مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاگ

بلاگ

صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ڪنهن به حڪومت جو پهريون فرض آهي

سنڌ حڪومت کان جڏهن به عوام جي سهولتن جي لاءِ سوال ڪيا ٿا وڃن ته هنن وٽ هڪ پوري لسٽ موجود هوندي آهي، جيڪا بنا ڪنهن رڪاوٽ جي هر جڳهه تي ڪيسٽ وانگر وڄائيندا رهندا آهن، پر جڏهن به سرڪاري انگ اکر سامهون اچن ٿا ته سنڌ حڪومت جي پت وائکي ٿي وڃي ٿي. هن وقت به پاڻيءَ جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي پت وائکي ٿي آهي.

بلاگ

حماس ۽ اسرائيل جي هٿيارن جو جائزو (حصو ٻيو)

هي ٽينڪ ايندڙ سال يعني 2025 تائين مرڪوا ايم ڪي فور ٽينڪ کي مڪمل طور تي ريپليس ڪري ڇڏيندو. اسرائيل جي مرڪوا ۽ حماس جي آر پي جي سيون کان علاوه به ٻنهي ڌرين هن جنگ ۾ ڪيترن قسمن جا ٻيا هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن. جيئن ته اسرائيلي سپاهين وٽ ٽي اهم آرٽلري هٿيار به آهن، يعني پري کان دشمن تي فائر ڪرڻ وارا زميني هٿيار. انهن ۾ پهريون هٿيار “آئرن اسٽنگ مارٽر” يعني گولا آهي.

بلاگ

منهنجو مُحسن منهنجو بابا سانوڻ هنڱورجو

سونَ ورني سنڌ ڌرتي جي اوڀر پاسي واري ڪنڊ تي آباد هڪڙو حَسين خطو ٿرپارڪر پُڻ آھي، جيڪو هر لحاظ کان مالامال آھي، هن خطي تي اهڙين انمول هستين جنم ورتو آھي جن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ نه رڳو پنهنجي علائقي، پنهنجي خِطي جو نالو روشن ڪيو آھي مگر پنهنجي ڌرتي جو نانءُ پُڻ سونن اکرن ۾ لکرايو آھي، ٿر جي مُکيه شهر مٺي جيڪو ضلعي هيڊڪوارٽر پُڻ آھي انهي گڍي جي هنج ۾ آباد مٺي شھر کان 14 ڪلو ميٽر جي مُفاصلي تي اوڀر طرف اسلام ڪوٽ روڊ تي ڳوٺ ٻُگهار هنڱورجا ۾ ھڪ پورهيت ۽ هاري جي گهر ۾ 14 آگسٽ 1958ع ڌاري اک کوليندڙ سانوڻ هنڱورجو پُڻ هڪ آھي. جنهن کي سَموري سنڌ چاچي سانوڻ هنڱورجي جي نالي سان ڄاڻي سُڃاڻي ٿي.

بلاگ

موهن جي دڙي جهڙو مثالي ڳوٺ (سفر نامو حصو آخري)

اوڀاري لهواري ڪچهري هلندي مون کي ياد آيو ته ممتاز نظاماڻي جيڪو مون سان 1970ع جي ڏهاڪي ۾ مسلم ڪاليج ۾ گڏ پڙهيو هو ۽ پوءِ يونيورسٽي ۾ به پڙهائي ۽ ڪاليج ۾ نوڪري دوران به ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي، اصل هن ڳوٺ جو آهي، پر گهڻي وقت کان منھنجي هُن سان ڪا ملاقات يا رابطو نه رھيو آهي.

بلاگ

طاقت کي ساڃاهه جي ضرورت

طاقت ۽ ساڃاهه جي ميلاپ سان هڪ پرامن معاشرو جڙندو آهي، رياست کي پنهنجي وجود جي حفاظت لاءِ طاقت جي ضرورت پوندي آهي، هڪ ڪمزور رياست پنهنجي بقا کي قائم نه رکي سگهندي آهي. رياست جي طاقت کي پڻ ساڃاهه ۽ عقل جي اثر هيٺ توازن ۾ هلڻو پوندو آهي. انهيءَ توازن ۾ ساڃاهه ۽ عقل جو پاسو ڪجهه ڳرو هوندو آهي. جيڪڏهن طاقت ساڃاهه جي مٿان غالب ٿي وڃي ته پوءِ معاشري ۾ تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيندا آهن پوءِ جيڪو ماڻهو ۽ رياست جو رشتو آهي ان ۾ يقين، محبت، احترام گهٽبو ويندو آهي ۽ غير يقيني ۽ نفرت جو بنياد پوڻ شروع ٿيندو آهي، جيڪو ان رياست کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻبو آهي. اهو پڻ سچ آهي ته طاقت ۽ ساڃاهه جو ٺاهه پڻ گهٽ هوندو آهي.

بلاگ

بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي نئين لهر

بلوچستان ۾ دهشتگردي جي نئين لهر ملڪ جي ساڃاهه وند ۽ پرامن شهرين ۾ تشويش جي صورتحال پيدا ڪئي آهي. بلوچستان ۾ قومپرست تحريڪ ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلا جيئن ته پراڻا به آهن ۽ انهن ۾ عسڪريت پسندي به شامل رهي آهي. هڪ طرف مرڪز جو انڪار ڪندڙ قوتون آهن ٻئي طرف رياست آهي. مسئلي کي جيڪڏهن چڱيءَ طرح ڏسجي ٿو ته محسوس ائين ٿو ٿئي ته طاقتور ڌرين کي ۽ ملڪ جي سياسي رهنمائن کي انهيءَ جي حل جي ڄڻ پرواهه ئي نه رهي آهي. بلوچستان جيئن ته ملڪ جو ايراضي جي لحاظ کان وڏو صوبو آهي ۽ انهيءَ جي جاگرافيائي اهميت بين الاقوامي سطح تي انتهائي اهم آهي. بلوچستان صوبي جون سرحدون ايران ۽ افغانستان سان ملن ٿيون ۽ ملڪ ۾ گذريل ويهن سالن کان چين جي مدد سان ٺهندڙ ون بيلٽ ون روڊ جو مرڪز به بلوچستان آهي.

بلاگ

ارسا هڪ آئيني ادارو آهي ان سان غير آئيني ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي!

هڪ ته اسان پنهنجي ملڪ کي آئين هيٺ هلائڻ ۾ ڪوتاهي ڪريون ٿا، ان جي مٿان وري جيڪو ڪجهه آئين سان ٿي رهيو آهي. ملڪ جا آئيني ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، صرف هڪ ڌر جي مفاد لاءِ انهن ۾ غير آئيني هٿ چراند ڪريون ٿا، ان سان نه صرف آئين ڪمزور ٿئي ٿو، پر ملڪ ۾ پڻ انتشار پکڙجي ٿو، صوبن جو وفاق تان ڀروسو گهٽ ٿئي ٿو ۽ عوام اندر بيچيني پيدا ٿئي ٿي. اهڙي قسم جي غير آئيني هٿ چراند اسان کي انڊس ريور سسٽم اٿارٽي جنهن کي عرف عام ۾ ارسا چيو وڃي ٿو ۾ ٿيندي نظر اچي ٿي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو