روزانه همسري 22 مئي 2024
Daily Humsari Newspaper 22 May 2024
Daily Humsari Newspaper 22 May 2024
پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي اچڻ جو وڏو ذريعو ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني مزدور آهن. هڪ اندازي مطابق اهي هر سال 30 ارب ڊالر کان مٿي جو پرڏيهي ناڻو پاڪستان موڪلي رهيا آهن.
ايران جي شهر تبريز کان واپس موٽندي ايراني صدر ابراهيم رئيسي سان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ سندس ۽ ساڻس گڏ تبريز جي گورنر ۽ وزير خارجه ايران جي فوتگي جي تصديق ٿي چڪي آهي.
چون ٿا ته طاقتور ملڪن جون ملڪي خاص طور سياسي اقتصادي پاليسيون ڊگهي عرصي لاءِ جوڙيون وڃن ٿيون، حڪومت ۾ ڪهڙيون به پارٽيون اچن يا وڃن، انتظاميه ۽ عدليه ۾ ڪيتريون به تبديليون ٿين، پر پاليسيون جاري ۽ ساري رهن ٿيون، مڪمل ٿين ٿيون. اهي ملڪ ترقيءَ جا ڏاڪا تيزيءَ سان چڙهندي پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ سک ۽ سهولتون مهيا ڪندا رهن ٿا.
19 مئي جي شام ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جو هيليڪاپٽر آذربائيجان جي جبل واري علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو هو. جنهن سبب ايران سميت پوري دنيا هڪ ڏکوئيندڙ لمحي ۾ وقت گذاري رهي هئي ۽ ابراهيم رئيسي جي زنده بچي وڃڻ لاءِ پڻ دعائون ڪري رهي هئي، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو اميدون آسرا سڀ ختم ٿيندي نظر اچي رهيا هئا آخر اهو به وقت آيو جنهن پوري دنيا جي نيوز چئنل ۽ سوشل ميڊيا تي اها ڳالهه گردش ڪرڻ لڳي ته ابراهيم رئيسي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، هو هيليڪاپٽر جي حادثاتي ۾ موت جو شڪار ٿي ويو آهي.
Daily Humsari Newspaper 21 May 2024
ملڪ ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ وڏو اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. رڳو گذريل مهيني جو رڪارڊ ڏسجي ته ڪمپيوٽر سان لاڳاپيل انهيءَ ٽيڪنالاجي جي برآمد ۾ واڌ ٿي آهي. جيئن ته موجود عهد جا علم ۽ ترقي جا مختلف شعبا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي بنياد رکن ٿا.
Daily Humsari Newspaper 20 May 2024
ڪجھ سالن ۾ ڪاپي ڪلچر ايترو ته وڌي ويو آهي جنهن جو ڪو ڪاٿو لڳائڻ ڀي ڏکيو ٿي ويو آهي، هاڻ ته ڪاپي ڪلچر اسان جي نوجوان نسل جي رڳن ۾ زهر ڀرجي ڊوڙي رهيو آهي، هتي ته ننڍي وڏي امتحان ۾ هڪ جوهري هٿيار طور ڪاپي کي استعمال ڪري فخر محسوس ڪيو وڃي ٿو.
هن ڳالهه تي سمورا پاڪستاني متفق ٿي سگهن ٿا ته بيشڪ ملڪ جو تعليمي نظام ڏيوالپڻي جو شڪار آھي. حالانڪه اها صورتحال ته شروع کان ئي جيئن جو تيئن رهي آھي، پر هن وقت واريون حالتون نهايت ئي خطرناڪ ڏيک ڏين ٿيون.
آءِ ايم ايف ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ڪيش جي ڏيتي ليتي ۾ ٽيڪس ۾ اضافو تجويز ڪيو آهي. انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ اصل ۾ اهو چاهي ٿو ته ملڪ ۾ ٽيڪس جي وصولي وڌي ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ڏيتي ليتي تي اضافي ٽيڪس لڳائي اهڙن ماڻهن جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي. جيڪو به ڪاروبار ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ٿئي اهي فائلر ڪن.
Daily Humsari Newspaper 19 May 2024