مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻيون

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: ساحر صاحب (حصو ٻيون)

همراهه پيگ پورو ڪيو ۽ ڇڏيل ڪهاڻي کي اڳيان وڌايائين:
هو بيڊ تي ليٽي عورتن جي دُن بابت سوچڻ لڳو. هن سوچيو انسان جو دُن سان گهرو ڳانڍاپو ٿيندو آهي تڏهن ته جڏهن هو ما جي پيٽان نڪرندو آهي ته ناڙي جي ڪري دُن سان ئي جڙيل هوندو آهي. هو جڏهن يونيورسٽي ۾ فلسفي جو شاگرد هو ته هن دُن جي حوالي سان هڪ عجيب ڳالهه پڙهي هئي. اها مستقبل ۾ ٿيندڙ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ انسان جي بقا جي حوالي سان هئي. انسان دُن بنا انسان ئي نه هجي ها، اهو دُن آهي جيڪو انسان کي اهو بڻائي ٿو جيڪو هو آهي. يونيورسٽي جي انهن ئي ڏينهن ۾ هن جي ذهن ۾ هڪ سوال طوفان جيان اڀريو هو:

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: زينو

ڪار جي دري جو شيشو لاٿم ته ٿڌي برف جهڙي هوا اندر لنگهي آئي، سيءُ پاسيرين مان سيسراٽ پئي ڪڍيا، ڊرائيور کي گاڏي بيهارڻ لاءِ چيم جو سامهون ننڍڙي دڪان تي سائي ڀاڄي تي نظر پيم، بهه، سرنهن ۽ پليءَ جو ساڳ، گلابي گوگڙو، ڳاڙهن ٽماٽن جي رنگ پري کان ئي تازگي جو احساس ڏياريو، واڌو واهه جي ڪپر تي ڊرائيور گاڏي کي سلو ڪري ايٿوپين ٽيڪ ۽ نم جي وڻن جي قطار هيٺ گاڏي کي بيهاريو، کيس بهه سرنهن جو ساڳ، سائي ٿوم ۽ گوگڙو جي خريداري لاءِ پئسا ڏنم، منهنجي نگاهه روڊ کان هيٺ ميدان ۾ جهوپڙين، تي پئي، عارضي گهر ڦاٽل رلين سان جڙيل اتر جي ٿڌي هوا کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل هئا، تازو لڏو لٿو هو، مرد جهوپڙين اڳيان ڪي اندر ستل هئا ۽ ٻاهر ٻار پئي نظر آيا، ٻار انگ اگهاڙا، هڪ ٻئي پٺيان پئي ڊوڙيا هڪ ٻئي سان کيچل پئي ڪيائون، مرد گدلا ۽ سست پئي نظر آيا،

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: شرڌا جا گل

پلّويءَ جو ايندڙ وقت آڪاش سان ايترو ته گنڍجي ويو هو جو ھوءَ ڪلپنائن ۾ به پنھنجي وجود کي ھُن کان جدا نٿي ڪري سگھي۔ ھوءَ اُنھن يادگيرين جو ڇا ڪندي؟ اُهي واعدا جيڪي هنن ٻنھي ھڪٻئي سان پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ ڪيا هُئا؟ اُنھن يادگيرين جو درد پَل پَل سندس ساهه ۾ ڌڙڪن وانگر اچي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته چڀيل ڪوڪي وانگر ڦاٿل ئي رھندو هو۔ ھوءَ ڄاڻي ٿي ته ھن ڄار مان ٻاهر نڪرڻ ناممڪن ۽ بيڪار آھي۔ ھن تڙپ ۽ ناقابل برداشت درد مان نجات حاصل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي، ھوءَ پنھنجي پيار جي راھ تي هر قدم تي ناڪامين کي منھن ڏئي رھي ھئي۔ شايد سندس قسمت ۾ اِھو ئي لکيل هو۔

ڪهاڻيون

چاچي شھزورَ جو ڪارنامو (ٻارن لاءِ وندرائيندڙ ڪھاڻي)

دڪان آڏو بيٺل موٽرسائيڪل سڃاڻي، فھد سمجهي ويو ته چاچا شهزور، سندس پيءُ سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ آيو آھي.
چاچو شهزور پوليس کاتي ۾ ڪم ڪندو ھو. توڙي جو ھو فھد جي پيءُ اعجاز احمد کان ڄمار ۾ گهڻو وڏو ھو پر پوءِ به ھنن ٻنهي جي پراڻي ۽ گهاٽي دوستي ھئي. چاچي جي بدلي جڏھن به ھِنَ شھرَ ۾ ٿيندي ھئي ته ھڪ نه ٻئي ڏينھن ڪچھريءَ لاءِ اعجاز جي ريزڪي سامان واري دڪان تي ضرور ايندو ھو.

ڪهاڻيون

ڪھاڻي: لڙڪن جو سمنڊ

عيني؟ ھون،
تون ڇا ٿي سمجھين ته آئون توسان دوکو ڪري رھيو آھيان فريب ڪري رھيو آھيان..!؟
“مون ته ائين ڪونه چيو” عيني منھن تي آيل وارن جون چڳون هٽائيندي چيو. پوءِ ھيءَ ھيڏي وٿي ڇو؟ عيني ڇو؟ ھيءَ ھيڏي وڏي فيصلي تي به تون ماٺ ڇو. مون روئڻهارڪي آواز مان عيني کان پڇيو.

ڪهاڻيون

ريخته ڪهاڻي: هڪڙي چاٻي

اڄ صبح کان وٺي، ٽيون دفعو ايئن ٿيو ھو جو پرس مان ڪجھ ڪڍندي، سندس پوئين گهر جي چاٻي ھٿ ۾ چڙهي پئي آئي… سڌير جي گهر جي.
سڌير کي ڇڏئي، سال ٿيڻ وارو ھئس يا ٿي ويو ھئس. ليڪن اڃان تائين به پرس جي کٽ کوٽ ڪندي، اگر اھا چاٻي سندس ھٿ کي لڳندي آهي ته سندس دل چوندي آھي ته ٽيڪسيءَ جو رخ، اوڏانھن ڦيرائي ڇڏي. چئي ڇڏي ٽيڪسيءَ واري کي ته؛ “ايڏانھن نه، ھيڏانھن ھل! مون ھاڻي ھاڻي، مڙس مٽي ڇڏيو آھي.”

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: ساحر صاحب (حصو پهريون)

ڪراچيءَ جي هڪ پوش علائقي جي هڪ مشهور ڪلب جي ڪشادي هال جي ڪنڊائتي ٽيبل ڏانهن چاليهه سالن جو ساحر احمد هلندو آيو ۽ ڪاري رنگ جي گول ڪرسي ڇڪي ان تي ويهي ٽيبل جي چمڪندڙ شيشي ۾ پنهنجو منهن ڏسڻ لڳو. هن پنهنجي شيو ٿيل منهن جو عڪس ڏٺو ته منهن تي مرڪ اچي ويس. خبر ناهي اهو ڪمال هال ۾ چمڪندڙ لائيٽن جو هو يا سچ به هن جي منهن ۾ هوريان هوريان نور موٽي رهيو هو. گذريل ٻن سالن کان جڏهن کان هو ڪلب جو ميمبر ٿيو هو هن ئي ڪنڊائتي ٽيبل تي ئي ويهڻ لڳو هو ۽ هاڻي اسٽاف اها ٽيبل هن لا ريزرو ڪري ڇڏي هئي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو