مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: زينو

ڪار جي دري جو شيشو لاٿم ته ٿڌي برف جهڙي هوا اندر لنگهي آئي، سيءُ پاسيرين مان سيسراٽ پئي ڪڍيا، ڊرائيور کي گاڏي بيهارڻ لاءِ چيم جو سامهون ننڍڙي دڪان تي سائي ڀاڄي تي نظر پيم، بهه، سرنهن ۽ پليءَ جو ساڳ، گلابي گوگڙو، ڳاڙهن ٽماٽن جي رنگ پري کان ئي تازگي جو احساس ڏياريو، واڌو واهه جي ڪپر تي ڊرائيور گاڏي کي سلو ڪري ايٿوپين ٽيڪ ۽ نم جي وڻن جي قطار هيٺ گاڏي کي بيهاريو، کيس بهه سرنهن جو ساڳ، سائي ٿوم ۽ گوگڙو جي خريداري لاءِ پئسا ڏنم، منهنجي نگاهه روڊ کان هيٺ ميدان ۾ جهوپڙين، تي پئي، عارضي گهر ڦاٽل رلين سان جڙيل اتر جي ٿڌي هوا کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل هئا، تازو لڏو لٿو هو، مرد جهوپڙين اڳيان ڪي اندر ستل هئا ۽ ٻاهر ٻار پئي نظر آيا، ٻار انگ اگهاڙا، هڪ ٻئي پٺيان پئي ڊوڙيا هڪ ٻئي سان کيچل پئي ڪيائون، مرد گدلا ۽ سست پئي نظر آيا،

ڪهاڻيون

ڪهاڻي: شرڌا جا گل

پلّويءَ جو ايندڙ وقت آڪاش سان ايترو ته گنڍجي ويو هو جو ھوءَ ڪلپنائن ۾ به پنھنجي وجود کي ھُن کان جدا نٿي ڪري سگھي۔ ھوءَ اُنھن يادگيرين جو ڇا ڪندي؟ اُهي واعدا جيڪي هنن ٻنھي ھڪٻئي سان پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ ڪيا هُئا؟ اُنھن يادگيرين جو درد پَل پَل سندس ساهه ۾ ڌڙڪن وانگر اچي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته چڀيل ڪوڪي وانگر ڦاٿل ئي رھندو هو۔ ھوءَ ڄاڻي ٿي ته ھن ڄار مان ٻاهر نڪرڻ ناممڪن ۽ بيڪار آھي۔ ھن تڙپ ۽ ناقابل برداشت درد مان نجات حاصل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي، ھوءَ پنھنجي پيار جي راھ تي هر قدم تي ناڪامين کي منھن ڏئي رھي ھئي۔ شايد سندس قسمت ۾ اِھو ئي لکيل هو۔

ڪهاڻيون

چاچي شھزورَ جو ڪارنامو (ٻارن لاءِ وندرائيندڙ ڪھاڻي)

دڪان آڏو بيٺل موٽرسائيڪل سڃاڻي، فھد سمجهي ويو ته چاچا شهزور، سندس پيءُ سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ آيو آھي.
چاچو شهزور پوليس کاتي ۾ ڪم ڪندو ھو. توڙي جو ھو فھد جي پيءُ اعجاز احمد کان ڄمار ۾ گهڻو وڏو ھو پر پوءِ به ھنن ٻنهي جي پراڻي ۽ گهاٽي دوستي ھئي. چاچي جي بدلي جڏھن به ھِنَ شھرَ ۾ ٿيندي ھئي ته ھڪ نه ٻئي ڏينھن ڪچھريءَ لاءِ اعجاز جي ريزڪي سامان واري دڪان تي ضرور ايندو ھو.

بلاگ

تحريڪ طالبان جي اڀرڻ ۽ مضبوط ٿيڻ جي تاريخ

اها ٻي ڳالھ آهي ته طالبان کي سڀ کان وڌيڪ چندا، امدادون ۽ پئسا عرب ملڪن مان مليا ۽ پوءِ افغانستان اندر ڪڏهن مجاهد، طالبان ۽ ڪڏهن افغان نيم فوجي جوان بڻجي وڙهيا. انهن مجاهدن ۾ ايشيائي ملڪن جا ويڙهاڪ به شامل رهيا، جن کي گهربل تربيت ڏئي جنگي ميدان ۾ موڪليو ويندو هو، جن جي جوش جي اها حد هئي ته ”اهي جهاد في سبيل الله ۾ حصو وٺڻ آيا آهن“ جن جي رجسٽريشن ۽ داخلا پاڪستاني بارڊر تي ٿيندي هئي ۽ تصديقي عمل کانپوءِ انهن کي جهادين ۾ شامل ڪيو ويندو هو. اهو به واضح هو ته انهن سڀني جهادي تنظيمن جا مالي مددگار عرب ملڪ هوندا هئا، پاڪستاني احمدي رشيد (صحافي) جي ڊيٽا جي مطابق 1982 کان 1992 تائين 35 هزار جهادي تنظيمون يا شخص ان ڪار خير ۾ شامل رهيا،

بلاگ

سنڌي ادب جو سرموڙ شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو

عبدالڪريم سومرو/ادل سومرو، محمد صالح سومرو جي گهر 15 آگسٽ 1955ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد هنرمند هو. گهرو ماحول ادبي نه هئس، پر حالتن مطابق سندس اندر جو تخليقڪار اڀري سامهون آيو. ننڍپڻ ۾ ٻاراڻي ادب سان لکڻ ڄي شروعات ڪيائين. سندس ادبي اوسر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو وڏو هٿ رهيو. رشيد ڀٽيءَ جي معرفت سندس ملاقاتون شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ ۽ ٻين ڪيترن اديبن ۽ عالمن سان ٿيون. کيس مطالعي جو جهجهو شوق رهيو آهي. علمي طور ايم اي اڪانامڪس ۾ ڪرڻ بعد هن سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي ڪئي ۽ ان کان پوءِ پي ايڇ ڊي ڪيائين. جنهن جو موضوع ”سنڌي ادبي سنگت: تاريخ ۽ ڪردار آهي“. جا ڊگري ڊاڪٽر ادل صاحب 1999ع ۾ ورتي. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ ڪم ڪيائين. جتي سنڌي شعبي جو چيئرمين رهيو ته شيخ اياز چيئر پڻ سنڀاليائين.

بلاگ

ايران پاڪستان گئس منصوبو حڪومت جي سفارتي اهليت لاءِ چئلينج

پاڪستان جي بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف واضح طور چيو آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ گئس منصوبي جو ٿيل معاهدو تڪميل تي نه پهتو ته نه صرف پاڪستان ايل اين جي جي صورت ۾ مهانگي گئس خريد ڪرڻ تي مجبور هوندو ۽ ايران کان ملندڙ انتهائي سستي گئس کان محروم ٿيندو، جنهن جي ڪري توانائي جو بحران ملڪ اندر وڌندو، پر ان سان گڏوگڏ ايران جيڪڏهن عالمي عدالت ۾ ويو ۽ پاڪستان جي مٿان ڏنڊ وڌو ويو ته اهو ڏنڊ 18 بلين ڊالر تائين ٿي سگهي ٿو.

خاص

سمرقند (قسط ڇٽيهين)

اوڀر جي بيداري جي موقعي تي اتي موجود هجڻ هڪ اعزاز هو- اهي شديد جذبا، گرم جوشي ۽ شڪ جا لمحا هئا- ڪهڙا خيال، تابناڪ ۽ شيطان صفت ٻئي، ان جي ننڊاکڙي ذهن ۾ پيدا ٿي سگهيا ٿي؟ هو جاڳڻ کانپوءِ ڪهڙو عمل ڪندو؟ ڇا هو انهن ماڻهن تي جن کيس لوڏي ڇڏيو هو انهن مٿان هو سخت حملو ڪرڻ وارو هو؟ مون کي پڙهندڙ جا خط ملي رهيا هئا جن ۾ مستقبل جي پيشنگوئين جون تڪليف ڏيندڙ درخواستون هيون- کين 1900ع ۾ پيڪنگ جي “باڪسر بغاوت” اڃان تائين ياد هئي، غير ملڪي ڊپلوميٽ جن کي يرغمال ڪري پڪڙيو ويو هو اهي تڪليفون جيڪي حملا آور فوج کي عمر رسيده ملڪه، هيبتناڪ “دختر سماءَ” کي منهن ڏيندي پيش آيون، ۽ اهي ايشيا کان ڊنل هئا- ڇا ايران ان کان مختلف هوندو؟ مون ان جو جواب ڏاڍي تاڪيد سان “ها” ۾ ڏنو، اڀرندڙ جمهوريت تي اعتماد ڪندي- حقيقت ۾ هڪ “دستور” هاڻي هاڻي لاڳو ڪيو ويو هو، گڏوگڏ شهرين جي حقن جو دستورِ عمل هو- روز نوان نوان ڪلب وجود ۾ اچي رهيا هئا، اخبار به- هڪ مهيني جي اندر اندر نوي روزانه ۽ هفتيوار اخبارون جاري ٿيون هيون-

بلاگ

ليلا رام جي ڪتاب مِٽي خوشبو- ماڻھو خوشبو تي ويچار…

شاعريءَ جي وسيع خوشبودار ميدان تي روز شاعرن جي شاعريءَ جا شھپارہ ڇپجي پڌرا ٿيڻ جو سلسلو جاري رھندو اچي انھيءَ وڻندڙ مھڪدار چمن ۾ شاعر سائين ليلا رام به پنهنجو تازو خوشبودار گل شامل ڪري سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ شاھوڪار ڪرڻ تي جس لھي ٿو. ڀلي ليلا رام پاڻ کي وڏو شاعر نٿو سمجهي، پر ھو گهڻ پاسائين صلاحيتون رکندڙ سنڌ ڌرتيءَ جو موچارو ماڻھو ضرور آھي جنھن مان سدا بھار جي خوشبو چمن کي چوڏس گھڻو معطر ڪري ڇڏي ٿي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو