم ٿيو. نيو ڪلاسيڪل آرڪيٽيڪٽ انداز تي ٺاھيل ھن ڪاليج جي عمارت ۾ سونھري پٿر استعمال ٿيل آھي ۽ ھن ڪاليج جو گهڻو حصو 17 هين کان 18 هين صدي جو ٺهيل آھي. ھن ڪاليج ۾ ڪلاس رومس کان علاوہ لائيبريري، ليبارٽريون، آڊيٽوريم، چيپل (عبادت گاھ)، ڊائننگ ھال، شاگردن جا رھائشي ڪمرا ۽ ڪشادو اڱڻ پڻ موجود آھي. هن ڪاليج ۾ ڪافي اهم مضمون پڙھايا وڃن ٿا جن ۾ انگريزي ادب، تاريخ، فلاسافي، پوليٽيڪل سائنس، اقتصاديات، لا، ميڊيسن ۽ ٻيا مضمون شامل آھن. ھي ڪاليج چارويل ندي(River Cherwell) کي ويجهو آھي، جتي شاگرد سير و تفريح لاءِ اچن ٿا ۽ ندي ۾ ٻيڙي ھلائڻ (punting) جو به مزو وٺن ٿا. جڏھن من اندر ۾ علم ۽ ڏاھپ جا چراغ روشن ھجن ۽ ندي جي لھرن تي جھولندڙ فطرت جا روح پرور منظر نظر ايندا ھجن ته ڀلا ڇو نراسائي يا گھاتڪ اوندھ سونھن ۽ سچائي تي جيت پائي سگھندي؟ ھِن ڪاليج سان لاڳاپيل هڪ ڏند ڪٿا مشھور آھي، جنھن مطابق روايت آھي ته وچئين دور(mediaeval age) ۾ هڪ شاگرد جھنگل ۾ پڙهي رهيو هو ته اوچتو هڪ جهنگلي سوئر(boar) هن تي حملو ڪيو. شاگرد پنهنجي ڪتاب (شايدAristotle جو ڪتاب؟) سوئر جي وات ۾ وڌو ۽ سوئر کي ماري وڌو. اڳتي ھلي اهو واقعو علم جي طاقت جي علامت طور حوالو بڻيو ۽ ان واقعي جي ياد کي زندھ رکڻ لاءِ ھتي هڪ رسم شروع ٿي ۽ خاص طور تي اھا ڪرسمس جي ڏينھن ۾ ٿيندي آھي، جنھن ۾ گيتBoar’s Head Carol ڳايو ويندو آھي. هي ھڪ پراڻو ڪرسمس گيت آهي. مڪمل گيت ته ڪافي وڏو آهي، پر هِتي ان جون چند سٽون توھان جي نذر:
The boar’s head in hand bear I,
Bedecked with bays and rosemary.
And I pray you, my masters, be merry,
Quot estis in convivio.
“مان سوئر جو سِر کڻي آيو آهيان، گلن سان سينگاريل.
اوهان سڀ خوش ٿيو، جيڪي هِن محفل ۾ آيل آهيو.”
ھِن رسم ۾ شاگرد روايتي چوغو(gown) پائي سوئر جو سِر(Boar’s Head) کڻي جلوس جي شڪل ۾ گيت ڳائيندا ھال ۾ داخل ٿيندا آھن ۽ پوءِ گڏجي کاڌو کائيندا آھن. ھِن روايت جو اصل مطلب صرف کاڌي جي رسم بجا آڻڻ ناهي، پر اھا رسم ھاڻي ھتي جي ثقافت جو ھڪ اھم حصو بڻجي چڪي آھي ۽ ان جو مطلب خوشي، علمي برادري جي عالمي ڳانڍاپي ۽ ھر مشڪل تي علم جي طاقت ذريعي فتح پائڻ جي علامت طور ورتو وڃي ٿو. ھاڻي آئون ڪوئينس ڪاليج کان ٻاھر نڪري رستي تي اچي ويو آھيان ۽ پنھنجي اڳين منزل آھي ٽرنٽي ڪاليج(Trinity College) جيڪو ھتان اندازن ڏھن منٽن جي پنڌ تي آھي. ھن يونيورسٽي جي ننڍڙي قديم ۽ جديد شھر جو ڏيک انگلينڊ جي ٻين شھرن کان نرالو آھي، جتي تاريخ، تمدن، تھذيب، علم ۽ دانش توھان سان ڳالھيون ڪندي ھلي ٿي. رستي ۾ ڪتابن جا دڪان، ريسٽورينٽس پراڻيون عمارتون ۽ کليون بيٺڪون ۽ وڻڪار نظر اچي ٿي. ھتي ھر جاءِ تي توھان کي مختلف قومن ۽ ملڪن جا ھر عمر جا ماڻھو نظر ايندا. ڪي علمي بحث ڪندي ته ڪي وري خاموش پَنو پين ڪڍي يا موبائل/ليپ ٽاپ تي نوٽس وٺندي نظر ايندا، ته ڪي وري پراڻين علمي عمارتن ۾ کوئجي ماضي ۾ ھليا وڃن ٿا، جتي اُنھن جو پنھنجي وڏڙن سان مکان ميلو ٿئي ٿو، جن جي ذھني پورھئي انھن عمارتن کي جيئدان ۽ تازگي بخشي آھي. پنڌ ھلندي ھلندي آئون نه ڄاڻ ڪيڏي مھل ٽرنٽي ڪاليج جي قدآور بلڊنگ وٽ پھچي ويس.
ٽيوڊر دور(Tudor Period) جو ھي ڪاليج 1555ع ۾ قائم ٿيو ۽Tudor ۽Gothic آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ تي تعمير ٿيل آھي. ھن ڪاليج ۾ عبادت لاءِ چيپل، ڊائننگ ھال، پراڻن ۽ ناياب ڪتابن جي لائيبريري، ليبارٽريز، ليڪچر رومز، شاگردن ۽ اُستادن لاءِ رھائشي ھاسٽل وغيرہ موجود آھن. ان کان سواءِ ٽرنٽي ڪاليج ۾ اندر ھڪ وڏو مرڪزي صحن(Quad) ۽ خوبصورت باغ(gardens) به موجود آھي، جيڪي ٻئي آڪسفورڊ شھر ۾ تمام گھڻا مشهور آهن ۽ جتي سياحن جي اڪثر رش لڳل رھي ٿي. ھن ڪاليج ۾ انگريزي لٽريچر، تاريخ، مئٿميٽڪس، قانون، فلاسافي، فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ٻيا مضمون پڙھايا وڃن ٿا. ڪاليج ۾ شاگردن جو تعداد لڳ ڀڳ 300 کان 400 ۽ استادن جو تعداد 20 کان 30 جي لڳ ڀڳ آھي. ٽرنٽي ڪاليج جي ويجهو چارويل ندي وهي ٿي. ھن ندي ۾ ٻيڙي هلائڻ(punting) جو پنھنجو مزو آھي. پراڻي زماني کان شاگردن ۾ اھا روايت ھلندي اچي ٿي ته اُھي امتحان کانپوءِ ندي ۾ ٻيڙي جي سير لاءِ ضرور ويندا آھن.
ھن وقت آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ جيڪا فڪر جي آزادي ۽ سائنسي سوچ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، متان سمجھو ته اھا ھِتي ڪا ھردور ۾ ساڳي رھي آھي. پاڻ وٽ ته ھِن دور ۾ به فڪر ۽ آزاد سوچڻ تي پابندي لڳل آھي، پر آڪسفورڊ ۾ به انتھا پسندن مختلف دورن ۾ راتاھا ھڻڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو، جيڪي اڄ به يورپ جي تاريخ ۾ ڪارنھن جي ٽِڪي جيان عبرت جو مقام بڻيل آھن. جان وڪلفي(John Wycliffe) چوڏھين صدي واري دور ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ مشھور اُستاد ۽ مفڪر ٿي گذريو آھي. هِن چرچ جي ڪجهه عقيدن تي تنقيد ڪئي خاص ڪري بائبل کي عام ماڻهن لاءِ انگريزي ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي. ڇاڪاڻ جو اڳي بائبل صرف اُن وقت جي رائج لاطيني ٻولي(Latin Vulgate) ۾ ھو، جنھن کي فقط پادري ئي سمجھي سگھندا ھئا. چرچ کي خوف ھو ته انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ٿيڻ سان بائبل کي عام ماڻھو به پڙھي ۽ سمجھي سگھندا ۽ اُن جي پاڻ تشريح به ڪري سگھندا. ان عمل (ترجمي) جي ڪري چرچ جي طاقت گهٽجي ويندي ۽ ان جي مذھبي ھڪ ھٽي ۽ دڪانداري ختم ٿي ويندي. نتيجن پادرين جان وڪلفي جي سخت مخالفت ڪئي، پر پوءِ به اُھي بائبل جي ترجمي ٿيڻ جي عمل (ترجمو سال 1380) کي روڪي نه سگھيا. جيتوڻيڪ جان وڪلفي کي پنھنجي حياتي (وفات 1384) ۾ ته ڪا سزا نه اچي سگھي، پر اڳتي ھلي سندس خيال (فڪر) گمراھ ڪن قرار ڏنا ويا ۽ مرڻ کانپوءِ 1415ع ۾ چرچ سندس خلاف فتوىٰ ڏيندي کيس بي دين(heresy) قرار ڏنو ۽ 1428ع ۾ سزا طور سندس قبر کولائي ان مان لاش ڪڍي بائبل جي بي حرمتي جي سزا طور ان کي ساڙيو ويو ۽ سندس سڙيل هڏا ۽ رک درياءَ ۾ اڇلائي وئي. چرچ جي فتوائن جو سلسلو رڳو اتي نه بيٺو. ھُنن جو ڏاھن ۽ فڪر جي آزادي جو اظھار ڪندڙن خلاف فتوائن جو سلسلو جاري رھيو. 16 صدي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ پوءِ ڪئمبرج يونيورسٽي ۾ خدمتون ڏيندڙ وليم ٽنڊيل(William Tyndale) جو مقصد هو ته عام ماڻهو پنهنجي ٻولي ۾ بائبل پڙهن جيئن اُن کي آساني سان سمجھي سگھن. هن بائبل کي سڌو يوناني ۽ عبراني ٻولي مان انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو. سندس ترجمو اڳين ترجمن کان وڌيڪ بھتر ۽ ڪافي آسان هو. هن نوان لفظ به گھڙيا جيڪي ھاڻي به استعمال ٿين ٿا. چرچ ۽ حڪومت ٻنهي سندس مخالفت ڪئي ۽ کيس بدعتي قرار ڏنو ويو. 1536ع ۾ کيس پهرين ڦاسي ڏني وئي ۽ پوءِ سندس لاش ساڙيو ويو. ڦاسي وقت سندس آخري لفظ ھئا:
“اي خدا! بادشاهه جون اکيون کول.”
ڀلا سچ کي ڪٿي ٿي مات ٿئي ۽ اظھار جي آزادي جو سلسلو ڪٿي ٿو رڪجي. ٽنڊيل جي موت کانپوءِ سندس بائبل جو ڪيل ترجمو ختم نه ٿيو، بلڪه وڌيڪ پکڙيو. اڳتي ھلي انگلينڊ ۾ بائبل جا سرڪار طرفان ڪرايل ترجما به اچڻ لڳا.
آڪسفورڊ يونيورسٽي جي دنيا ۾ وڏي سڃاڻپ وڌ ۾ وڌ نوبيل پرائز جو حصول پڻ آھي. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي سڀني ڪاليجن سان لاڳاپيل ڪافي ماڻهو مختلف فيلڊس ۾ نوبيل انعام کڻي چڪا آهن، جن ۾ ٽرنٽي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪندڙ به شامل آھن.Sir Cyril Hinshelwood ڪيمسٽري ۾Richard Dawkins جديد حياتيات ۽ ارتقا (evolution) تي نوبيل انعام حاصل ڪيو.
ٽرنٽي ڪاليج ڏسي ھاڻ پاڻ پيرين پنڌ سفر شروع ڪيو آھي. شھيدن جي يادگار Oxford Martyrs Memorial ڏانھن. ھي سفر ائين آھي ڄڻ ته پاڻ ڪتاب جي ھڪڙي باب کي پڙھندي ٻئي باب ۽ پوءِ ٽئين باب… ۾ پھچي وڃون ٿا. ھاڻ پاڻ علمي جھان جون رونقون، شاگردن، اُستادن ۽ سياحن جي چھل پھل ۽ عمارتن جو آرڪيٽيڪچر پسندي نيٺ پھچي ئي وياسين شھيدن جي يادگار (Oxford Martyrs Memorial) تي.
ھي يادگار ھف لئٽيمر (Hugh Latimer)، نڪولس رڊلي(Nicholas Ridley) ۽ ٿامس ڪريمر(Thomas Cranmer) جي ياد ۾ کڙو ڪيو ويو آھي، جيڪي 1555-1556ع ڌاري مذهبي اختلافن جي بنياد تي مرتد قرار ڏئي ساڙيا ويا. انھن شھيدن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ ھي يادگار 1841 کان 1843ع جي عرصي ۾ تعمير ٿيو ۽ ان جي ڊزائين وچئين دور جي گوٿڪ طرز تي مشھور آرڪيٽيڪٽGeorge Gilbert Scott جي ٺاھيل آھي. ھي يادگار شڪل ۾ ڊگهو ۽ نوڪدار ٽاور(spire) جيان آھي، جنھن جي ٽن پاسن تي اُنھن شھيدن جا مجسما ٺھيل آھن ۽ ساڳئي وقت ان ٽاور تي لڳل پٿر تي باريڪ نقش نگاري پڻ ڏسڻ جھڙي آھي. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي انھن ٽنھي اڪابرن شخصي آزادي جي ڳالھ ڪئي ۽ کين محض مذھب جي معاملي ۾ پنھنجي الڳ راءِ رکڻ جي بنياد تي ايڏي ڳري ۽ وحشتناڪ سزا ڏني وئي. ان دور جي جيڪڏھن تاريخي پسمنظر تي روشني وجھجي ته 16 صدي جي انگلينڊ ۾ اھو مذھبي تبديلين ۽ سڌارن جو دور ھو. اُن دور ۾ عيسائي مذھب جي ٻن فرقن ڪئٿولڪ (Catholic) ۽ پروٽيسٽنٽ(Protestant) جي وچ ۾ مذھبي ڇڪتاڻ پنھنجي انتھا تي ھئي. صورتحال ھيئن بيٺي جو پروٽيسٽنٽ فرقي سان ھم آھنگي رکندڙ انگلينڊ جي بادشاھHenry VIII ڪئٿولڪ فرقي جي روحاني پيشوا پوپ جنھن جو مرڪز روم (ويٽيڪن سٽي) ھو، اُن جي مرڪزي ڪردار ۽ اطاعت کان انڪار ڪندي عليحدگي جو اعلان ڪيو ۽ پنھنجو الڳChurch of England قائم ڪيو. ھاڻي چرچ جي ڪمانڊ (اختيار) پوپ کان ڦري بادشاھ ڏي منتقل ٿي وئي. اُن کانپوءِ جي بادشاھ Edward VI جيڪو به پروٽيسٽنٽ فرقي سان لاڳاپيل ھو، وڌيڪ سڌارا آڻيندي پوپ جي ڪردار/اختيارن کي اڃان به وڌيڪ محدود ڪيو. جڏھن راڻي ميري(Mary I) انگلينڊ جي حڪمران ٿي ته ھُن واپس ڪئٿولڪ نظام بحال ڪيو. ھُن پروٽيسٽنٽ فڪر سان لاڳاپيل اڪابرن کي ڳريون سزائون ڏيڻ شروع ڪيون. ڪيترائي عالم بدعت/بي ديني(heresy) جي الزام هيٺ ساڙيا ويا. انھن ٽنهي اڪابر شخصيتن کي به انھن ئي الزامن تحت جلايو ويو. ھف لئٽيمر(Hugh Latimer) چرچ جو وڏو اڳواڻ (Bishop) ۽ سادي ٻولي ۾ واعظ ڪندڙ(Preacher) هو. ھُن باھ ۾ سڙڻ کان اڳ جيڪي آخري لفظ چيا اُھي ھن ريت ھئا:
“همت رکو، اڄ اسان اهڙو ڏيئو ٻارينداسين جيڪو ڪڏهن به نه وسامندو.”
نڪولس رڊلي(Nicholas Ridley) جيڪو پيشي جي لحاظ کان لنڊن جو پادري (Bishop) هو پنهنجي وقت جو انتهائي پڙهيل عالم (اسڪالر) ھو ۽ چرچ جي سڌارن ۾ ھُن جو اهم ڪردار ھو. هُن صبر ۽ خاموشي سان موت قبول ڪيو ۽ پنهنجي عقيدي تي قائم رهيو.
ٿامس ڪريمر(Thomas Cranmer) مذھبي علم(Theology) ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ ھو ۽ ھن اسڪالر جو شمار انگلينڊ جي وڏن مذهبي عالمن ۾ ٿيندو ھو. ھُو چرچ جو ڏو عھديدار(Archbishop of Canterbury) ھو ۽ بُڪ آف ڪامن پريئر(Book of Common Prayer) به ھُن جو لکيل آھي. اُن کانسواءِ ھُن جو چرچ آف انگلينڊ جي بنيادي ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار سان گڏ ھُو اُن جو اھم اڳواڻ به رھيو. ھُن سزا کان بچڻ لاءِ ڪجهه وقت لاءِ دٻاءُ ۾ اچي پنھنجو بيان تبديل به ڪيو، پر وري واپس سچائي ڏي موٽي آيو ۽ پنھنجو ھٿ اکر لکيل بيان واپس ورتو ۽ کلندي کلندي باھ ۾ سڙيو. ھُن جا آخري لفظ تمام مشهور آھن ۽ تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آھن:
“هيِ هٿ جنهن مون کي مجبور ڪري بيان بدلرايو، ان کي سڀ کان پهرين سزا ملندي.” ائين چئي هُن پنهنجي اُن هٿ کي جنھن سان ھُن معافي نامو لکيو، باهه ۾ سڀ کان پھرين وڌو ۽ پوءِ پنھنجو سڄو جسم باھ جي حوالي ڪيو. جيتوڻيڪ انھن ٽنھي اڪابرن جو باهه جي شعلي ۾ جسم ته جلي خاڪ ٿي ويو، پر سندن خيالن (سوچن) کي باھ ساڙي نه سگھي ۽ وقت سان گڏ اُھي نکري نروار ٿيندا ڦھلجندا ويا ۽ آخرڪار اُھي انڌي تقليد کان آزادي جي صورت اختيار ڪري ويا. اڄ جو يورپ روشن خيالي کي پنھنجي سماج جو حصو بنائي ترقي جي راھن تي گامزن ٿي چڪو آھي ۽ وري اسين آھيون جيڪي جھاليت جي دٻڻ ۾ ڦاٿل آھيون. انڌي عقيدت ۽ انڌن مرشدن ماڻھن جو جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو آھي.
شخصي آزادي جي لاءِ جان ارپيندڙ انھن شھيدن جي ياد ۾ کڙو ڪيل يادگار ڏسي اُن کانپوءِ آئون براڊ اسٽريٽ آڪسفورڊ(Broad Street Oxford) ۾ اُن ڀيڻي تي ويس جتي اُنھن عظيم انسانن کي ساڙيو ويو ھو. جيئن ته اُنھن کي ساڙڻ بعد اُنھن جي باقيات (رَک) درياءَ حوالي ڪئي وئي ھئي ۽ ظالم پادرين اُنھن جون قبرون ٺاھڻ جي اجازت به نه ڏني ته متان اُھي مرڻ کانپوءِ به نه اُنھن جي ننڊ ڦٽائين ۽ سندن فتوائن جا دڪان بند ڪرائين. انھيءَ ڪري اُن ڀيڻي تي جتي اُنھن کي باھ جي حوالي ڪيو ويو ھو، اُتي فقط سڙڻ جا نشان ئي رھجي ويا آھن، جن کي محفوظ ڪيو ويو آھي ۽ سياح اڄ به اهو هنڌ ڏسڻ اچن ٿا. آئون اھو ھنڌ جتي اُھي شھيد جلايا ويا ھئا ڏسي ندي چارويل ڏي نڪري ويس. بلڪل سانتيڪي ماحول ۾ مسلسل وھندڙ ندي جي ڪناري تي ويھي گھڙي پل لاءِ سوچڻ لڳس، “ڪو وقت ھو جڏھن ھِتي اظھار جي آزادي جي ڳالھ ڪندڙن کي جيئري جلايو ويو ھو ۽ اڄ هتي شاگرد، اُستاد ۽ ھر مڪتبهءِ فڪر جا ماڻھو آزاد ۽ کليل ماحول ۾ بحث مباحثا ڪن ٿا.” منھنجون نظرون وري ندي جي روان دوان وھڪري ڏي کڄي وڃن ٿيون ۽ ٻيھر سوچڻ لڳان ٿو.” انساني جسم ته قيد ڪري يا جلائي سگھجن ٿا، پر سوچن کي ڪٿي ٿو جلائي خاڪ ڪري سگھجي؟ ۽ ڪھڙو آمر يا جابر اُنھن تي بند ٻڌي سگھي ٿو؟ سوچن جو سلسلو ته سگھارو آھي، اُھو نه ڪنھن جي چوڻ يا دٻاءُ سان ڪڏھن رڪيو آھي ۽ نه رڪندو.
ساٿ ھلندو رھي، لاٽ ٻرندي رھي. (اياز)
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟