(تاثر) ڪارونجهر
(Impression) Karoonjhar by Bakhtawar Razaq Dars
(Impression) Karoonjhar by Bakhtawar Razaq Dars
Daily Humsari Newspaper 2 September 2024 Editorial
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “رٺو نه پرتو ۽ ڇنل نه ڳنڍيو ته ڪاڄ ڪيئن ٿيندو” ملڪ جي سياست ۾ جيتوڻيڪ جي يو آءِ (ايف) صرف 8 سيٽن سان قومي اسيمبلي ۾ موجود آهي، ان جي باوجود مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ (ايف) جي سربراهه طور الڳ حيثيت برقرار رکي آهي. چونڊن ۾ سيٽون گهٽ کٽڻ باوجود پوري ملڪ ۾ سندس ڪارڪنن جو چڱو خاصو تعداد موجود آهي، هن وقت جي سڀني سياسي پارٽين ۾ جي يو آءِ (ايف) وٽ اسٽريٽ پاور وڌيڪ آهي.
سموري سنڌ ۾ ڇتي گرميءَ بعد ھنن تازين برساتن جي نقصانن ۽ نااھلين حڪومتي پَت کي وَائکو ڪري ڇڏيو آهي. برسات جيڪا رَحمت سمجهي وڃي ٿي برسات جيڪا قدرتي موسمن جو اھم حصو ھوندي آھي ۽ زراعت سان لاڳاپيل آبادگار وسڪاري جون دعائون ڪندا آهن. وسڪارو جيڪو ٿر جي سوڪھڙي لاءِ بي بھا خزانو ھوندو آھي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو “وسي ته ٿر نه ته بر”.
سنڌ اندر برسات جي تباهي جو ذميوار سنڌ حڪومت کي چئي سگهجي ٿو. ڇو ته چوندا آهن ته علاج کان احتياط بهتر هوندو آهي، پر انهيءَ چوڻي تي عمل نه ٿيندو آهي. ان وقت علاج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، جڏهن بيماري چوٽ چڙهي ويندي آهي. سنڌ حڪومت به هميشه وانگر هن وقت به ائين ئي ڪيو آهي.
عبدالمجيد ولد غلام حسين ميمڻ 11 سيپٽمبر 1931ع تي شڪارپور جي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ جنم ورتو 1948ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، ميمڻ عبدالمجيد ايم اي اسلام ڪلچر ۽ ايم اي ليجن پاس ڪرڻ بعد 1974ع ۾ ”بيان العارفين جي تدوين ۽ اپٽار“ تي مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي پي ايڇ ڊي جي سندَ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي، پاڻ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرر طور ڪم ڪندي اڳيان هلي پروفيسر مقرر ٿيو ۽ پرنسپال جي عهدي تي 1991ع ۾ رٽائر ڪيائين، ڊاڪٽر ميمڻ سنڌيءَ جو سنڌي ادب ۾ پورهيو تمام شانائتو ڳڻيو وڃي ٿو، هن ستر کن ڪتاب لکيا ته انيڪ مضمون ۽ مقالا ڇپيل موجود آهن، پاڻ ادبي محفلن ۽ ڪانفرنسن جو ڪوڏيو هو.
مون سون جي برساتن سبب سڄي ملڪ ۾ بلڪه سڄي خطي ۾ زندگي سخت متاثر ٿي آهي. دريائن ۾ پاڻيءَ جي سطح بلند ٿي وئي آهي ۽ اترين علائقن ۾ گليشيئرز ڳرڻ جي ڪري ۽ برساتن پوڻ جي ڪري دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي. جنهن جي ڪري لينڊ سلائڊنگ سبب ڪيترائي حادثا ٿيا آهن ۽ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون آهن.
موهن جو دڙو ته پنهنجي وقت جي رٿابندي تحت اڏيل خوبصورت شهر هو. اُن جو ته ٽنڊو سومرو سان مقابلو نٿو ڪري سگهجي. پر پوءِ به شاباس آهي هِنن ڳوٺ وارن کي، جن پراڻي شهر کي سنواري سينگاري سهولتن سان ڀرپور ڳوٺ بڻايو آهي، جنهن مان موهن جي دڙي جي خوشبو اچي ٿي.
وفاقي ڪابينا جو اجلاس جيڪو 27 آگسٽ تي ٿيو، ان ۾ دهشتگرديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ آپريشن عزم استحڪام جي خرچن لاءِ 20 ارب رپيا منظور ڪيا ويا. 82 سرڪاري ادارا يا ته تحليل ڪيا ويا يا وري ٻين ادارن ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهو فيصلو وفاقي ڪابينا 22 آگسٽ 2024 تي ٿيندڙ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل سفارشن تي ڪيو، جنهن مطابق وفاقي حڪومت رائيٽ سائزنگ ڪاميٽي جي منظور ٿيل سفارش تحت ڏيڍ لک سرڪاري نوڪريون ختم ڪيون.
مشھور شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه آهي. پاڻ 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي کُٿاب (مڪتب) ۾ ورتائين. ايم. اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري (پارٽ ٽائيم) ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽماهي ”مھراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.
پنهنجي ملڪ جي امن امان جي مجموعي صورتحال بهتر نه رهي آهي. خاص طور تي بلوچستان صوبي اندر بدامني جو جن قابو ۾ اچڻ جو نالو نٿو وٺي. گذريل رات پڻ بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ دهشتگردي جي ظالماڻي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 23 معصوم ۽ بيگناهه ماڻهو بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي انهن جي نشاندهي ڪري ته انهن جو تعلق پنجاب صوبي سان آهي انهن کي شهيد ڪيو ويو، قلات ضلعي ۾ سيڪيورٽي جي عملي تي حملو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ سب انسپيڪٽر پوليس جو، ليويز جا اهلڪار ۽ ڪجهه سويلين ماڻهو مجموعي طور تي 10 ماڻهو مارجي ويا. ريلوي ٽريڪ کي پڻ دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو. بم بلاسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ بولان جي علائقي ۾ ريلوي پل جو هڪ حصو تباهه ٿي ويو جنهن جي ڪري ڪوئيٽا جو ريلوي ذريعي ملڪ سان ڳانڍاپو ختم ٿي ويو.
والدين ھونئن ته پنھنجي اولاد لاءِ رات ڏينھن محنت مزدوري ڪري کين معاشري ۾ جيئڻ لائق بڻائيندا آھن ته جيئن سندن اولاد دنيا جي لاھن چاڙھن کي منھن ڏئي سگھي، پر گھڻو ڪري ٻھراڙين ۾ رھندڙ والدين سندن اولاد طرف توجهه نه ڏيڻ به ڪنھن الميي کان گھٽ ناھي. جتي ھڪ ته غربت سبب اھي پنھنجي گلن جھڙن ٻارڙن لاءِ سهولتون ميسر ڪرڻ کان قاصر ھوندا آھن ٻيو ته سندن اولاد طرف غير ذميواري جو مظاهرو به نظر اچي ٿو جيڪو ڪنھن ظلم کان گھٽ ڪونھي.