مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻيون

بلاگ

ڪهاڻي: چڪ نمبر اوڻونجاهه

ڪوٽ راڌا ڪرشن جي ڳوٺ چڪ نمبر اوڻونجاهه جون هوائون هميشه جيان دونهاٽيل، دونهاٽيل هيون، هو کٽ تي ليٽيل هو ڳڻتي ۾ ورتل، هيسيل، بت بخار ۾ ورتل ان ڏينهن جيان جنهن ڏينهن تي شمي ۽ شهزاد کان سڀ جدا ڪيا ويا، اهو منظر سندس اکين ۾ پيل ڪک هو، ان ڏينهن به ڳڻتي ڳارو ۽ مٿان واري جي بخار کيس نيستو ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري بٺي تي ڪين ويو هو، بٺو گهر کان سڏ پنڌ تي هو، ان ڪرت ۾ سڀ گهر ڀاتي ڀاڱيوار هئا، گهر جو هر هڪ ڀاتي قرضي هو، هن پاسو ورايو بدن مان سور جا ٽڙڪاٽ نڪري ويس، اکيون بند هئس، اکين ۾ ڪک چڀڻ لڳس، اوچتو رڙين تي اک کلي پيس، شمي جي ماءُ فقيري ڏي وڌندي ٿي آئي منهن ۽ مٿي کي ڌڪ هڻندي دانهن ڪئي، اُٿ فقيرا ٺيڪيدار ۽ ان جا ساٿي شمي ۽ شهزاد کي باهه ۾ جيئرو ساڙڻ لاءِ کوري ڏانهن وٺي پيا وڃن،

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: اداس مُرڪ

هوءَ مسلسل کڙڪيءَ ڀر سان بيٺي هئي۔ بلڪل اداس ۽ ملول۔ اک آسمان ۾ کُتل هُئس. ڄڻ پروردگار سان خاموش شڪايت ڪندي هجي۔ ڄڻ آسمان تي ڪا مبهم تحرير پڙهندي هجي، پر آسمان تي ته ستارن جي تحرير لکيل هئي۔ تارن جي ڪڙيءَ ۾ تقدير جي تحرير کي ڪيئن ٿو پڙهي سگھجي۔ ڪاتب تقدير ته جيڪو لکيو آهي سو ته لوح قلم ۾ محفوظ آهي۔ جنھن کي نه پڙھي سگھجي ٿو نه ئي ان تحرير کي مٽائي سگھجي ٿو۔ هوءَ جيڪا تحرير آهي سا ته پٿر تي لڪير آھي، اٽل آهي، اڻٽر آهي۔

ڪهاڻيون

پيءُ جي ڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه (ڪهاڻي-حصو آخري)

منافقي جي حوالي سان ڪو اسان وارو سماج اڪيلو ڪونهي. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا سماج هئا جن ۾ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي ڪا ڇوڪري وڻي ويندي هئي ۽ هو ان کي منع ڪندي هئي ته اهو همراهه ان ڇوڪري سان جنسي ڏاڍائي ڪري سندس پيءُ کي چاندي جا ٽيهه ٽڪرا ڏئي پاڻ سان وٺي ويندو هو ۽ پو ان ڇوڪري جا کٽن ڀاڳ ان جو پيءُ يا ڀائرن سان ڪوبه واسطو ڪونه رهندو هو.

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: لوڊو اسٽار

بيڊ تي اونڌي ليٽي هن سوچڻ شروع ڪيو: “جيڪر منهنجي اڪيلائپ ختم ٿي پئي، هاڻي ته هن زندگي مان بيزاري ٿيڻ لڳي آهي.” پنجٽيهه سالن جي سورٺ ڪجهه ڏينهن کان پنهنجي اڪيلائي جي ڪري پريشان رهڻ لڳي هئي. ڪاليج ۾ به ڇوڪرين جو پريڪٽيڪل وٺندي وٺندي هو خيالن ۾ گم ٿي وئي هئي. ڪيتري ئي دير هو ڪنهن شاگردياڻي جي پريڪٽيڪل جرنل کي ويران نظرن سان تڪيندي ٿي وئي.

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: حاڪم

منهنجي ديس تي گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان ڪاري رات ڇانيل آهي. هتي رڳو حاڪم جو حڪم هلندو آهي، حاڪم پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿيندو آهي، پر سندس ڇاڙتا حڪومتي وهنوار هلائيندا آهن. جن کي ڏسي لڳندو آهي، اهي حاڪم آهن، پر اصل حاڪم منهنجي ديس تي ڪاري رات ڪريو ويٺو آهي. هن کي سوجهري کان ڊپ لڳندو آهي، اهو بتيءَ يا ڏيئي جو سوجهرو ڪونهي،

ڪهاڻيون

پيءُ جي ڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه (ڪهاڻي-حصو چوٿون)

“مان هڪ قبيلي جي سردار جي ڌي هئس جڏهن رومي سپاهين اسان جي وسندين تي حملو ڪيو ته اسان جي سڀني مردن کي ماري ڇڏيو ۽ عورتن سان ڏاڍائي ڪري غلام طور شهر ۾ وڪڻڻ شروع ڪيو. مان ڪنهن نموني جان بچائي ڀڄي نڪتيس ۽ شهر جي گهٽين ۾ رلڻ لڳيس. مان بُک ۾ بدحال ٿيڻ لڳيس جنهن کان به مدد ٿي گهريم ان مون مان جنسي باهه وسائڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي.

ادب

ڪهاڻي: ڏهه جريب

پاڻهي پيئي سُئي سڳي کي سوريندي، ڳالهه پڌري پٽ ٿي پوندي، “هون” وڃ ۽ ور، کن مان پل نه ٿئي. هو به حڪم سڻندي واھ مينھن ٿي ويو ڪچڙي منجهند ٽاڻو ھو، ڪمري ۾ وڇايل کٽ، جنهن جا پاوا رڱيل ھئا، ويٺي سرڪاري ڪاغذ اُٿلايائين، ماڻس به موڙو سوري اچي ڀر ۾ ويهي رهيس. ابا ھيڪي ڳالھه ڪئيان جي ڇڙٻين نه ته؟

وڌيڪ لوڊ ڪريو