مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاگ

بلاگ

ايران جي شهر يزد ۾ زائرين جي بس سان دل ڏاريندڙ حادثو

لاڙڪاڻي کان ڪربلا (عراق) ويندڙ زائرين جي بس ايران جي شهر يزد لڳ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا ويا، ڪيترائي زائرين زخمي ٿيا آهن جن مان گهڻن جي حالت تشويشناڪ آهي، انهن کي يزد شهر جي اسپتال ۾ علاج مهيا ڪيو پيو وڃي.

بلاگ

شاهه جو رسالو ۽ شاهه جي تصوير

اسان سنڌي ڪڏهن سڌرنداسون، اسان سنڌين ۾ شعور ڪڏهن ايندو يا جيڪي فرد ايئن چوندا آهن ته سنڌي جاهل آهن ڇا واقعي به اهي سچ ٿا چون يا بس مڙوئي زبان مان لفظ ڪڍي ٻاهر ڦٽي ٿا ڪن پر جيڪي سنڌين کي جاهل ٿا چون ته لازمي اهي به ايئن سوچي سمجهي سروي ڪري اسان جا افعال ۽ پرڪار ڏسي بعد ۾ ئي ايئن چوندا هوندا ڇو ته هرو ڀرو به ڪير ڪنهن تي ايئن اجائي تنقيد يا اجائي لفظي حملا سو به قومي سطح تي ناهي ڪندو.

بلاگ

بلوچستان جون سياسي حالتون

اصل ڳالھ اها آهي ته شين ۾ مرڪزيت ناهي يا سياسي مسئلن ۽ انهن جي حل جي سينٽر پوانٽ ناهي، ان ڪري ته هڪڙا سياستدان ماڻهن کي ڏٽا ڏئي وٺي ٿا اسلام آباد ڀڄن ۽ ٻيا موسمي سياستدان وري ساڳيا ئي ڪرائي تي آندل ماڻهو ميڙي وٺي ٿا صوبائي حڪومت جي خلاف واويلا ڪري شهرن جا رخ ڪن. حالانڪه اهي سمجهن ٿا اهي موسمي سياستدان پنهنجي تڪ جي ماڻهن جا حالَ ناهن سڌاري سگهيا ته اهي ٻين جو ڇا سڌاريندا؟

بلاگ

ڪلڪتي ۾ ڊاڪٽر موميتا جي حيوانيت ڀرئي قتل ۽ دنيا ۾ ڏک جي لهر…

ڊاڪٽري پيشي کي مسيحائي پيشو سمجھڻ ڪري دنيا ۾ ڊاڪٽرن جي عزت احترام ڪندي سماج ۾ کين “ڊاڪٽر صاحب” جي معتبر لفظن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ڀلي پوءِ جعلي عطائي ڊاڪٽر ڇو نه ھجن، پر ھن ڀڳواني پيشي سان سلھاڙيل ھجڻ ڪري کين عزت سان ڏٺو وڃي ٿو. اسان وٽ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ ڊاڪٽر صاحبان جن ۾ مرد يا عورت ڊاڪٽر اچي وڃن ٿا تن جو وڏو مان رھيو آھي. شاگرد طبقو ڊاڪٽري پيشي کي عزت جي نظرن واري اھميت سان ڏسڻ ڪري “ڊاڪٽر” ٿيڻ کي اوليت ڏين ٿا.

بلاگ

بارشون ٻوڏ جو هڪ واضح ۽ خوفناڪ پيغام

پاڪستان ۾ گذريل مون سون جي برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ هڪ واضح ۽ خوفناڪ پيغام ڏياريندڙ هئي ته تبديل ٿيندڙ موسم مستقبل ۾ وڌيڪ تباهي آڻيندي ۽ رياست وقت سر ڪي جوڳا اپاءُ وٺي. گڏيل قومن جي جاري ڪيل رپورٽ به خبردار ڪيو هو ته نظام بهتر ڪيو ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ کي محفوظ بڻايو. 2023 ۾ بارشن جي گهڻائي جي ڪري ڪجھ علائقا پاڻي هيٺ رهيا ۽ ڪجھ علائقا وري وڏي ٻوڏ واري صورتحال سبب تباهي جو شڪار ٿيا.

بلاگ

وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي هڪ نظر..!

معدني وسيلن سان مالال وچ اوڀر جو خطو ھن وقت عالمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ لکين بي گناھ انسانن جي قتل ۾ ملوث اسرائيل جي وحشت ۽ بربريت سبب عدم استحڪام ۽ غير يقيني واري صورتحال جو شڪار آھي. ھنن حالتن جي تلخي ۾ تيزي تڏھن آئي جڏھن حماس سربراھ جناب اسماعيل ھانيه جي ايران ۾ دردناڪ شھادت ٿي ۽ ايران پاران اسرائيل کي ان واقعي ۾ ملوث قرار ڏئي ان کان بدلي وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو.

بلاگ

اي ڊي خواجه کي ماتليءَ ۾ پنهنجو وسريل ڪم ياد ٿو ڏيارجي

ماتلي ۾ ھر سال سيٺ دريانو مل جي خدمتن جي ياد کي تازو رکڻ لاءِ اي ڊي خواجه صاحب ٻن کان ٽن ڏينھن تائين اکين جي علاج واسطي مفت طبي ڪئمپ قائم ڪرائيندو اچي، جنھن ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم ماڻھن جي اکين جا مفت آپريشن ڪندي آھي، ماڻھن کي اکين جا لينس، دوائون ۽ چشما مفت فراھم ڪيا ويندا آھن ۽ انھن جي خوراڪ جو به بندوبست ٿيندو آھي. خدمت جي ان عمل سان ھر سال سوين مريضن کي فائدو ٿيندو رھي ٿو، جيڪا ڳالھ ساراھ جوڳي آھي. اسان اکين جي علاج جي مفت طبي ڪئمپ جي ھن موقعي تي اڳ ۾ به اھا ڳالھ ورجائي ھئي ۽ ھاڻ به ورجايون ٿا ته اي ڊي خواجه صاحب سيٺ درياني مل جي وفات جي موقعي تي اعلان ڪيو ھو ته ھو ماتلي شھر ۾ سخي انسان سيٺ درياني جي نالي کي زنده ھميشه زنده رکڻ لاءِ ان جي نالي سان ھڪ ادارو قائم ڪندو

بلاگ

وليرام ولڀ جون ترجمانگاريءَ ۾ خدمتون

18 آگسٽ 1941ع تي ٿرپارڪر جي علمي ۽ ادبي طور زرخيز زمين تي جنم وٺندڙ، ديوان ولي رام ولڀ ولد ڪيول رام جو شمار سنڌي ٻولي ۽ ادب جي انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جن پنهنجيون پوريون حياتيون هن لاکيڻيءَ ٻوليءَ جي خدمت ۾ گذاريون. ولي رام ولڀ جي انهن ڪوششن کي سنڌي نثر جي تاريخ ۽ هر دور ۾ مڃتا ملندي رهندي. هن نثر ۾ ڪهاڻيون، ناول، جيون ڪهاڻيون، خط، انٽرويو، مضمون ۽ مقالا لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن. انکان سواءِ تاريخ، فلسفي ۽ مذهب جو موضوعن تي پڻ ڪتاب لکيا اٿن ته درسي ڪتاب جي حوالي سان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون.

بلاگ

سنڌ جي اسڪولن ۾ ست هزار استاد غيرحاضر آهن، ذميدار ڪير؟

چوندا آهن ته ڪنهن گهر جي خوشحالي جانچڻي هجي ته ان جي رڌڻي ۾ ٿيندڙ رڌ پچاءُ کي ڏسجي ته ڪيترا ۽ ڪهڙا طعام روز رڌجن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪنهن گهر جي صفائي جانچڻي هجي ته ان گهر جا واش روم ڏسجن ۽ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ جو اندازو لڳائڻو هجي ته اتان جي تعليمي ادارن کي ڏسجي ته اتي استاد ڪيئن پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهن، ڇو ته تعليم پوري سماج جو بنياد رکي ٿي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو