مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون

بلاگ

موهن جي دڙي جهڙو مثالي ڳوٺ (سفر نامو حصو پهريون)

اٿينس (يونان) ۾ ائڪرو پولس عجائب گهر ڏسي، ان ۾ ئي اندر موجود ريسٽورينٽ ۾ ڪافي پيئڻ لاءِ ويٺس ته منهنجي ئي ٽيبل جي سامهون واري ڪرسيءَ تي ويٺل هڪ ليڊي فارينر سان هيلو هاءِ کانپوءِ سٺي ڪچهري مچي وئي. هُن ٻڌايو ته، ”هُوءَ سوئيٽرز لينڊ سان واسطو رکي ٿي.“ ۽ پوءِ هُوءَ پنهنجي ملڪ جي خوبصورتي ۽ اتي جي ڳوٺن ۽ شهرن جي صفائي سٿرائي، پلاننگ وغيره بابت ٻڌائڻ لڳي. مون ٻڌايومانس ته، ”آئون ويجهڙائي ۾ اوھانجو ملڪ گهمي آيو آهيان، اوھانجو چوڻ بجا آھي، سئٽزرلينڊ واقعي خوبصورت ۽ سڌريل ملڪ آهي.“

بلاگ

پيٽرول جي اگهه ۾ ايندڙ پندرهن ڏينهن جي لاءِ لاٿ

وفاقي سرڪار ايندڙ پندرهن ڏينهن جي لاءِ اوگرا جي سفارش تي پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق پيٽرول 8 رپيا 67 پئسا ۽ ڊيزل تقريبن 7 رپيا سستو ٿي ويو آهي. وفاقي سرڪار انهيءَ لاٿ کي پاڪستان جي عوام جي لاءِ 14 آگسٽ جو تحفو چئي رهي آهي.

بلاگ

ڊائري جا ورق

اسان جي هيءَ سنڌ هر دور ۾ اهڙا جوان پيدا ڪندي رهي آهي، جن هميشه حق، سچ ۽ امن لاءِ پنهنجي وطن، قوم ۽ عوام لاءِ پنهنجا وجود وقف ڪري، وطن جو مان مٿانهون ڪيو آهي.موجوده دور ۾ اهڙو ئي هڪ دودو، شينهن مڙس، فاضل راهو آهي، جيڪو غريب ۽ مسڪين هارين نارين واري وڏي اڪثريت جي آزادي لاءِ پنهنجي تن من ڌن سان، ويرين ۽ ظلمن سان ٽڪر کايو بيٺو آهي.فاضل، جيڪو لاڙ جي بدين ضلعي جي هڪ وڏيرڪي خاندان جو فرد آهي، پر جڏهن کان هن شعور سنڀاليو ۽ کاهوڙين جي سنگت جو ساٿي ٿيو، تڏهن کان هن جيڪا عظيم انقلابي راهه ورتي آهي، ان تي تمام سچائي سان هو اڳتي پيو وڌي. هن دور ۾ مظلومن لاءِ وڙهڻ تمام گهڻي ڏکي ۽ ڊگهي جدوجهد آهي، فاضل به انهيءَ راهه تي هلندي تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڄ تائين هن جو هر قدم هارين ۽ پورهيتن جي حق خاطر اڳتي وڌيو آهي، فاضل جو قدم پٺتي ٿي ئي نٿو سگهي.

بلاگ

جشن آزادي خوشين ڀريو ڏهاڙو

پاڪستان جي قيام لاءِ يقينن ملڪ جي سمورن صوبن جي عوام جانين جون عظيم قربانيون ڏيئي هيءُ ملڪ آزاد ڪرايو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، جنهن لاءِ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مخلصانه ۽ قائدانه صلاحتين جو چرچو هر جاءِ تي ٿيڻ لڳو. قائد اعظم محمد علي جناح تاريخ جو هڪ اڻ مٽ تسلسل بڻجي هڪ ئي وقت انگريز سامراج ۽ تعصب پرست ۽ ڪٽر ماڻهن کان آزادي ورتي، پر انهيءَ آزاديءَ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي وڪالت ذريعي پنهنجي ملڪ جو ڪيس وڙهڻ سميت هر محاذ تي ملڪ جي دفاع ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط سياسي گرائونڊ تيار ڪرڻ لاءِ به هڪ پليٽ فارم جوڙيو هو.

بلاگ

14 آگسٽ، آئين پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو

اڄ اسين ملڪ جي تاريخ جو 77 هون آزاديءَ جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. پوري پاڪستان جي عوام کي آزاديءَ جون واڌايون. يقينن آزادي نعمت آهي، پر ڇا ان نعمت مان پوري پاڪستان جي عوام کي فائدو ٿيو آهي؟ اهو سوال اسان ملڪ ۾ حڪومت اندر ويٺل ماڻهن ۽ رياستي ادارن جي اهم عهديدارن لاءِ رکون ٿا.

بلاگ

ڪتاب تي تبصرو: احساسن ۽ دردن جي ڪٿا

هن وقت منهنجي سامهون جيڪو ڪتاب آهي، اُهو اُنهيءَ شخص جو آهي. جنهن وٽ احساسن جو خزانو آهي. بي حس سماج ۾ حساس هجڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. سو، هي شخص به اِهي عذاب ڀوڳيندو رهي ٿو. اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون سائين آصف جمالي صاحب جو ۽ سندس تازو شايع ٿيل ڪتاب “شهر ڪٿا” جو، جنهن ۾ تلهار شهر جي تاريخ غير روايتي انداز ۾ لکيل آهي.

ڪهاڻيون

ڪھاڻي: لڙڪن جو سمنڊ

عيني؟ ھون،
تون ڇا ٿي سمجھين ته آئون توسان دوکو ڪري رھيو آھيان فريب ڪري رھيو آھيان..!؟
“مون ته ائين ڪونه چيو” عيني منھن تي آيل وارن جون چڳون هٽائيندي چيو. پوءِ ھيءَ ھيڏي وٿي ڇو؟ عيني ڇو؟ ھيءَ ھيڏي وڏي فيصلي تي به تون ماٺ ڇو. مون روئڻهارڪي آواز مان عيني کان پڇيو.

وڌيڪ لوڊ ڪريو